بجيٽ جو گورک ڌنڌو، سنڌ ۾ ليپس ٿيندڙ بجيٽ جو حساب ڪنهن کان وٺجي!
17 جون 2026ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال 2026-2027 جي بجيٽ پيش ڪئي. وفاقي بجيٽ وانگر سنڌ صوبي جي بجيٽ ۾ به سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشنن ۾ 7 سيڪڙو جو معمولي اضافو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايڊهاڪ رليف الائونس بنيادي پگهار ۾ ضم ڪئي وئي آهي. گهٽ ۾ گهٽ پگهار 40 هزار رپين مان وڌائي 43 هزار رپيا ڪئي وئي آهي. صوبي جي ترقياتي بجيٽ 720 ارب رپيا رکي وئي آهي. سنڌ سرڪار 3562 ارب رپين (3.56 ٽرلين رپيا) جي بجيٽ جيڪا خساري واري بجيٽ آهي، پيش ڪئي آهي. مطلب ته سنڌ سرڪار وٽ سال جو پورو خرچ هلائڻ جي لاءِ حڪومت وٽ پئسا پورا نه هوندا ۽ وفاق کان جيڪي پئسا مليا آهن، اهي حڪومت جي پيش ڪيل بجيٽ کان تمام گهٽ آهن، اها هڪ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي. بجيٽ سڄي سال جي آمدني ۽ خرچ هوندو آهي. ڏسجي ته بجيٽ هڪ نه سمجهه ۾ ايندڙ انگن اکرن جي راند آهي. وفاقي بجيٽ هجي يا صوبائي بجيٽ هر سال انهن ۾ خسارو ڏيکاريو ويندو آهي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته ملڪ جا خرچ وڌيڪ آهن ۽ ڪمائي گهٽ آهي. جنهن جو اثر پوري ملڪ جي سڀني صوبن ۽ وفاق جي ترقياتي منصبوبن ۽ عوام جي ڀلائي وارن منصوبن تي پوي ٿو. ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ نه صوبا پنهنجو ٽيڪس نيٽ وڌائين ٿا ۽ نه ئي وفاق پنهنجي ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ لاءِ تيار آهي. معاشي ماهرن جو خيال آهي ته پاڪستان جهڙن ملڪن کي ترقياتي منصوبن لاءِ خساري واري بجيٽ ئي پيش ڪرڻي پوندي.
افسوس ته اسان جا حڪمران نه صحيح ٽيڪس وصول ڪري سگهن ٿا، نه ئي صحيح طريقي سان خرچ ڪري سگهن ٿا ۽ حڪومت ۾ ويٺل اشرافيه ۽ ڪامورا شاهيءَ جا خرچ عوام مٿان بار بڻجي رهيا آهن. ان سان گڏ غير شفافي نظام عوام جي ذهنن اندر ڪيترائي شڪ پيدا ڪري رهيو آهي. هن سال وفاق سنڌ سوڌو سڀني صوبن کي مالي حصو گهٽ ڏنو آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ تمام گهٽ پئسا رکيا ويا آهن. مختلف ادارن، اسڪولن، ڪاليجن يا ٻين محڪمن ۾ جيڪا به بجيٽ ڏني وڃي ٿي هر اداري جو ماڻهو ان ڳالهه جا سور روئي ٿو ته بجيٽ کي خرچ ڪرڻ جي بجاءِ اها بجيٽ ليپس ٿي وڃي ٿي. لڳي ائين ٿو ته بجيٽ اچي ئي صرف ڪاغذن ۾ ٿي ۽ جيڪي پئسا ليپس ٿي وڃن ٿا انهن جو حساب ڪتاب ڪنهن کان وٺجي. جيڪڏهن سال ۾ ملندڙ سڀئي پئسا ادارن تي لڳايا وڃن ته ڪا بهتري اچي سگهي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته صحت، تعليم، پوليس، رينجرز، زراعت سڀني کاتن جي ويب سائيٽن تي پنهنجي سالياني بجيٽ ۽ ٿيندڙ خرچن جو حساب ڪتاب عوام جي آگاهي لاءِ شفافيت سان پيش ڪن ته جيئن عوام کي پنهنجن ادارن جي بجيٽ ۽ انهن جي خرچن بابت ڄاڻ حاصل ٿي سگهي. ان سان عوام کي مسلسل پنهنجن ادارن اندر ٿيندڙ خرچن جي باري ۾ آگاهي ملندي رهندي. ڪنهن به اداري جي بجيٽ جو ليپس ٿيڻ حڪومت جي خراب ڪارڪردگي ۽ مالي نظام جو هڪ الميو آهي. حڪومت بجيٽ ۾ خسارو ڏيکاري قرض کڻندي آهي ۽ ٻئي طرف رکيل فنڊ صحيح نموني استعمال نه ڪري ترقيءَ کي روڪيندي آهي، جنهن جو بار عوام جي ڪلهن تي اچي ٿو. بجيٽ منظور ٿيڻ کانپوءِ محڪمن کي انهن جو جاري ٿيڻ وارو عمل به پيچيده بڻايو ويو آهي. سڄو سال ادارا فنڊز جي آسرن ۾ ويٺل هوندا آهن، سواءِ ماڻهن کي پگهارن ۽ پينشن جي ادارن کي تمام گهٽ بجيٽ جاري ٿئي ٿي.
ان جو ثبوت سنڌ جي پٺتي پيل ادارن جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ان گورک ڌنڌي مان جيڪو نقصان عوام ۽ صوبي کي ٿئي ٿو ان ۾ منصوبا اڌ ۾ رهجي وڃن ٿا، انهن جي قيمت وڌي وڃي ٿي. پيپلزپارٽي پگهارن جي سلسلي ۾ وفاق تي تنقيد پئي ڪئي، پر ان سنڌ صوبي جي بجيٽ پيش ڪرڻ تي عملي طور عوام کي تمام معمولي اضافو ڏئي اهو ثابت ڪيو آهي ته حڪومت کي عوام جي تڪليفن جو احساس ناهي. جيڪڏهن سنڌ وٽ معاشي ماهر ناهن جيڪي بجيٽ ٺاهي سگهن ته انهن کي گهريلو عورتن کان بجيٽ ٺهرائڻ گهرجي جيڪي پنهنجي محدود آمدني ۾ بغير قرض کڻڻ جي بغير خساري جي پنهنجو گهر به هلائين ٿيون ۽ بچت به ڪن ٿيون ۽ اثاثا ٺاهين ٿيون. سنڌ جي عوام کي اڃان تائين سٺو انفرااسٽرڪچر نه ملي سگهيو آهي. هر اهو شعبو جتي عوام کي سروسز ڏنيون وڃن ٿيون ان جي حالت خراب آهي. وري هن بجيٽ ۾ به خسارو ڏيکاري عوام جي خوابن جي مٿان ٿڌو پاڻي هاريو ويو آهي ۽ خساري جو سڄو بار عوام جي ڪلهن تي وڌو ويندو. يقينن ان جي ذميدار صرف سنڌ حڪومت نه، پر وفاقي حڪومت به آهي. هاڻي حڪومت جيڪي قرض کڻندي، انهن تي وياج ڏيندي ۽ ان کان علاوه جيڪي نوان ٽيڪس لڳندا اهي عوام ڀريندي، مطلب ته سڄو بار عوام جي مٿان، جيئن چوڻي آهي، “کايا پيا ڪڇ نهين گلاس توڙا بارا آني” عوام کي في الحال خوش ڪرڻ لاءِ مختلف مدن ۾ سرخيون لڳائي فنڊ ڏيکاريا ويا آهن، پر اهو سڄو خساري جو بجيٽ عوام جي مٿان بار کانسواءِ ڪجهه ناهي. مطلب ته حڪومت وٽ پئسا ناهن جو حڪومت خرچ ڪري سگهي. حڪومتي طبقو ۽ اشرافيه جي سهولتن ۽ خرچن ۾ ڪٿي به ڪمي ٿيندي نظر نٿي اچي، جيڪا هڪ انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي، پر عوام جي مٿان ٽيڪسن ۽ قرضن جو بار وڌائي انهن کي هڪ اهڙي شيطاني چڪر ۾ ڦاسايو ويو آهي، جنهن مان سندن جان نٿي ڇٽي. اهوئي بجيٽ جو گورک ڌنڌو آهي ته خساري جي نالي تي پيش ٿيندڙ بجيٽ جا خرچ ڀريندو عوام ۽ مزا ماڻيندي اشرافيه ۽ ڪامورا شاهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟