مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڇا سعودي عرب طاقت بجاءِ سفارتي لاڳاپن ۽ گڏيل اقتصادي ڀائيواريءَ سان پنهنجو ويزن 2030 حاصل ڪرڻ ٿو چاهي؟

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آگسٽ 2026ع ۾ مڪه مقدس ۾ سعودي عرب پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ هڪ تاريخي معاهدو ٿيو. جنهن جو خاص مقصد ٽنهي ملڪن مان ڪنهن به هڪ تي حملو سڀني ملڪن تي حملو سمجهيو ويندو. هن وقت حوثي باغي سعودي عرب تي حملا ڪري سعودي عرب جي جوابي ڪارروائي جو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. حوثين (انصارالله) ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مخالفت جا مکيه سبب انصارالله تحريڪ جي قيام کان وٺي تاريخي، مذهبي، سياسي ۽ جيو پوليٽيڪل بنيادن تي ٻڌل آهن. حوثين جو شيعه فرقي سان تعلق هجڻ سبب گهڻو ايران طرف لاڙو رهيو آهي، پر اهو نٿو چئي سگهجي ته اهي سنئون سڌو ايران جي پراڪسي آهن. جيتوڻيڪ يونائيٽيڊ نيشن، آمريڪا ۽ بين الاقوامي دفاعي ادارن جون تفتيشي رپورٽون ٻڌائين ٿيون ته حوثين کي هٿيارن جي وڏي کيپ ايران کان حاصل ٿئي ٿي، جنهن ۾ جديد ڊرون ٽيڪنالاجي سان گڏوگڏ ٻيون ڪيتريون ئي جنگي ٽيڪنالاجيون شامل آهن. بين الاقوامي پابندين ۽ ناڪا بندين جي باوجود مختلف ذريعن کان هٿيار حوثين تائين پهچي وڃن ٿا. جنهن ۾ اڪثر عربي سمنڊ ذريعي ننڍن ماهيگيرن جي ٻيڙين وسيلي هٿيار حوثين تي اسمگل ٿي پهچي وڃن ٿا. حوثي سعودي عرب جي لاءِ هڪ ڊگهي عرصي کان مٿي جو سور بڻيل آهن. ڇو ته اهي سعودي عرب جي اهم تيل جي تنصيبن جي گهڻو ويجهو آهن، جيئن جيزان، رفائنري يمن جي سرحد کان بلڪل ويجهو آهي. ان کان علاوه آرامڪو جيڪا هڪ وڏي تيل جي رفائنري ۽ ٽرمينل آهي، حوثي جبلن تان سڌو سنئون اتي حملا ڪري سگهن ٿا ۽ ڪندا رهندا آهن. آمريڪا جيڪو سعودي عرب جو سڀني کان وڏو مغربي اتحادي ۽ دفاعي پارٽنر آهي، اهو هن وقت حوثي باغين سان به بيڪ چينل ڳالهيون ڪري رهيو آهي، جيڪو بظاهر هڪ تضاد نظر اچي ٿو، پر ان جي پٺيان واشنگٽن جا پنهنجا عسڪري ۽ اقتصادي مفاد لڪل آهن، جنهن ۾ سڀ کان وڏو مفاد باب المندب ۽ عربي سمنڊ مان گذرندڙ عالمي، تجارتي جهازن کي تحفظ ڏيڻ آهي.
جيڪڏهن حوثين ان لنگهه کي بند ڪري ڇڏيو ته آمريڪا هڪ وڏي خطري ۾ پئجي ويندو. هن وقت آمريڪا اهو اعتراف ڪري رهيو آهي ته حوثي صرف هڪ مقامي مليشيا نه بلڪه هڪ طاقت بڻجي گاديءَ واري هنڌ ثنا تي قابض آهن. جڏهن ته vision 30 تحت سعودي عرب جي وڏي ترجيح اها آهي ته هو يمن جي جنگ مان پاڻ کي ٻاهر ڪڍي اچي، ان ڪري آمريڪي سفارتڪاري اڻ سڌي طرح سعودي پاليسيءَ سان مطابقت رکي ٿي. آمريڪا جو حوثين سان رابطي ۾ اچڻ، انهن کي ايران واري مزاحمتي بلاڪ مان ڪنهن حد تائين ٻاهر ڪڍڻ پڻ آهي ته جيئن اهي خود مختيار ٿي فيصلو ڪري فائدو حاصل ڪري سگهن. هن وقت سعودي عرب جو مستقبل خطرن ۽ موقعن جي هڪ اهڙي ٻه واٽي تي بيٺل آهي، جتي ايندڙ ڏهن کان پندرهن سال ملڪ لاءِ اهم آهن. جيڪڏهن موجوده حڪمت عملين ۽ عالمي تحرڪ کي ڏسجي ته سعودي عرب جو رخ تيل جي معيشت مان نڪري جديد معيشت ڏانهن سفر ڪرڻ آهي. ڇو ته هو پنهنجن مالي ذريعن کي سياحت، ٽيڪنالاجي، لاجسٽڪس حب ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. جنهن لاءِ محمد بن سلمان “نيوم سٽي” تي اربين ڊالرن جا پراجيڪٽ منظور ڪيا، پر في الحال اهو عملي طور تي ممڪن نظر نه پيو اچي. ان کان علاوه سعودي عرب کي احساس ٿي چڪو آهي ته علاقائي جنگيون کيس ترقي ڪرڻ نه ڏينديون، تنهنڪري هن ايران اندر مداخلت نه ڪرڻ، چين ۽ روس سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۽ مصالحت وارو ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عورتن مٿان سعودي عرب ۾ پابندين کي هٽايو ويو آهي. عالمي طاقتن جي وچ ۾ توازن رکڻ لاءِ آمريڪا ۽ چين ٻنهي سان پنهنجا تعلقات بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن مان نظر اچي پيو ته سعودي عرب مستقبل ۾ روايتي شهنشاهيت مان بدلجي هڪ عالمي، سياحتي، مالي ۽ ٽيڪنالاجيڪل مرڪز بڻجڻ چاهي ٿو. نه صرف ايترو، بلڪه هن شيعه عرب ملڪن سان به پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.
محمد بن سلمان جي قيادت سعودي عرب جو هڪ اهڙو اسٽرڪچرل ٽرانسفارميشن وارو دور آهي، جنهن ۾ سعودي عرب روايتي انداز کان نڪري تيل کان آزاد معيشت طرف وڌي رهيو آهي. سعودي عوام به سندس پاليسين مان مطمئن نظر اچي ٿو. سعودي عرب جي موجوده سياسي ۽ دفاعي حڪمت عملي جنهن ۾ ايران سان لاڳاپن جي بحالي، عسڪري طاقت جي استعمال بجاءِ سفارتي حل ۽ ويزن 2030 پاڪستان تي گهرا اثر مرتب ڪري رهيا آهن. جنهن ۾ سعودي عرب، ايران ۽ يمن وچ ۾ ايندڙ دٻاءُ پاڪستان جي لاءِ به هڪ چئلينج بڻجي سامهون آيو آهي ته پاڪستان ڪيئن پنهنجن برادر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ توازن قائم رکي سفارتي طريقي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڇو ته پاڪستاني فوج به سرحد پار جنگين ۾ شامل ٿيڻ بدران داخلي ملڪي سلامتيءَ تي ڌيان ڏيڻ چاهي ٿي. سعودي عرب پاڪستان جو اهو دوست ملڪ آهي، جنهن هميشه اسان جي اهڙن وقتن تي مدد ڪئي آهي، جڏهن ٻين مدد کان انڪار ڪيو. ان ڪري پاڪستان جو سعودي عرب سان پنهنجن لاڳاپن کي مضبوط رکڻ ۽ ويزن 2030 هيٺ پيدا ٿيندڙ نون موقعن مان ملڪ ۽ عوام لاءِ فائدو وٺڻ رياست پاڪستان جو ويزن نظر اچي ٿو ته جيئن مستقبل ۾ سعودي عرب ۾ پيدا ٿيندر موقعن ۾ پاڪستان جو ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل ماهر ۽ مزدور اتي موڪلي پرڏيهي ناڻو ڪمائي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪيو وڃي. ايران آمريڪا جنگ ڪيترن ملڪن جي معيشتن کي ڪمزور به ڪيو آهي ته ڪيترن ملڪن کي هڪ نئين مثبت سوچ به ڏني آهي ته اهي پنهنجي مستقبل کي ڪيئن محفوظ بڻائي سگهن ٿا. اهائي سوچ هن وقت اسان کي مڪه معاهدي جهڙي علاقائي اتحاد قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ نظر اچي ٿي. مستقبل جي سلامتي هٿيارن جي ذخيرن بجاءِ سعودي عرب جي ايران، شيعه ملڪن ۽ مقامي تحريڪن سان سفارتي لاڳاپن جي استواري ۽ باهمي اقتصادي ڀائيواري ۾ ئي لڪل آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو