نار واري لڪ جو بحران: عالمي توانائي، معيشت ۽ امن کي درپيش خطرا
دنيا هن وقت هڪ اهڙي نازڪ موڙ تي بيٺي آهي، جتي جنگ رڳو فوجي محاذن تائين محدود نه رهي آهي، پر ان جا اثر عالمي معيشت، توانائي جي فراهمي ۽ عام ماڻهن جي روزاني زندگيءَ تائين پهچي رهيا آهن. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ، نار واري لڪ جي بند رهڻ ۽ فوجي ڪاررواين جي تسلسل عالمي توانائي جي نظام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. بين الاقوامي توانائي ايجنسي (IEA) جي سربراهه فاطح بيرول جو خبردار ڪندڙ بيان ته جيڪڏهن ايندڙ ڪجهه هفتن اندر صورتحال معمول تي نه آئي ته عالمي توانائيءَ جي سلامتي سخت خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. دنيا جي پاليسي سازن لاءِ هڪ سنجيده وارننگ آهي. نار وارو لنگهه رڳو هڪ سامونڊي لنگهه نه، پر عالمي معيشت جي شهه رڳ آهي. دنيا ۾ سامونڊي رستي منتقل ٿيندڙ ڪچي تيل جو لڳ ڀڳ پنجون حصو هن ئي لنگهه مان گذري ٿو. اهڙي اهم واپاري رستي ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيڻ جو مطلب آهي ته عالمي منڊي ۾ تيل جي فراهمي متاثر ٿيڻ، قيمتن ۾ واڌ ۽ صنعتن جي پيداوار ۾ گهٽتائي. هن مسئلي سان ڪيترن ئي ملڪن ۾ مهانگائي جو هڪ طوفان کڙو ٿيندو ۽ معاشي ترقي رڪجي ويندي. خاص طور تي اهي ملڪ، جيڪي توانائيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ تيل ٻاهران گهرائين ٿا. هاڻوڪي صورتحال ان ڪري به وڌيڪ خطرناڪ آهي، جو فوجي ڪارروايون مسلسل وڌي رهيون آهن. آمريڪا طرفان ايران جي مختلف فوجي هدفن تي حملن ۽ ان جي جواب ۾ ايران پاران آمريڪي فوجي اڏن ۽ اتحادي ملڪن ۾ موجود تنصيبن کي نشانو بڻائڻ جون دعوائون ظاهر ڪن ٿيون ته ڇڪتاڻ گهٽجڻ بدران وڌي رهي آهي. ساڳئي وقت ايران جو لنگهه کي بند رکڻ وارو موقف ۽ آمريڪا جو ان کي عالمي واپار لاءِ خطرو قرار ڏيڻ، سفارتي اختلافن کي وڌيڪ پيچيده بڻائي رهيو آهي. جڏهن به وچ اوڀر ۾ جنگ يا ڇڪتاڻ وڌي آهي ته ڪچي تيل جي قيمتن ۾ واڌ آئي آهي، جنهن جا اثر هر ملڪ جي هر حصي تي پهتا آهن. جنهن ۾ ٽرانسپورٽ کان وٺي دوائون، زرعي شيون، تعميراتي سامان ۽ زراعت شامل آهن. نه صرف مهانگائي وڌي پئي، پر بيروزگاري به وڌي رهي آهي.
پاڪستان جهڙن ترقي ڪندڙ ملڪن لاءِ هي بحران ڳڻتي جوڳو آهي. پاڪستان پنهنجي توانائي جي ضرورتن لاءِ گهڻو تيل ۽ گئس ٻاهران گهرائي ٿو. جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون مسلسل وڌنديون رهيون ته ملڪ جي درآمدي بل ۾ به گهڻو اضافو ٿيندو، جنهن سان پرڏيهي ناڻي تي دٻاءُ پوندو ۽ رپئي جو قدر گهٽ ٿيندو. جنهن جا سڌا اثر عام شهرين جي زندگيءَ تي پوندا. هن بحران مان هڪ اهم سبق اهو به ملي ٿو ته دنيا کي توانائي لاءِ رڳو تيل تي ڀاڙڻ بدران مختلف ٻيا متبادل ذريعا اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪيترائي ملڪ هن وقت ٻيهر استعمال ٿيندڙ توانائيءَ ڏانهن تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. جڏهن ته ترقي ڪندڙ ملڪن کي به ڊگهي مدي واري توانائي پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي ته جيئن بحرانن جو اثر گهٽ ڪري سگهجي. ساڳئي وقت عالمي برادريءَ جي ذميواري آهي ته فوجي تصادم بدران سفارتڪاري کي ترجيح ڏين. گڏيل قومن، عالمي طاقتن ۽ علاقائي تنظيمن کي فعال ڪردار ادا ڪري آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته جنگ جو نقصان رڳو ٻن ملڪن تائين محدود نه رهندو، ان جي لپيٽ ۾ سڄي دنيا جو معاشي نظام ۽ انسان اچي ويندو.
هن وقت دنيا کي ميزائيلن کان وڌيڪ هڪٻئي تي اعتماد ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان لاءِ ذميوار قيادت جي ضرورت آهي. جيڪڏهن نار واري لنگهه جو بحران حل نه ٿيو ته ان جا اثر امير ملڪن سوڌو غريب ملڪن کي به ڀوڳڻا پوندا. امير ملڪ شايد ان بحران مان نڪري وڃن، پر غريب ملڪ انهن بحرانن جو شڪار ٿي سڄي دنيا جي لاءِ هڪڙو بوجهه بڻجي ويندا، جنهن کي پوءِ اهي امير ملڪ به سنڀالي نه سگهندا.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟