مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آئين اڄ به سپريم آهي اسلام آباد جي انتظامي حيثيت به آئين مطابق ئي تبديل ٿي سگهي ٿي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان جو عوام ڪيترو به ڪمزور ڇو نه هجي، پر ان جي پٺڀرائي ڪرڻ لاءِ اڄ به 1973ع جو آئين موجود آهي. جنهن ۾ آرٽيڪل 6 جي شق نمبر 1 مطابق جيڪو به شخص طاقت جو استعمال ڪري يا نمائش ڪري غير آئيني طريقي سان آئين کي منسوخ يا معطل ڪري يا ايئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته سنگين غداريءَ جو مرتڪب ٿيندو. شق نمبر 2 ۾ ان جي سهولتڪاري ڪرڻ وارو به ساڳئي ڏوهه جو ذميوار هوندو. شق نمبر 6 (2A) تحت ڪنهن به غير آئيني عمل کي بشمول سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ڪابه عدالت جائز قرار نٿي ڏئي سگهي. پرويز مشرف کي آرٽيڪل 6 تحت سزا ملڻ پاڪستان جي آئيني تاريخ ۾ هڪ اهڙو مثال آهي، جنهن واضح ڪيو ته آئين کي معطل ڪرڻ يا ججن کي هٽائڻ سنگين جرم آهي. ڇو ته 3 نومبر 2007ع تي هن ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ، 1973ع جي آئين کي معطل ڪرڻ، عارضي آئيني حڪم نامو جاري ڪرڻ (PCO) ۽ اعليٰ عدليه جي ججن کي نظر بند ڪرڻ تي آرٽيڪل 6 تحت ڪيس هلايو ويو هو ۽ 17 ڊسمبر 2019ع تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وقار احمد سيٺ 2-1 جي اڪثريت سان پرويز مشرف کي آرٽيڪل 6 جي خلاف ورزيءَ تي موت جي سزا ٻڌائي. اهو هڪ اهڙو واقعو آهي جيڪو هن وقت آئين جي حفاطت ڪري رهيو آهي. هن وقت محسن نقوي بظاهر صوبن کي ٽوڙڻ لاءِ اردو ميڊيا جو سهارو وٺي سڄي پاڪستان اندر هڪ غير يقيني ۽ بيچيني واري صورتحال پيدا ڪئي آهي. اردو ميڊيا تي وڪرو ٿيل صحافي محسن نقوي جي زبان ڳالهائي رهيا آهن. ڏٺو وڃي ته ڪيترائي ڀيرا آئين جي خلاف ورزي ڪندي ڳالهايو وڃي ٿو. اهڙي وقت ۾ پيپلز پارٽي جو موقف بظاهر ته آئيني ۽ قانوني نظر اچي ٿو، پر عوام ان جي موقف تي به دل سان يقين ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
جڏهن ته اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا تي اها خبر به گردش ڪري رهي آهي ته اسلام آباد کي خاص انتظامي حيثيت ڏيڻ جون تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن ۽ ان جي انتظامي ۽ جاگرافيائي حيثيت تبديل ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جو سربراهه ميئر هوندو. حڪومتي حلقن مان ان ڳالهه جي پڪ ڏني پئي وڃي ته اسلام آباد اندر مري ۽ هريپور کي شامل ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته گوادر ۽ ٻين بندرگاهن کي اسلام آباد جي انتظامي ڍانچي ۾ شامل ڪرڻ وارو منصوبو ختم ڪيو ويو آهي. اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 1 ۽ آرٽيڪل 239 (4) تحت ڪنهن به صوبي جي جاگرافيائي حدن ۾ تبديلي آڻڻ جيئن پنجاب مان راولپنڊي ۽ مري يا ڪي پي ڪي مان هريپور کي ڪڍي وفاقي گاديءَ واري هنڌ ۾ شامل ڪرڻ سڌيءَ ريت صوبائي حدن جي تبديليءَ جي ذمري ۾ اچي ٿو. ان لاءِ صوبن جي مرضيءَ کانسواءِ سندن حدون تبديل نٿيون ڪري سگهجن. آئين ماهرن جو موقف آهي ته آرٽيڪل 239 (4) صوبن جي جاگرافيءَ جو محافظ آهي ۽ ان ۾ تبديلي صوبي جي چونڊيل اسيمبلي جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي منظوري کانسواءِ نٿي ڪري سگهجي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي سميت مختلف وفاق پرست جماعتون اهڙين تجويزن تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري رهيون آهن. ايمل ولي واضح طور چيو آهي ته هريپور کي اسلام آباد ۾ شامل ڪرڻ جهڙين خبرن تي آئين جو آرٽيڪل 239 (4) بلڪل واضح آهي ۽ جيڪڏهن پيپلزپارٽي آرٽيڪل 239 (4) جي خاتمي جي حمايت ڪئي ته پوءِ سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جو آئيني تحفظ ڪرڻ جو اختيار سنڌ حڪومت کان ڦرجي ويندو.
هن وقت ريفرنڊم لاءِ به تمام زور ۽ شور سان ڳالهيون هلي رهيون آهن. جڏهن ته آرٽيڪل 48 ۾ شامل سب شقون 6 ۽ 7 ڏنل آهن، جيڪي ارڙهين ترميم کانپوءِ ريفرنڊم جي طريقيڪار کي انتهائي سخت ۽ محدود ڪن ٿيون. آئين جي ماهرن مطابق ريفرنڊم ڪرائڻ جي صورت ۾ به آئين جو آرٽيڪل 239 (4) ڪنهن به صورت ۾ باءِ پاس نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن ملڪ ۾ وفاق کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ۽ سنڌ جي وحدت تي ڌڪ هڻڻ لاءِ ريفرنڊم جو سهارو ورتو ويو ۽ آرٽيڪل 239 (4) کي باءِ پاس ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪئي وئي ته سنڌ جي عوام کي پنهنجي آئيني حقن لاءِ پارلياماني ۽ سياسي مزاحمت جو سهارو وٺڻو پوندو. جنهن لاءِ ضروري آهي ته سياسي مبصرن، دانشورن، ليکڪن ۽ ڪارڪن کي پرامن انداز ۾ پنهنجن آئيني حقن لاءِ آواز اٿارڻو پوندو ۽ پنهنجي تهذيبي ۽ تاريخي ورثي جي دفاع سوڌو ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ جي دفاع لاءِ متحرڪ ٿيڻو پوندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو