پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو، حڪومت جي رليف اسڪيم رد ۽ وفاق تي وڌندڙ دٻاءُ
ايران-آمريڪا جنگ جي نتيجي ۾ سڄي دنيا پيٽروليم مصنوعات جي وڌندڙ قيمتن جي دٻاءُ هيٺ آهي. پاڪستان جهڙو غريب ملڪ هر روز وڌندڙ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي. جماعت اسلامي جي پيٽروليم جي وڌندڙ قيميتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ احتجاج کانپوءِ حڪومت هڪڙي رليف اسڪيم جو اعلان ڪيو، پر “پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسئيشن” جي چيئرمين ملڪ خدا بخش ۽ ٻين عهديدارن پريس ڪانفرنس ڪري حڪومت جي ان رليف کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته حڪومت اها رليف اسڪيم پيٽروليم ڊيلرز کي اعتماد ۾ وٺڻ کان بنا تيار ڪئي آهي. پريس ڪانفرنس ۾ پي ڊي اي جي عهديدارن اهو نقطو به اٿاريو ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جون اڳ ۾ ئي ڪيتريون ادائگيون حڪومت وٽان ڪليئر نه ٿيون آهن، جنهن سبب پيٽروليم جي سپلاءِ چين تي اثر اچي رهيو آهي. جڏهن به حڪومت ڪنهن رليف يا رعايتي اسڪيم ذريعي قيمتن يا مارجن ۾ تبديلي آڻيندي آهي ته ان جو سڌو اثر ڊيلرز جي ورڪنگ ڪيپيٽل (روز مره واري ناڻي) تي پوندو آهي، نقد جي رواني متاثر ٿئي ٿي ۽ انهن کي بقاياجات ادا نه ٿيڻ سبب مالي بار برداشت ڪرڻو پوي ٿو. جنهن سبب پمپن تي تيل جي روزاني سپلاءِ متاثر ٿئي ٿي. حڪومت هينئر عوامي دٻاءُ سبب ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. جنهن ۾ گهٽ آمدني واري طبقي خاص طور تي 800 سي سي تائين جون گاڏيون، موٽرسائيڪل، چنگچي ۽ آٽو رڪشا لاءِ رعايت جو اعلان ڪيو ويو هو، جنهن ۾ في ليٽر پيٽرول تي 50 کان 100 رپيا سبسڊي ڏني ٿي وئي ۽ انهن جي مالڪن جي لاءِ 21 کان 30 ليٽر في مهينو حد مقرر ڪئي وئي هئي ۽ نادرا ذريعي موبائل تي تصديق ڪري پيٽرول خريد ڪندڙ کي سبسڊي ڏيڻ جو سٺو طريقيڪار جوڙيو ويو هو، پر پي پي ڊي اي جي اعلان کانپوءِ يقينن حڪومت اڃان وڌيڪ دٻاءُ ۾ اچي ويندي.
هن وقت پاڪستان ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون ڏٺيون وڃن ته پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون سڀني کان وڌيڪ آهن، جنهن ۾ سڀ کان گهٽ قيمت هن وقت افغانستان ۾ نظر اچي رهي آهي، جتي پيٽرول 87 افغاني في ليٽر ۽ ڊيزل 79 افغاني في ليٽر ملي رهيو آهي. ڇو ته پاڪستان ۾ هن وقت سڀ کان وڏو حصو ليوي ٽيڪس جي صورت ۾ عام ماڻهو کان ورتو پيو وڃي. پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جيڪڏهن قيمتن جو تجزيو ڪجي ته افغانستان ۾ ڊالر جي شرح هڪ آمريڪي ڊالر تقريبن 68 افغاني کان 70 افغاني جي برابر آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ هڪ ڊالر 278 کان 280 رپيا آهي. اقوام متحده کان علاوه هيومينيٽيرين امداد جي صورت ۾ لکين ڊالر نقد افغانستان پهچن ٿا، ڊالر جي اسمگلنگ تي به سخت پابندي آهي ۽ پاڪستان جي برعڪس اتي آءِ ايم ايف يا ورلڊ بينڪ جو قرض به ناهي. جڏهن ته افغانستان جو گهڻو تيل روس، ايران، ترڪمانستان ۽ ايران کان اچي ٿو. اهوئي سبب آهي جو افغانستان ۾ پاڪستان جي مقابلي ۾ پيٽروليم مصنوعات وڌيڪ سستيون ۽ مستحڪم آهن. جنهن جو مطلب اهو آهي ته افغانستان ۾ ترقي جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ٻارڻ موجود آهي. جڏهن ته پاڪستان جي مٿان آءِ ايم ايف جون سخت شرطون صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ اين ايف سي ايوارڊ جو مسئلو جنهن سبب عوام کي پيٽروليم ليوي ٽيڪس جي هيٺ زير بار ڪيو ويو آهي. ليوي جي صورت ۾ في ليٽر 70 رپيا عوام جي کيسي مان ڪڍيا پيا وڃن.
عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو ٿيڻ باوجود حڪومت گهڻو ڪري پنهنجن ٽيڪسن ۾ واڌ ڪري فائدو حاصل ڪري عوام کي دٻاءُ هيٺ رکندي آهي. ملڪ ۾ رپئي جي بي قدري ۽ مالي بدانتظامي سبب تيل درآمد ڪرڻ وڌيڪ مهانگو ٿي پيو آهي ۽ اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ نه وٺڻ سبب حڪومت جو رليف پروگرام به رد ٿي چڪو آهي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته واپارين کي حڪومت تي ڀروسو ناهي رهيو. اهڙي وقت ۾ جماعت اسلامي جو حڪومت تي ڌرڻن ذريعي دٻاءُ وڌائڻ ۽ عوام جو قيمتن وڌڻ سبب متاثر ٿيڻ ڪابه اهڙي صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿو، جنهن سان حڪومت جا بنياد لڏي سگهن ٿا. ضروري آهي ته حڪومت پيٽروليم ڊيلرز آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ تاجر برادريءَ سان شفاف ڳالهيون ڪري، سندن رهتون هڪدم ادا ڪري. ان کان علاوه پاڪستان کي به پنهنجي تيل درآمد ڪرڻ واري پاليسيءَ ۾ لچڪ آڻي افغانستان وانگر ترڪمانستان جهڙن ملڪن کان تيل درآمد ڪرڻ گهرجي ته جيئن حڪومت تي وڌندڙ دٻاءُ گهٽجي سگهي، عوام کي رليف ملي سگهي ۽ گڏوگڏ حڪومت کي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي انفرااسٽرڪچر بهتر بنائڻ گهرجي. جنهن ۾ صوبائي ۽ وفاقي سطح تي اهڙو نظام هجڻ گهرجي جنهن سان عام ماڻهو پبلڪ ٽرانسپورٽ جو وڌيڪ استعمال ڪري سگهن. پبلڪ ٽرانسپورٽ وڌيڪ محفوظ پهچ اندر ۽ سستي هجڻ گهرجي ته جيئن شاگرد ۽ روزانو مختلف جاين تي ڪم ڪندڙ ماڻهو ان ذريعي پنهنجن گهربل جاين تائين پهچي سگهن. ان کان علاوه اليڪٽرڪ ۽ سولر بسون به هلائي سگهجن ٿيون. جنهن سان رستن تان ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽجي سگهي ٿو، هوا جي گدلاڻ ختم ٿي سگهي ٿي ۽ ملڪ جي مٿان ايندڙ قرضن جو بار به گهٽجي سگهي ٿو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟