ٽنڊو مير غلام حسين گرلز لوئر سيڪنڊري اسڪول حيدرآباد عالمي مڃتا ماڻي ورتي. حقيقت ڇا آهي؟
حيدرآباد ۾ قائم گورنمينٽ گرلز لوئر سيڪنڊري اسڪول ٽنڊو مير غلام حسين دنيا جي هڪ پليٽ فارم “ٽيچ فار آل” تي ورلڊس بيسٽ اسڪول پرائيز 2026ع ۾ ستون نمبر حاصل ڪري سنڌ جي اسڪولن کي هڪ اهڙي مشڪل وقت ۾ مان ڏياريو آهي، جڏهن اسان سڀ تعليمي معيار ۽ استادن جي ڪارڪردگيءَ تي سوال اٿاريندي نٿا ٿڪجون. اسان مان هرڪو ماڻهو تعليمي نظام جي خرابيءَ جو ذميدار صرف حڪومت کي سمجهي ٿو. هن اسڪول جي پرعزم، باهمت ۽ سنجيده ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ نوجوان هيڊ ماسترياڻيءَ هي انوکو ايوارڊ حاصل ڪري اسان کي ڪيترن ئي سوالن جا جواب به ڏنا آهن ۽ وري ڪيترائي سوال به اسان جي لاءِ ڇڏيا آهن. آخر اهو ايوارڊ هن اسڪول کي ڪيئن مليو آهي ۽ ڇو ڏنو ويو آهي؟ سوشل ميڊيا تي ان جي واهه واهه ٿي رهي آهي ۽ گڏوگڏ سنڌ جي تعليمي معيار بابت اٿندڙ سوالن جي جواب ۾ ان اسڪول جي ايوارڊ کي جواب طور رکيو پيو وڃي ته سنڌ جي اسڪولن جو تعليمي معيار عالمي معيارن سان مطابقت پيدا ڪري رهيو آهي. ڇا واقعي اهو سچ آهي يا ان جي پٺيان اسان کي حقيقتن کي کولي سمجهڻ جي ضرورت آهي. اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته هي اسڪول پنهنجي لوڪيشن تي هڪ غريب ڪميونٽي جي وچ ۾ واقع آهي، جتي غريب مائٽ پنهنجن ٻارن کي اسڪول موڪلڻ بجاءِ انهن کان چائلڊ ليبر ڪرائيندا هئا، جيڪا شايد غريب مائٽن جي مجبوري هوندي آهي. جڏهن ته اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي جنهن پنهنجي ذميداري کي محسوس ڪندي اهو فرض سمجهيو ته کيس سرڪار جيڪا پگهار ڏئي رهي آهي اها کيس ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ ملي رهي آهي. جڏهن ته اسڪول ۾ صرف چند ڇوڪريون رجسٽر ٿي روزانو جي بنياد تي اينديون هيون.
پوءِ هن پنهنجي لاءِ هڪ مقصد طئي ڪيو، تعليم جي اهميت کي سمجهيو ۽ پنهنجي ٽيم کي تيار ڪيو، جنهن ۾ سڀئي استاد ۽ ڪوآرڊينيٽر گڏجي هڪ ئي سوچ تي متفق ٿيا ته اسان سڀني کي پنهنجي ڪميونٽي کي تعليم جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ گهرجي. پوءِ ڪوآرڊينيٽر گهر گهر وڃي ٻارن جي والدين سان ملڻ شروع ڪيو، انهن کي انهن جي ٻارن جي تعليم يافته ٿيڻ کانپوءِ انهن جي زندگين ۾ ايندڙ تبديلين جي باري ۾ ٻڌائڻ شروع ڪيو ۽ نيٺ والدين کي نياڻين جي تعليم طرف راغب ڪيو ۽ پوءِ ڪجهه سالن اندر اها ڪميونٽي جيڪا پنهنجن ٻارن کي اسڪول موڪلڻ لاءِ تيار نه هئي، اهي ڇوڪريون آهستي آهستي اسڪول اچڻ شروع ٿيون، جتي اٺ ڏهه ڇوڪريون حاضر هونديون هيون، هاڻي اتي روزانو ساڍا ٽي سئو ڇوڪريون روزانو اسڪول اچن ٿيون، صاف سٿرو يونيفارم پائين ٿيون، باقائدگيءَ سان پنهنجو اسڪول جو ڪم ڪن ٿيون ۽ امتحانن ۾ پاس ٿي اڳتي وڌي رهيون آهن. اها سڄي ڪاميابي ان ٽيم جي ڪاميابي آهي جنهن پنهنجي مقصد لاءِ اها سڄي جدوجهد ڪئي. ان کانپوءِ اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي بين الاقوامي سطح تي ڪجهه ادارا ان قسم جي ڪم کي اسڪولن جي سطح تي مڃتا ڏين ٿا، جن ۾ “ٽيچ فار آل” به هڪ بين الاقوامي پليٽ فارم آهي، جتي هن پنهنجي سڄي ٽيم جي ڪاميابي جي باري ۾ ٻڌايو ۽ پروفائل موڪليو. هن اسڪول کي پنهنجي شاندار ڪميونٽي ليڊرشپ ۽ ٻارن کي اسڪول تائين واپس آڻڻ جي غير معمولي ڪوششن تي برطانيه ۾ هن معتبر ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي. هاڻي سوال پيدا ٿو ٿئي ته ڇا ٽنڊو مير غلام حسين (حيدرآباد) جي اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي کي ڪي خاص حڪومت طرفان فنڊ مليل هئا يا وٽس ڪا غير معمولي صلاحيت هئي، جواب اهو آهي ته وٽس صرف هڪ نيڪ مقصد هو، پنهنجي ڪميونٽي کي اڳتي وٺي اچڻ ۽ جنهن ۾ هوءَ هيستائين ڪاميابي ماڻي چڪي آهي. اهو سڄو اختيار جيڪو وٽس هو، اهو اسان جي سنڌ جي هر اسڪول جي هيڊ ماستر ۽ هيڊ ماسترياڻيءَ وٽ موجود آهي. جڏهن ته اسان پنهنجن اسڪولن جي حالت کي روز بروز بدتر ٿيندي ڏسي رهيا آهيون. 30 جون 2026ع تي ٿرپارڪر جي هڪ اسڪول جي پراڻي ڀت ڪرڻ سبب ٽي ننڍڙيون ٻارڙيون ان جي هيٺان ڌٻجي پنهنجي قيمتي زندگي وڃائي ويٺيون. جڏهن ته باخبر ذريعن مطابق ان اسڪول جي انتظاميه کي اسڪول جي تعمير لاءِ فنڊ مليل هئا، جيڪي اسڪول جي پراڻين ڀتين کي تعمير ڪرڻ لاءِ استعمال نه ٿيا ۽ ٽن قيمتي جانين جو ذيان ٿي ويو.
اصل ۾ ڳالهه نه تعليم جي بجيٽ جي آهي، نه وسيلن تي اختيار جي آهي. ٽنڊو مير غلام حسين لوئر سيڪنڊري کي جتي هي مڃتا ايوارڊ مليو آهي اتي ان اسان جي پوري نظام اندر ڪم ڪندڙ اسان جي استادن ۽ انتظاميه جا پول به پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. جن وٽ اختيار به آهن، فنڊ به آهن، پر انهن مان ڪيترائي انتظامي عهدن تي ويٺل فرد انهن جو درست استعمال نه ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجن اسڪولن کي پنهنجو نٿا سمجهن ۽ ننڍڙن ذاتي فائدن سبب اسڪول ۽ ڪاليج تمام بري حالت ۾ آهن. سنڌ جي تعليم جي وزير سيد سردار علي شاهه اسيمبليءَ جي پليٽ فارم تي ڳالهائيندي هڪ دفعي چيو ته جنهن ڏينهن سنڌ جو عوام پنهنجن اسڪولن ۽ ادارن کي پنهنجو سمجهڻ شروع ڪندو، ان ڏينهن تعليمي صورتحال تبديل ٿيڻ شروع ٿيندي. ان جو ثبوت هن اسڪول اسان کي ڏنو آهي ۽ اهو صرف اسڪولن تائين محدود ناهي، ان جو تعلق هر شعبي سان آهي. هر شعبي ۾ اسان کي پنهنجي اداري کي پنهنجو سمجهڻو آهي، سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻي آهي، ان جا بنياد پڪا ڪرڻا آهن. جيڪڏهن اسان سنجيدگي ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪنداسين ته اسان بين الاقوامي سطح تي هر اداري ۾ مڃتا حاصل ڪري سگهون ٿا. ان لاءِ اسان کي پنهنجي قوم، پنهنجي مقصد ۽ پنهنجي پيشي سان سچو ٿيڻ جو شرط آهي. خبر ناهي ته ڪيترا ماڻهو اهو شرط پورو ڪري سگهندا؟
هي مضمون ڪيئن رهيو؟