مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ حڪومت جو عالمي ٽيڪنالاجي ڪمپني هواوي سان مصنوعي ذهانت جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

مراد علي شاهه چين جي چئن ڏينهن جي دوري تي پنهنجي ٽيم جنهن ۾ شرجيل انعام ميمڻ، ڄام خان شورو ۽ سيد قاسم نويد شامل آهن، چين جي گاديءَ جي هنڌ بيجنگ ۽ شنگهائي جو دورو ڪيو. جتي انهن چين جي عالمي ٽيڪنالاجي ڪمپني هواوي سان اهم مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون. هن وقت مصنوعي ذهانت تيزيءَ سان سڄي دنيا ۾ مختلف ادارن ۽ شعبن ۾ تمام گهڻي اعتماد سان استعمال ٿي رهي آهي. جيڪي ملڪ هن ٽيڪنالاجيءَ مان وقت سر فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، اهي يقينن وقت جي ڊوڙ سان گڏ وک ۾ وک ڌائي هلڻ جي قابل هوندا. اها ڳالهه خوشيءَ جهڙي آهي ته سنڌ حڪومت کي ان ڳالهه جو احساس ٿيو ۽ هنن چين سان ڪجهه مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن ۽ اميد ڪجي ٿي ته اهي مفاهمتي ياداشتون عملي معاهدن ۾ تبديل ٿينديون.
خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي صوبي سنڌ کي چائنا جي هواوي ڪمپني پهريون اي آءِ صوبو بنائڻ چاهي ٿي. وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه پاران هواوي ڪمپني کي دعوت ڏني وئي آهي ته اها ڪراچي خاص طور تي ڪراچي ايجوڪيشن سٽي ۾ پنهنجا ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ سينٽر ۽ ٽيڪنالاجي ليبس قائم ڪري. مقامي يونيورسٽين ۽ ٽيڪنالاجي ادارن سان سهڪار ڪندي شاگردن کي جديد آءِ ٽي ۽ اي آءِ جي تربيت ڏني ويندي ۽ انهن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا ته جيئن اهي نوجوان ملڪ ۾ يا ملڪ کان ٻاهر وڃي پنهنجو روزگار حاصل ڪري سگهن. هي قدم سنڌ ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو انقلاب آڻڻ ۽ آءِ ٽي جي شعبي کي جديد لائينن تي استوار ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ وڏو قدم سمجهيو ٿو وڃي. هن معاهدي تحت هواوي ۽ سنڌ حڪومت ملي هڪ خاص پروجيڪٽ جنهن کي “اڳواٽ اطلاع ۽ خبرداري نظام” چئي سگهجي ٿو، شروع ڪري رهيا آهن، جنهن جا تفصيل ڪجهه هن ريت آهن. هواوي پنهنجي آرٽيفيشل انٽيليجنس، بگ ڊيٽا ۽ انٽرنيٽ آف ٿنگس سينسرز کي سنڌ جي دريائن، بندن ۽ ٻوڏ وارن خطرن هيٺ علائقن ۾ استعمال ڪندي. جنهن سان پاڻيءَ جي سطح، برساتن جي مقدار ۽ نئين ايندڙ ٻوڏ جي رفتار جو اڳواٽ تخمينو لڳائي سگهبو. 2022ع واري تباهه ڪندڙ ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي هي نظام قائم ڪرڻ لاءِ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. سنڌ حڪومت کي درست ڊيٽا ۽ الرٽ جاري ٿيندا جنهن سان اها پنهنجا بروقت انتظام ڪرڻ جي قابل ٿي سگهندي. ان کان علاوه هواوي جو ڪلائوڊ ۽ اي آءِ سسٽم مختلف سرڪاري ادارن کي پاڻ ۾ ملائي هڪ اهڙو نظام جوڙيندو جنهن سان سڀئي ادارا گڏجي هڪ ئي وقت ڪارروائيون ڪرڻ لاءِ منظم ٿي سگهندا.
ان کان علاوه سنڌ ۾ جديد ڊيٽا سينٽر پڻ قائم ڪيا ويندا. جنهن جو مقصد اهو آهي ته سنڌ کي “اي آءِ نيٽوو ڊجيٽل پراونس” بنائڻ لاءِ هڪ گڏيل ڪلائوڊ، انفرااسٽرڪچر ۽ ڊيٽا سينٽر بڻايو ويندو. جنهن سان صوبي جو سڄو سرڪاري نظام ۽ انفرااسٽرڪچر شروعات کان ئي آرٽيفيشل انٽيليجنس کي بنياد بڻائي ڊزائين ڪيو ويندو. جنهن ۾ فيصلا صرف انسانن جي اندازن تي نه، پر ڊيٽا ۽ اي آءِ جي تجزيي تي ڪيا ويندا. صوبي ۾ ترقي يافته شهرن وانگر اي آءِ جي مدد سان ڪيمرا ۽ اي آءِ جي مدد سان سينٽرل ٽريفڪ ۽ امن امان جو نظام پاڻمرادو مانيٽر ٿيندو. هن تقريب ۾ مفاهمتي ياداشتن تي وڏي وزير جي سيڙپڪاري بابت خاص معاون سيد قاسم نويد صحيحون ڪيون. صحيحون ڪرڻ واري تقريب ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ هواوي پاڪستان جي چيئرمين شرڪت ڪئي. جنهن ۾ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل سمارٽ پارڪ قائم ڪرڻ لاءِ پڻ سهڪار تي اتفاق ٿيو. جنهن ۾ (آر اينڊ ڊي سينٽر) ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ سينٽر پڻ ٺاهيو ويندو، جتي ٽريننگ اينڊ سرٽيفڪيشن هواوي پاران مقامي انجنيئرن، شاگردن ۽ آءِ ٽي جي ماهرن کي اي آءِ ٽولز ۽ چينج مئنيجمينٽ جي تربيت ڏني ويندي. مجموعي طور تي هي مفاهمتي ياداشتون سنڌ کي اوڻيهين صديءَ جي نظام مان ڪڍي ايڪيهين صديءَ جي ڊجيٽل ۽ سمارٽ دور ۾ داخل ڪرڻ لاءِ هڪ مکيه لنگهه هوندو. اصل ڳالهه اها آهي ته ان ٽيڪنالاجيءَ جو عملي نفاذ ڪهڙي طرح ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪهڙي نيت سان ڪيو وڃي ٿو؟ ڇو ته ڪيترن ئي ملڪن جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان انساني هٿن ۽ دماغ کي هٽائي جيڪي ڪرپشن جو شڪار ٿي وڃن ٿا اتي اي آءِ جو استعمال ڪري پنهنجن فرسوده نظامن کي ترقي ڏياري تڪڙي ترقي ڪئي آهي. ڇا پاڪستان جو صوبو سنڌ به ان تڪڙي ترقيءَ واري پٽي تي چڙهڻ جي لاءِ تيار آهي؟ ڇا اهو به اهڙن هنڌن تي انساني هٿن کي هٽائي ٽيڪنالاجيءَ کي اها ذميداري مڪمل طور تي ڏيڻ لاءِ تيار آهي؟ جيڪا شين کي ڪرپٽ ٿيڻ کان بچائي سگهي ٿي. اهو هڪ وڏو سوال آهي جيڪو ان ٽيڪنالاجي جي اچڻ ۽ ان جي نفاذ کانپوءِ خبر پوندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو