کاٻي ڌر جي سياسي ورڪر فاروق طارق جي گرفتاري ۽ رهائي
فاروق طارق جنهن ضياءُ الحق جي دور ۾ جلاوطني برداشت ڪئي. هو اٺن سالن تائين پرڏيهه ۾ جلاوطن رهيو. مشرف جي دور ۾ هن سياسي ۽ جمهوري حقن جي بحاليءَ لاءِ جڏهن آواز اٿاريو ته کيس 12 کان وڌيڪ ڀيرا گرفتار ڪيو ويو. 1970ع جي ٽوباٽيڪ سنگهه ڪسان ڪانفرنس سان هن پنهنجي سياسي سڃاڻپ جي شروعات ڪئي. هو گلوبل سائوٿ ۽ ايشيائي سطح تي ماحولياتي انصاف، غربت جي خاتمي ۽ مزدور تحريڪن سان جڙيل، بين الاقوامي فورمن سان ڳنڍيل آهي. هن سياسي، سيڪيولر ۽ سماجي مسئلن تي خاص طور تي مذهبي بنياد پرستي ۽ مزدورن جي حقن تي ڪيترائي ڪتاب تحرير ڪيا آهن. جنهن ۾ هن “مشرف دور ڪي تحريرين”، پئسي، غربت ۽ بين الاقوامي مالياتي ادارن بابت مضمون جيڪي “سائوٿ ايشيا اينڊ ڪلائيميٽ ڪرائيسز” نالي ڪتاب ۾ سهڙيل آهن. فاروق طارق پاڪستان ۾ ليفٽ ونگ جي ترقي پسند مزدور ۽ هاري تحريڪن جو هڪ مشهور ۽ متحرڪ سياستدان ۽ ليکڪ آهي. جنهن ترقي پسند سياست جي حقن لاءِ مسلسل عملي جاکوڙ ڪندي جدوجهد ڪئي آهي. مزدورن، هارين جي سجاڳيءَ لاءِ هن 2022ع تي “حقوق خلق پارٽي” (HKP) به ٺاهي رجسٽر ڪرائي، جنهن جو هو پاڻ مرڪزي صدر آهي. ان کان اڳ هو عوامي ورڪرز پارٽي ۽ ليبر پارٽي جو به جنرل سيڪريٽري ۽ ترجمان رهي چڪو آهي. هن وقت ڪشمير جي جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي سراپا احتجاج بڻيل آهي، فاروق طارق ۽ سندس ساٿين به جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽيءَ جي پٺڀرائي ڪندي لاهور پريس ڪلب اڳيان پنهنجن 50 ساٿين سان احتجاج ڪيو. فاروق طارق کي اهو احتجاج ڪرڻ کان روڪيو ويو. جڏهن ته پوليس کيس ان ڳالهه کان آگاهه ڪري چڪي هئي ته هو جيڪڏهن احتجاج ۾ شامل ٿيو ته کيس گرفتار ڪيو ويندو. ان کانپوءِ جلد ئي کيس گرفتار ڪري ۽ آزاد ڪيو ويو.
سرد جنگ دوران کاٻي ڌر جي سياست آمريڪا لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻيل هئي. ان دور ۾ آمريڪا ڪميونزم جي ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ پنهنجي داخلي ۽ پرڏيهي پاليسي ترتيب ڏني. عالمي سطح تي آمريڪا کاٻي ڌر جي تحريڪن کي پنهنجي معاشي ۽ جيو پوليٽيڪل مفادن جو حقيقي دشمن سمجهندو هو. هاڻي جڏهن سوويت يونين ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪو آهي ته اهڙي وقت ۾ آمريڪا جي لاءِ ڪميونزم ڪو وڏو خطرو ناهي. چين به جنهن ماڊل کي اختيار ڪري ڪميونزم ۾ هڪ نواڻ پيدا ڪئي آهي اها به آمريڪا لاءِ قابل قبول آهي، پر آمريڪا ۾ خود هن وقت سوشلسٽ مائينڊ سيٽ وارا ماڻهو موجود آهن، جيڪي آمريڪا اندر هيلٿ ڪيئر جي مفت فراهمي، مزدورن جي حقن ۽ پروگريسو ٽيڪسن ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. هن وقت نيويارڪ جو ميئر زوهران ممداني جيڪو ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ طور سڃاتو وڃي ٿو. آمريڪا ۾ اڪثر ترقي پسند يا سوشلسٽ سياستدانن کي ڪميونسٽ چيو ويندو آهي. جڏهن ته زوهران ممداني هڪ پرامن، آئيني ۽ جمهوري نظام جي اندر رهي مزدورن جي حقن، مفت علاج، رهائش جي بنيادي حقن ۽ امير ترين طبقي تي منصفاڻا ٽيڪس لڳائڻ جي گهر ڪري ٿو. فاروق طارق جهڙي هڪ ترقي پسند سوچ رکندڙ سياسي ڪارڪن جنهن جو نظريو هارين، مزدورن ۽ عوام جي بنيادي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ هجي ان کي گرفتار ڪرڻ رياست کي زيب نٿو ڏئي. هن ڪڏهن به آئين جي خلاف ورزي ناهي ڪئي. هن پرامن رهي پنهنجي نظريي مطابق سياست ڪئي آهي، پر جيئن ته اسان جو ملڪ جمهوري هوندي به اشرافيه جي هٿن ۾ کيڏي رهيو آهي، جاگيرداراڻو نظام ڏينهون ڏينهن طاقتور ٿي رهيو آهي، ان ڪري عوام کي پنهنجن حقن جي گهر ڪرڻ لاءِ هي نظام اها اجازت ئي نٿو ڏئي ته اهي روڊن ۽ رستن تي اچي پنهنجن حقن جي ڳالهه ڪن. جڏهن فاروق طارق جهڙا ماڻهو ٻاهر نڪرن ٿا ته اهي حقيقت ۾ صرف پنهنجي نظريي مطابق سياست نٿا ڪن، بلڪه اسٽيٽسڪو کي چئلينج ڪن ٿا، جنهن تي حڪومت اهڙن پرامن مظاهرو ڪندڙن کي امن امان لاءِ خطري جو بهانو بڻائي گرفتار ڪري پاڪستان جي هر پرامن شهري کي اهو پيغام ڏئي ٿي ته جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاريندي ٻاهر نڪتو ته انهن کي انهيءَ طريقي سان ڊيل ڪيو ويندو.
فاروق طارق جهڙا ماڻهو ملڪ اندر جمهوري روايتن، قانون جي بالادستي ۽ آئيني حقن کي برقرار رکڻ لاءِ سالن کان جدوجهد ڪندڙ اُهي پرامن ۽ بيباڪ سياسي ماڻهو آهن، جن کان اشرافيه کي، جاگيردارن کي ۽ اسٽيٽسڪو کي خطرو محسوس ٿئي ٿو. بدقسمتيءَ سان ملڪ اندر ترقي پسند ۽ کاٻي ڌر جي سياست ختم ڪري صوبائي سطح تي قومپرست تحريڪن کي هٿي ڏني وئي. جنهن ملڪ اندر نوجوانن ۽ عوام کي ڪڏهن به گڏجڻ نه ڏنو. ڇو ته ليفٽ جي سياست جو نظريو ان بنياد تي قائم آهي ته سڄي ملڪ جا مزدور، هاري ۽ پورهيت هڪ آهن، چاهي اهي سنڌي هجن، پنجابي، بلوچ، پشتون يا سرائيڪي. جڏهن ته قومي يا لساني شناخت کي ترجيح ڏيندڙ قومپرست سياست اسان کي صوبائي سطح تي ورهائي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو هن وقت عوام جاگيردارن جي قبضي هيٺ اچي چڪو آهي. هاري کي پنهنجا حق نٿا ملن، عام پورهيت جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ وارو ڪوبه موجود ناهي ۽ جيڪڏهن آهي ته اهي ايترا ڇڙوڇڙ آهن جو سندن آواز ڪمزور ٿي چڪو آهي. پاڪستان جهڙي گهڻ قومي ملڪ ۾ هڪ اهڙي پارٽيءَ جي ضرورت آهي جيڪا سڄي ملڪ جي مظلوم عوام کي پاڻ ۾ ڳنڍي سگهي، پر هن وقت جيڪي ليفٽ جون پارٽيون ڪم ڪري رهيون آهن انهن جي آواز ۾ اها طاقت ناهي جيڪا ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪري سگهي. ۽ انهن جي رهنمائي ڪري سگهي. ليفٽ جون پارٽيون بي اثر ٿي چڪيون آهن ۽ سندن خلا مذهبي انتها پسند ڌرين ۽ سرمائيداري نظام ورتو آهي ۽ هڪ اهڙي قومپرستي جو بنياد پيو آهي جيڪا شعور کان وانجهيل، جذباتي سياست تائين محدود آهي. هن وقت قومپرست سياستدان عوام کي صرف جذباتي نعريبازي ۽ مقامي اقتداري سياسي سوديبازي کان وڌيڪ ڪجهه نه ڏئي سگهيا آهن. اهوئي سبب آهي جو نه هارين جا مسئلا حل ٿي سگهيا آهن، نه تعليم جا ۽ نه مزدورن جا مسئلا حل ٿي سگهيا آهن، جنهن جو سڌو سنئون فائدو جاگيرداراڻي اتحاد حاصل ڪيو آهي. فاروق طارق جي گرفتاري ثابت ڪري ٿي ته چاهي سنڌي هجي، پنجابي، بلوچ، پشتون يا سرائيڪي اسٽيٽسڪو اهڙي ڪنهن به ماڻهو کي پنهنجو آواز بلند ڪرڻ نه ڏيندي جيڪو خراب حڪمرانيءَ جي خلاف اٿي بيهندو. اڄ پاڪستان کي روشن خيال دانشورن جي سخت ضرورت آهي، جتي سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جا پورهيت، هاري، شاگرد ۽ پيٺل طبقا سڀ گڏجي پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاري سگهن.
پاڪستان کي پنهنجي آئيني فريم ورڪ ۾ هڪ اهڙي سينٽر ليفٽ واري سوچ رکندڙ پارٽيءَ جي ضرورت آهي جيڪا نظام اندر سڌارن جي ڳالهه ڪري، آئين اندر ادارن جي سڌارن منصفاڻي ٽيڪس واري نظام، پورهيتن ۽ عام شهرين جي قانوني حقن لاءِ آواز اٿاري سگهي. عوام کي وري هڪ دفعو هڪ نئين سياسي تربيتي نظام جي ضرورت آهي جنهن سان پورو پاڪستان گڏجي ظلم خلاف آواز اٿاري سگهي. ڇو ته هن وقت پاڪستان جو سياسي نظام جاگيردارن ۽ وڏيرن جي هٿ ور چڙهيل آهي جن کان عام ماڻهو، هاري، مزدور ۽ شاگرد جي ترقي هضم نٿي ٿئي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟