کجين جو شهر گمبٽ هيلٿ سٽيءَ ۾ تبديل ٿيڻ لاءِ تيار
گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (GIMS) جي ڊائريڪٽر ڪئپٽن رحيم بخش ڀٽو گمبٽ ۾ 1300 ايڪڙ زمين تي هڪ جديد هيلٿ سٽي ۽ ميڊيڪل ائنڪليو قائم ڪرڻ جي ويزن جو اظهار ڪيو آهي. هن وقت گمبٽ انسٽيٽيوٽ اڳ ۾ ئي جگر، گردي ۽ بون ميرو (مِک) ٽرانسپلانٽيشن ۽ ڪينسر جي موثر علاج لاءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ منفرد مقام حاصل ڪري چڪو آهي. جتي ڪيترائي شعبا ڪاميابيءَ سان پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن. گڏوگڏ گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسيڪيولر ڊزيزز (GICVD) ۾ اينجيو پلاسٽي، اينجيو گرافي ۽ باءِ پاس سرجري لاءِ هڪ خود مختيار ڪارڊيئڪ سينٽر پڻ موجود آهي. گڏوگڏ گمبٽ ميڊيڪل ڪاليج جنهن ۾ نرسنگ ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي تربيت ۽ ڊگري پروگرامن لاءِ قائم ٿيل ونگ، ڊينٽل ڪاليج، ايمرجنسي سپورٽنگ سهولتن کانسواءِ 24 ڪلاڪ حادثاثي ايمرجنسي ۽ آءِ سي يو جون سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن. بيمارين جي تشخيص لاءِ جديد ترين ڊائگنوسٽڪ ۽ ريڊيالاجي سينٽر پڻ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اهو سڄو سنڌ حڪومت جو منصوبو آهي. سنڌ حڪومت تي جتي خراب ڪارڪردگيءَ تي تنقيدون ڪيون ٿيون وڃن اتي سندس سٺن منصوبن جي ساراهه به ضروري آهي. 1300 ايڪڙ زمين تي جديد هيلٿ سٽي جيڪو صرف اسپتالن جي بلاڪن تي قائم نه هوندو، بلڪه صحت جي شعبي جو پورو ايڪو سسٽم تعمير ڪرڻ جو منصوبو آهي. جنهن ۾ جگر، گردا ۽ بون ميرو (مِک) ٽرانسپلانٽ جي نئين سهولتن تائين پهچ جنهن سان مريضن جي ويٽنگ لسٽ گهٽجي ويندي، جديد آنڪالاجي سٽي جنهن ۾ سائيبر نائيف، ريڊيو ٿراپي ۽ ترقي يافته آنڪلاجي يونٽس ڪينسر جو علاج ڪرڻ ۾ وڌيڪ جديد سهولتون مهيا ڪندو. پيڊياٽرڪ شعبو جتي ٻارن جي پيچيده بيمارين ۽ سرجري لاءِ ڌار ڌار شعبا قائم ڪيا ويندا، تحقيقاتي مرڪز ۽ ريسرچ پارڪ جنهن ۾ جنيٽڪ ريسرچ، اسٽيم سيل ٿراپي ۽ نئين دوا سازيءَ لاءِ ريسرچ ليبارٽريون قائم ڪيون وينديون. هتي بين الاقوامي ۽ پرڏيهي تحقيقاتي ادارن ۽ طبي ماهرن سان گڏجي تحقيقي پروٽوڪول تحت ڪم ڪيو ويندو.
هي منصوبو نه صرف سنڌ جي عوام لاءِ، پر پوري پاڪستان ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ هڪ وڏو منصوبو ثابت ٿيندو. جنهن ۾ طبي عملي ۽ ڊاڪٽرن لاءِ رهائشي ٽائون شپ جو منصوبو پڻ شامل آهي. پنجاب سان ويجهڙائي ۽ شاندار روڊ نيٽورڪ جي ڪري اين-5 نيشنل هاءِ وي گمبٽ شهر سان سڌو سنئون گڏيل آهي، ان ڪري اتان کان ايندڙ مريض موٽروي ٺهڻ کانپوءِ ملتان کان سکر ذريعي هن صحت مرڪز تائين تمام گهٽ وقت ۾ پهچي سگهندا. ان کان علاوه پشاور، راولپنڊي کان ايندڙ ريل گاڏين جي ذريعي جيڪي روهڙي تي بيهن ٿيون اتان به ايندڙ مريضن کي پهچڻ ۾ سهولت ملندي. هي منصوبو سنڌ جي عوام لاءِ ۽ خاص طور تي خيرپور، سکر، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ريجن ۾ رهندڙ ۽ ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ هڪ وڏي اقتصادي راهداري هوندو. جنهن سان ڀرپاسي ۾ عوام کي اهو موقعو ملندو ته اهي رهائش ۽ طعام جي سهولتن لاءِ ريسٽورينٽ، هوٽلنگ ۽ ڪيٽرنگ جو ڪاروبار ڪري سگهندا. ان کانسواءِ دواسازيءَ جون فيڪٽريون ۽ ريسرچ پارڪ ٺهڻ جي ڪري ڀرپاسي ۾ سرجيڪل اوزار ۽ ايمبولينس سروس، ليبارٽري جو سامان، سپلاءِ چين ٺاهڻ لاءِ به ماڻهن کي ڪاروبار ڪرڻ لاءِ موقعا فراهم ٿيندا. گڏوگڏ زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن کي هيلٿ سٽي سان لاڳاپيل مريضن، اسٽاف، ڪينٽينن لاءِ کير، ڀاڄين، ڦل فروٽ ۽ گوشت جي روزاني فراهمي لاءِ جيڪڏهن ماڻهو هينئر کان ئي پنهنجو ڪاروبار ان ريت قائم ڪن ته مستقبل ۾ اهي وڏا فائدا حاصل ڪري سگهندا. جيڪو خال سنڌ جي عوام لاءِ پاڪستان جي تعمير کانپوءِ هڪ وڏي عرصي تائين روزگار جي ذريعن جي کوٽ بڻيل رهيو آهي. هي منصوبو خاص طور اتر سنڌ، پر سڄي سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ وڏو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ضروري آهي ته ان لاءِ اسان جا ڪاروبار سان لاڳاپيل ماڻهو پنهنجن ذهنن کي هن وقت ئي تيار ڪرڻ شروع ڪن، هينئر کان ئي هوم ورڪ شروع ڪري، ننڍي ننڍي معلومات گڏ ڪري، مستقبل ۾ جيڪي پراجيڪٽ پيدا ٿيندا انهن شعبن ۾ ڪاروبار حاصل ڪرڻ لاءِ مهارت حاصل ڪن ته جيئن اهي پيدا ٿيندڙ موقعا سنڌ جي عوام جي هٿن ۾ ئي رهن. نه ته ٻاهر جو ماڻهو اچي هتي سرمائيڪاري ڪندو. صرف ايترو نه، بلڪه اڳ ۾ ئي کجين جي باغن، تيل جي ملن ۽ سوسي جي دستڪاريءَ وارو هي شهر هڪ تجارتي منڊي طور سڃاتو وڃي ٿو. هن مصوبي کانپوءِ انهن ڪاروبارن کي به وڏي هٿي ملي سگهي ٿي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟