مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بلاول جي پريس ڪانفرنس ڪيتريون ئي هارايل دليون کٽي ورتيون آهن

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

17 نومبر 2026ع تي بلاول ڀٽو زرداري ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نون صوبن ٺهڻ واري عام بحث تي تمام جذباتي ڳالهه ٻولهه ڪئي. جنهن کانپوءِ ڪٿي سندس واهه واهه ته ڪٿي مٿس شديد تنقيد ڪئي پئي وڃي. سندس پريس ڪانفرنس کانپوءِ وڏو تنقيدي نقطو 2025ع ۾ 27 هين آئيني ترميم بابت بيان آهي. ڇو ته پيپلزپارٽي ان قانون سازيءَ جي عمل ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ان ترميم کانپوءِ ايوان ۾ ان ترميم جي حق ۾ اسيمبلي اندر تقرير پڻ ڪئي ۽ شڪرانه ادا ڪيا. بلاول ڀٽو زرداري هڪ نوجوان سياستدان جنهن مان اڃان تائين پوري پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ جي عوام کي ڪيتريون ئي اميدون آهن ۽ سڀ کان وڏي اميد جيڪا هن وقت عوام پيپلزپارٽي مان رکي ويٺو آهي اها سنڌ جي وحدت جي حفاظت آهي. يقينن هي پريس ڪانفرنس ڪا اصولي بغاوت نه، پر حڪومت مٿان سياسي دٻاءُ وجهڻ واري چال ضرور ليکبي. محسن نقوي جيڪو مسلم ليگ (ن) جي ڪيبنيٽ جو وفاقي وزير (وزير داخلا) آهي، اهو نون صوبن جي معاملي کي پارليامينٽ کان ٻاهر مسلسل گرمائي رهيو آهي. جڏهن ته راڻا ثناءُ الله هڪ سينيئر صحافي سان ڳالهائيندي سنجيدگيءَ سان جواب ڏنو ته نون صوبن جي رٿ اڃان تائين ڪنهن به اسيمبليءَ ۾ پيش نه ڪئي آهي، تنهنڪري اسان ان کي سنجيدگيءَ سان نٿا ڏسون. ڇو ته نون صوبن جي باري ۾ اهڙا بحث پراڻا آهن ۽ ڳالهائڻ وارن تي ڪا پابندي نٿي لڳائي سگهجي. بلاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس ۾ سندس پرجوش ٿيڻ کي به هو سياسي نظر سان ڏسي ٿو. جڏهن ته ان پريس ڪانفرنس کي سياسي تضاد يا دٻاءُ واري حڪمت عملي سمجهيو پيو وڃي.
بلاول ڀٽو هن وقت سنڌ جي عام ووٽر لاءِ اهو جذباتي ۽ سياسي بيانيو بڻائي پنهنجو پاڻ کي سياسي ليڊر طور تيار ڪري رهيو آهي. جڏهن ته هڪ حلقو مٿس تنقيد پڻ ڪري رهيو آهي، جيڪو سندس تحريڪ انصاف جي لاءِ ڏنل همدرداڻي بيان 27 هين آئيني ترميم، پي ٽي آءِ جي ريزوو سيٽن جي واپسي، خان جي قيد کي سياسي چوڻ انهن سڀني بيانن تي کيس اهو چئي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ته پيپلز پارٽي هڪ پاسي اقتدار جا مزا وٺي رهي آهي ته ٻئي پاسي سياسي بيانيو ٺاهي همدردي حاصل ڪري رهي آهي. جڏهن قانون سازي ۽ ووٽ ڏيڻ جو وقت هو ته پ پ خاموشيءَ سان حڪومت جو ساٿ ڏنو ۽ هاڻي صرف بيان بازي ڪري عوام کي وندرائي رهي آهي. جڏهن ته سندس 27 هين ترميم تي ڏنل بيان کي راڻا ثناءُ الله هڪ پاسي سندس نااهلي جي خطري جي ڳالهه ڪئي آهي ته ٻئي پاسي پنهنجي ئي بيان کي رد ڪندي سندس ان بيان کي سياسي ناراضگي ۽ ڪاوڙ وارو رد عمل قرار ڏنو آهي. جيڪڏهن هن پريس ڪانفرنس جو جائزو ورتو وڃي ته اها هڪ نوجوان سياسي رهنما جي پريس ڪانفرنس آهي جيڪا پاڪستان جي موجوده سياسي حڪمت عمليءَ جو تجزيو ڪري ٿي ته ڪيئن سياسي پارٽين کي سياست ڪرڻ لاءِ تضادن مان گذرڻو پوي ٿو ۽ کين پنهنجا ئي ڪيل غلط ۽ غير مقبول فيصلا عوام آڏو شرمنده ڪن ٿا. ان کان علاوه حڪومتي اتحاد تي اندروني دٻاءُ وڌي رهيو آهي ۽ اتحادي پارٽيون ايندڙ چونڊن يا سياسي فائدن لاءِ کلي ميدان ۾ اچڻ لڳيون آهن. هڪ نوجوان سياستدان ملڪ ۾ سياستدانن جي وڪٽمائيزيشن، سياسي ڪيسن ۽ صوبائي معاملن تي جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن اهي گهڻو ڪري سياسي دٻاءُ گهٽائڻ واري حڪمت عمليءَ جو حصو آهي.
بلاول ڀٽو جي هن جارحاڻي بيان کانپوءِ سنڌ اندر پ پ لاءِ اهو زبردست موقعو هوندو ته هو پاڻ کي سنڌ جي حقن، صوبائي خود مختياري (ارڙهين ترميم) ۽ سنڌ جي ورهاست جي مخالفت جي علمبردار طور پيش ڪري ۽ چئي سگهجي ٿو ته هن پريس ڪانفرنس سنڌ جي ڪيترين ئي هارايل دلين کي وري کٽي ورتو آهي، پر گڏوگڏ سندس اتحادي پارٽين کيس شڪ جي نگاهه سان پڻ ڏٺو آهي. موجوده صورتحال حڪومت جي معاشي فيصلن ۽ پاليسين تي اثرانداز ٿيندي. هن وقت حڪومت پارليامينٽ ۾ پنهنجي بقا لاءِ اتحادي پارٽين جي ووٽن تي دارومدار رکي ٿي ان ڪري ڪوبه وڏو مالي يا قانوني قدم سياسي سوديبازيءَ جو موضوع بڻجي سگهي ٿو. جيئن آءِ ايم ايف جي پروگرام کي جاري رکڻ لاءِ وفاقي ڪابينا کي سخت مالي قانون سازي، ٽيڪس نيٽ ۾ واڌ ۽ سبسڊيون گهٽائڻ لاءِ پنهنجي اتحادي ووٽرن جي ووٽ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي. گڏوگڏ سرڪاري ادارن جي نجڪاري جنهن ۾ (ن) ليگ خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي تيز نجڪاري چاهي ٿي ته پ پ ملازمن جي بيروزگاري جي خدشن تحت ان جي مزاحمت ڪري ٿي. اين ايف سي ايوارڊ لاءِ وفاق قرضن جي ادائگي جو بار گهٽائڻ لاءِ هن ايوارڊ تي نظرثاني جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته پ پ ان کي فوري طور رد ڪري ڇڏي ٿي. ڏٺو وڃي ته پيپلزپارٽي وٽ صدارت، سينيٽ جي چيئرمين شپ، مختلف صوبن جون گورنريون موجود آهن. حڪومت کي ڪيرائڻ کانپوءِ هي سڄو آئيني بندوبست پڻ خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. لڳي ائين ٿو ته پ پ پنهنجا ڪي مطالبا مڃرائڻ لاءِ حڪومت جي مٿان دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هن وقت حڪومت کي ڪيرائڻ جي ڀيٽ ۾ دٻاءُ هيٺ رکڻ پيپلزپارٽي لاءِ وڌيڪ سياسي فائدا حاصل ڪرڻ جي هڪ بهترين حڪمت عملي هوندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو