مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

زرعي ملڪ هوندي به خوراڪ جي کوٽ: پاڪستان لاءِ شرمندگيءَ جو مقام

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

زرعي ملڪ ۾ ماڻهن جو بک ۽ غذائي کوٽ جو شڪار ٿيڻ رڳو معاشي مسئلو نه، پر حڪمراني، زرعي پاليسين ۽ سماجي انصاف بابت هڪ اهم سوال آهي. جنهن ملڪ ۾ زراعت کي معيشت ۾ بنيادي اهميت حاصل هجي ۽ جتي ڪڻڪ، چانور، ڪپهه، ڪمند، ميوا ۽ ڀاڄيون پوکيا وڃن، اتي جيڪڏهن لکين خاندان پنهنجي آمدنيءَ مان ٻن وقتن جي مناسب خوراڪ به حاصل نه ڪري سگهن ته ان صورتحال تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ ضروري آهي. خوراڪ جي پيداوار، بازارن ۾ ان جي دستيابي ۽ عام ماڻهوءَ جي خريداريءَ جي سگهه، اهي سڀ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. انهن مان ڪنهن هڪ شعبي جي ناڪامي به خوراڪ جي بحران کي جنم ڏئي سگهي ٿي. 2026ع جي گلوبل هنگر انڊيڪس (عالمي بک جي اشاري) موجب، پاڪستان جو اسڪور 25.5 رهيو، جيڪو ملڪ ۾ بک جي سنگين صورتحال جي نشاندهي ڪري ٿو. رپورٽ ۾ پاڪستان کي 122 ملڪن مان 106هين نمبر تي رکيو ويو آهي. وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه اها آهي ته 2018ع ۾ پاڪستان جو اسڪور 24.0 هو، جيڪو هاڻي وڌي 25.5 ٿي ويو آهي. اهي انگ اکر رڳو عالمي رپورٽ جا انگ نه، پر ملڪ ۾ خوراڪ جي فراهمي، معاشي حالتن ۽ ٻارن جي غذائيت بابت هڪ سنجيده تنبيهه آهن. عام ماڻهوءَ جي مسئلي کي ڏسجي ته مهانگائيءَ سندس روزمره جي زندگيءَ کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. اٽو، دالون، کير، گيهه، ڀاڄيون، گوشت ۽ ٻيون ضروري شيون خريد ڪرڻ لاءِ آمدنيءَ جو وڏو حصو خرچ ٿي وڃي ٿو. جڏهن پگهارن ۽ مزدورين ۾ واڌ شين جي قيمتن ۾ واڌ جي رفتار سان نٿي ٿئي ته خاندانن کي خوراڪ جي مقدار ۽ معيار ۾ گهٽتائي ڪرڻي پوي ٿي. ڪيترائي والدين ٻارن جي تعليم، علاج ۽ مناسب خوراڪ جهڙين بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پريشان رهن ٿا، جڏهن ته ڪجهه خاندانن کي انهن مان ڪنهن هڪ ضرورت تي سمجهوتو ڪرڻو پوي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ خوراڪ جي کوٽ رڳو بک تائين محدود نٿي رهي، پر انساني صحت، ٻارن جي ذهني ۽ جسماني واڌ ۽ مستقبل ۾ سندن صلاحيتن کي به متاثر ڪري ٿي. بک جي مسئلي کي رڳو زرعي پيداوار جي گهٽتائيءَ سان ڳنڍڻ درست نه ٿيندو. جيڪڏهن بازار ۾ خوراڪ موجود هجي، پر گهٽ آمدنيءَ وارو ماڻهو ان کي خريد ڪرڻ جي سگهه نه رکندو هجي، ته خوراڪ جي دستيابيءَ باوجود بحران برقرار رهندو. ان ڪري ضروري آهي ته حڪومت خوراڪ جي فراهميءَ سان گڏ ان جي مناسب قيمتن، منصفاڻي ورڇ ۽ ماڻهن جي آمدنيءَ تي به ڌيان ڏئي. ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري، غيرمنصفاڻا واپاري طريقا ۽ وچولن جو غيرضروري ڪردار به هارين ۽ صارفين ٻنهي لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو. هاريءَ کي فصل جو مناسب اگهه نٿو ملي، جڏهن ته ساڳيو فصل شهر جي بازار ۾ مهانگو وڪرو ٿئي ٿو. اهڙي تضاد کي ختم ڪرڻ لاءِ زرعي منڊين جي نظام ۽ قيمتن جي نگرانيءَ کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي.
موسمياتي تبديليءَ سبب خوراڪ جو نظام وڌيڪ ڪمزور ٿيو آهي. تيز برساتون، ٻوڏون، ڏڪار، گرمي پد ۾ واڌ ۽ برساتن جي غيريقيني صورتحال فصلن ۽ چوپائي مال لاءِ خطرا پيدا ڪن ٿا. ان سان گڏ ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائن، ڊيزل، بجلي ۽ آبپاشيءَ جا وڌندڙ خرچ هارين لاءِ پوکيءَ کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي رهيا آهن. جيڪڏهن هارين کي وقت سر پاڻي، معياري ٻج ۽ ضروري زرعي سهولتون فراهم نه ڪيون وينديون ۽ فصل جو مناسب اگهه به نه ملندو، ته زرعي پيداوار کي پائيدار انداز ۾ وڌائڻ ممڪن نه رهندو. تنهنڪري پاڻيءَ جي بهتر انتظام، جديد زرعي طريقن، موسمياتي تبديلين کي برداشت ڪندڙ ٻجن، فصلن جي حفاظت ۽ زرعي تحقيق ۾ سيڙپڪاريءَ کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. حڪومت کي خوراڪ جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ رڳو هنگامي امداد يا وقتي سبسڊيءَ تي ڀاڙڻ بدران ڊگهي مدي واري پاليسي جوڙڻي پوندي. فصل لهڻ کانپوءِ پيداوار جي ضايع ٿيڻ کي گهٽائڻ لاءِ گودامن، ٿڌي ذخيري جي سهولتن ۽ آمدرفت جي نظام کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي. هارين کي مناسب مالي مدد ۽ فني رهنمائي فراهم ڪئي وڃي، جڏهن ته گهٽ آمدنيءَ وارن خاندانن لاءِ سماجي تحفظ جا پروگرام اهڙي نموني جوڙيا وڃن، جو مدد حقيقي ضرورت مندن تائين پهچي. ٻارن ۽ مائرن جي غذائيت، اسڪولن ۾ ٻارن لاءِ مناسب خوراڪ، صاف پاڻي ۽ بنيادي صحت جي سهولتن کي به قومي خوراڪ جي پاليسيءَ جو حصو بڻائڻ گهرجي.
اها به حقيقت آهي ته خوراڪ جي سلامتي رڳو زراعت کاتي يا حڪومت جي ڪنهن هڪ اداري جي ذميواري ناهي. ان لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، زرعي ماهرن، هارين، واپارين ۽ سماجي ادارن وچ ۾ گڏيل حڪمت عملي ضروري آهي. صحيح انگ اکر، شفاف فيصلا ۽ پاليسين تي مسلسل عملدرآمد کان سواءِ مسئلي جو پائيدار حل ممڪن ناهي. زرعي ملڪ هجڻ جو فخر تڏهن ئي معنيٰ رکي ٿو، جڏهن هاريءَ کي سندس محنت جو مناسب معاوضو ملي ۽ مزدور جو ٻار بکيو نه سمهي. بک جو خاتمو خيرات يا نعري سان نه، پر منصفاڻي معاشي نظام، ذميوار حڪمراني ۽ پائيدار زرعي پاليسين سان ئي ممڪن آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو