مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اين آءِ سي وي ڊي جي گورننگ باڊي، دل جي پيوندڪاريءَ جي تياريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اين آءِ سي وي ڊي پاڪستان خاص طور تي سنڌ ۾ دل جي بيمارين جي علاج، تحقيق ۽ تعليم جو سڀ کان وڏو ۽ قديم ترين سرڪاري ادارو آهي. جنهن جو قيام 1959ع ۾ ٿيو ۽ 1963ع ۾ ان جي بلڊنگ جو افتتاح ٿيو. ارڙهين آئيني ترميم کان اڳ هي ادارو 1959ع کان 2011ع تائين وفاقي ماتحتي ۾ ڪم ڪندو رهيو. ارڙهين ترميم کانپوءِ هي ادارو 2011ع ۾ سنڌ حڪومت جي حوالي ٿيو. عذره پيچوهو آگسٽ 2018ع ۾ سنڌ جي صحت واري وزارت جو عهدو سنڀاليو. جڏهن ته جولاءِ 2018ع کان اين آءِ سي وي ڊي تي عملي طور آپريشن شروع ٿي چڪا هئا. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته سنڌ حڪومت جي خراب ڪارڪردگيءَ تي تمام گهڻو ڳالهايو وڃي ٿو ۽ اهو عوام جو بنيادي حق آهي ته اها حڪومت جي خراب ڪارڪردگيءَ تي تنقيد ڪري ۽ بهتر ڪارڪردگيءَ جي گهر ڪري. ڇو ته جيستائين عوامي جمهوري حڪومت بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندي تيستائين سماج ۾ ڪوبه سڌارو نه اچي سگهندو، پر ساڳي جاءِ تي جڏهن حڪومت ڪو بهتر ادارو جوڙي ٿي، بهتر ڪم ڪري ٿي ته ان جي به ڳالهه ضرور ڪرڻ گهرجي. اسان جو ملڪي اردو ميڊيا جيڪو هن وقت اهڙن ڌنڌن ۾ مصروف آهي جيڪي عوام جي خدمت ڪرڻ بجاءِ عوام اندر تعصب ۽ ڪاوڙ پيدا ڪري رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت نه صرف ڪراچي، بلڪه پوري سنڌ ۾ صحت لاءِ تمام بهتر ڪم ڪرڻ طرف عملي ڪوششون ڪري صحت جي شعبي ۾ تمام گهڻا انقلابي ڪم ڪري رهي آهي. جنهن ۾ اين آءِ سي وي ڊي ۾ دل جي پيوندڪاريءَ جون تياريون ڪرڻ لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اين آءِ سي وي ڊي ۾ 85 هين گورننگ باڊيءَ جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ دل جي مريضن کي ننڍڙو مڪينيڪل پمپ لڳائڻ واري سهولت کي ايڊوانس هارٽ فيليئر پروگرام ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان کان علاوه اجلاس ۾ دل جي پيوندڪاري جي پروگرام جون تياريون شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
يقينن جڏهن اهو انقلابي قدم صحت جي ميدان ۾ اين آءِ سي وي ڊي عملي طور کڻندي ته اهو پوري پاڪستان جي تصوير بدلائيندڙ هڪ تاريخي شاهڪار ڪارنامو ثابت ٿيندو. هن منصوبي جي ڪاميابيءَ سان طبي ميدان ۾ جيڪي وڏيون انقلابي تبديليون اينديون ان ۾ پاڪستان ۾ رهندڙ انهن مريضن لاءِ هڪ وڏي سهولت پيدا ٿيندي جيڪي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ به اها سهولت وٺڻ لاءِ وڃڻ جي همت نٿا ساري سگهن. دل جي پيوندڪاري کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته سمجهيو وڃي ته هڪ انسان جي دل جنهن جي ڊونر جو دماغ بلڪل ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي ۽ اهو وينٽيليٽر تي پيل هجي ۽ ان کانپوءِ ان جي دل ڪڍي هڪ اهڙي مريض کي لڳائي وڃي جنهن کي ان جي سخت ضرورت هجي. اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ وڏو ڪارنامو هوندو. جيئن ته ان قسم جي پيوندڪاريءَ جو اڃان تائين پوري پاڪستان جي سرڪاري سطح تي ڪوبه ڪامياب آپريشن ناهي ٿيو، پر اين آءِ سي وي ڊي پاران اهي تياريون سرڪاري اسپتالن ۾ پنهنجي نوعيت جون پهريون تياريون ۽ تاريخي قدم آهن. 2023ع ۾ آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي (AFIC) راولپنڊي ۾ هڪ ڪوشش ڪئي وئي، پر اهو آپريشن ڪامياب نه ٿي سگهيو. هن وقت اين آءِ سي وي ڊي مڪينيڪل پمپ جو پهريون سرڪاري ادارو آهي جنهن جولاءِ 2018ع کان آرٽيفيشل دل (LVAD) لڳائڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ سرڪاري يا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت جگر ۽ گردن جي پيوندڪاري ايس آءِ يو ٽي ۽ گمبٽ انسٽيٽيوٽ ڪاميابيءَ سان ڪري رهيا آهن، پر قدرتي دل جي پيوندڪاري ۾ اين آءِ سي وي ڊي پهرين سرڪاري اسپتال هوندي جتي هي نئون سنگ ميل عبور ڪيو ويندو. اين آءِ سي وي ڊي سنڌ حڪومت جي سربراهيءَ ۾ نه صرف سنڌ، بلڪه پوري پاڪستان جي ٻين صوبن پنجاب، بلوچستان، ڪي پي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان مان آيل مريضن کي مفت علاج فراهم ڪري رهيو آهي. اين آءِ سي وي ڊي هن وقت سنڌ جو “فليگ شپ” ادارو ۽ قومي اثاثو آهي، جنهن تي سڄي سنڌي قوم کي فخر هجڻ گهرجي.
سٺي ڳالهه اها آهي ته اجلاس ۾ اين آءِ سي وي ڊي جي ڊاڪٽرن، نرسن، فيڪلٽي ۽ ٻين ملازمن جي ترقي ۽ اپگريڊيشن جي عمل کي موجوده 2016ع جي سروس رولز تحت اڳتي وڌائڻ جي به اجازت ڏني وئي آهي. اميد آهي ته سنڌ حڪومت جنهن دلچسپي سان اين آءِ سي وي ڊي، ايس آءِ يو ٽي ۽ گمبٽ انسٽيٽيوٽ (GIMC) کي ڪاميابي سان ترقي ڏئي رهي آهي، ان ساڳي دلچسپيءَ سان سنڌ جي پرائمري اسڪولن کي به توجهه ڏئي جديد بڻائي، جديد سهولتن سان آراسته ڪري هڪ نئين سنڌ اڏڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. جيڪا ڪاميابي سڄي سنڌ جي هوندي ۽ يقينن پيپلزپارٽي جي به هوندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو