مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ايم ڪيو ايم جو “متروڪه سنڌ” جي اصطلاح جو استعمال ۽ سنڌ حڪومت جي بي ڌياني

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

1947ع ۾ ورهاڱي وقت هندستان مان ايندڙ مهاجرن کي سڌو سنئون سرڪاري سطح تي ملڪيتون ڏيڻ جو ڪوبه معاهدو ٿيل نه هو. شروعاتي پاليسي اها هئي ته لکين بي گهر ماڻهن کي مختلف جاين جن ۾ ايئرپورٽ، ريلوي اسٽيشن ۽ مهاجر ڪئمپن ۾ رهايو ويو، سندن راشن پاڻيءَ جو انتظام ڪيو ويو. 1948ع ۾ ڪراچيءَ وارا فساد ۽ بدامني جنهن سبب لٽ مار جا واقعا پيش آيا، جن سنڌي هندن جي سينن ۾ خوف ۽ عدم تحفظ جو احساس پيدا ڪيو، جنهن سبب لکين سنڌي هندو پنهنجا گهر، واپار ۽ ملڪيتون ڇڏي هندستان لڏڻ تي مجبور ٿيا. ان وقت جي مرڪزي بيوروڪريسي ۽ حڪومتي پاليسيءَ جو هڪ وڏو مقصد حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي معيشت ۽ ملڪيتن کي خالي ڪرائي اتي انهن هندستان مان ايندڙ ماڻهن کي آباد ڪرڻ هو. جيئن ته هتان جي هندو سنڌي آبادي ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ جائيدادن، بينڪن، دڪانن ۽ زرعي زمينن جي مالڪ هئي، انهن کي بيدخل ڪرڻ سان هڪ وڏو مالياتي ۽ شهري خلا پيدا ٿيو، جنهن جو سڌو سنئون فائدو بااثر سياستدانن، پرمٽ آفيسرن ۽ ڪوڙا ڪليم ٺاهيندڙن ورتو. هن وقت پاڪستان مختلف مسئلن ۾ ڦاٿل آهي. سنڌ ۾ ٻيو ڪو وڏو مسئلو نه، پر اهو ئي پراڻو ايم ڪيو ايم جو مسئلو رينگٽ بڻجي هلي رهيو آهي. جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙن جو وڏو انگ سنڌ جي ڪراچيءَ سوڌو وڏن شهرن کان علاوه هر ننڍي شهر ۾ پڻ آباد آهي ۽ پوري معيشت تي انهن جو اثر آهي. ان کانسواءِ سنڌ جو عوام انهن کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏئي ٿو. ان جي باوجود به ايم ڪيو ايم مهاجرن جي حقن جي ڳالهه ڪري سنڌ اندر بدامني ۽ بيچيني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. هاڻي سندن بيانيو ڌار صوبن ۽ “متروڪه سنڌ” جي اصطلاح ۾ تبديل ٿي سنڌين لاءِ تڪليف جو باعث بڻجي چڪو آهي. 12 آگسٽ 1951ع تي ڊان اخبار ۾ هڪ خبر شايع ٿي. جنهن هڪ حساس معاملي تي روشني وڌي ته ڪراچيءَ جي هڪ اسسٽنٽ پرمٽ آفيسر سيد مشرف حسين رضوي کي رشوت ۽ جعلسازي جي مقدمن ۾ عدالت سزا ٻڌائي آهي ۽ ان سان گڏ مرزا عباس بيگ کي به سزا ڏني وئي آهي.
عدالتي ڪارروائي ذريعي ثابت ٿيو ته مستقل آبادڪاري جي اجازت نامن جي معاملي ۾ جعلسازي ڪئي وئي. 1950ع واري ڏهاڪي ۾ سيٽلمينٽ ۽ پرمٽ کاتي جا ڪجهه اسسٽنٽ پرمٽ آفيسر ۽ بدعنوان عملدار ان وقت جعلسازي جي مکيه ڪاروبار ۾ ملوث هئا ۽ هندستان کان آيل ماڻهن کي رشوت عيوض ڪوڙا پيپر ٺاهي ڪراچيءَ جي قيمتي زمينن، دڪانن ۽ رهائشي گهرن جا پرمٽ جاري ڪري رهيا هئا. اهي ماڻهو خاص طور تي انتظامي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن تائين پهچ رکندڙ هئا، جن ڪوڙا ڪليم حاصل ڪري ملڪيتون ٺاهيون ۽ مالا مال ٿي ويا. اهڙين خبرن کي ان وقت جي ڪيترين ئي اخبارن پنهنجين خبرن ۾ وائکو ڪيو، جنهن ۾ روزنامه “دي سول اينڊ مليٽري گزٽ” جيڪا لاهور مان نڪرندي هئي ۽ انگريز انتظاميه هيٺ جاري ٿيندي هئي، ان اخبار مهاجرن جي آبادڪاري ۾ ٿيندڙ بدعنوانين ۽ طريقيڪار تي بيباڪي سان تحقيقاتي سيريز شايع ڪيون. ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ “دي ايوننگ اسٽار” جيڪا ڊان جي بينر هيٺ شايع ٿيندي هئي هن شام جي اخبار ۾ مقامي پرمٽ آفيسن ۽ سيٽلمينٽ کاتي اندر ڏينهن جو ٿيندڙ ڌانڌلين ۽ آفيسرن جي گرفتارين جون خبرون هيڊ لائنن سان هلايون وينديون هيون. روزاني “امروز” جيڪا هڪ ترقي پسند سياستدان ۽ ڏاهي ميان افتخار دين جي اخبار هئي، جيڪا چراغ حسن حسرت ۽ فيض احمد فيض جي نگراني ۾ نڪرندي هئي، ان به ڪوڙن ڪليمن ۽ غريب مهاجرن بدران بااثر ماڻهن کي ملڪيتون ڏيڻ واري عمل تي لڳاتار ايڊيٽوريل ۽ طنزيه ڪالم لکيا. هن وقت به ايم ڪيو ايم جو خالد مقبول صديقي مسلسل “متروڪه سنڌ” جو استعمال ڪري سنڌ کي ٽوڙي پنهنجي لاءِ ڌار صوبي ٺاهڻ واري ڳالهه سان گڏوگڏ “متروڪه سنڌ” جهڙا اصطلاح سنڌ جي عوام لاءِ سخت تڪليف جو سبب آهن. هن وقت ايم ڪيو ايم اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ ۾ به پنهنجو اثر رسوخ وڃائي چڪي آهي.
اهڙي وقت ۾ سندن ان قسم جي بيانيي جو سنڌ سرڪار کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. ڇو ته سنڌ سنڌين لاءِ صرف وطن ناهي، بلڪه اهو انهن جو تاريخي ورثو آهي. جڏهن متروڪه جهڙا لفظ استعمال ٿين ٿا ته تاثر اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڄڻ سنڌ لاوارث هئي ۽ ان جو ڪوبه تاريخي وارث يا حقدار موجود نه هو. “متروڪه سنڌ” جهڙا لفظ سنڌ جي تاريخي وحدت ۽ مقامي قومي شعور تي سڌو وار سمجهيا ويندا آهن، هي اصطلاح سنڌي عوام جي اندر سخت رنج جو سبب بڻجي ٿو. ايم ڪيو ايم جي بي شعور ليڊرن لاءِ زمين صرف جاگرافي وارو ٽڪرو يا ملڪيت آهي. انهن کي اتي رهندڙ ماڻهن جي هزارين سالن جي تاريخ، ثقافت ۽ نسلي بالادستي جو وجود نظر نٿو اچي يا نظر انداز ڪن ٿا. جڏهن ته سنڌ سنڌين لاءِ پنهنجي مٽيءَ تان دستبرداري يا ان کي عارضي رهائش سمجهڻ پنهنجي نسلي ۽ قومي وجود کان انڪار آهي. سنڌ جو ماڻهو جڏهن سنڌ کان ڌار ٿي ڪنهن ٻاهرئين ملڪ ۾ به رهي ٿو ته اهو پنهنجو روحاني رشتو ڌرتيءَ سان ڪڏهن به معطل نٿو ڪري. ڇو ته اهو رشتو مادي ناهي، پر اهو هڪ اهڙو روحاني، ثقافتي ۽ قومي بقا جو بنيادي فلسفو آهي جنهن کي ملڪيت يا پلاٽ سان ڀيٽي نٿو سگهجي. هي شاهه جي مارئي جي ڪردار ۾ پنهنجي ڌرتيءَ سان بي لوث محبت جي علامت آهي، پر ايم ڪيو ايم جي ليڊرشپ لاءِ اهو صرف واپار، سياست ۽ نفعي جو ذريعو آهي. سنڌ حڪومت کان اها گهر ڪجي ٿي ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ قانون سازي ڪري ان “متروڪه سنڌ” واري اصطلاح تي پابندي لڳائي وڃي. ڇو ته اهو اصطلاح سنڌ ۽ سنڌي قوم جي تاريخي حق جي توهين آهي، جنهن سان سنڌي قوم ۽ اردو ڳالهائيندڙ آبادي جي وچ ۾ نفرت پيدا ٿئي ٿي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته پنهنجي تعليمي نصاب ۾ شفاف طريقي سان اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اويڪيو پراپرٽي جي صحيح قانوني حقيقت ۽ سنڌ جي قديم تاريخي وجود کي تفصيل سان شامل ڪري پڙهائي ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل انهن حقيقتن کان واقف ٿي، جوان ٿئي ۽ مستقبل ۾ انهن سڀني حملن جو مقابلو ڪري سگهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو