آڪٽوبر، پنڪ ربن ۽ بريسٽ ڪينسر جي آگاهي مهم
آڪٽوبر جو مهينو سڄي دنيا ۾ پنڪ ربن لڳائي ميڊيا جي ذريعي بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي ڏني ويندي آهي. 1993ع ۾ هلري ڪلنٽن وائٽ هائوس ۾ بريسٽ ڪينسر جي آگاهي جي لاءِ “گلابي ربن” کي ان جي عالمي علامت طور چونڊيو، جيڪا هاڻي سڄي دنيا ۾ آڪٽوبر جي مهيني شروع ٿيڻ سان ئي ميڊيا جا ماڻهو هڪ بيج طور لڳائي اهو ياد ڏياريندا آهن ته بريسٽ ڪينسر جي باري ۾ سڄو مهينو آگاهي ڏني وڃي. ان مهم جو آغاز 1985ع ۾ هڪ آمريڪن ڪينسر سوسائٽي هڪ هفتي طور بريسٽ ڪينسر جي آگاهي بابت ملهايو. جنهن کانپوءِ ڊبليو ايڇ او تقريبن چاليهن سالن کان وڌيڪ عرصي کان هن کي عالمي مهم طور حمايت ڪندي ملهائڻ ۾ مدد ڪندو اچي. عالمي انگن اکرن مطابق 2020ع کانپوءِ بريسٽ ڪينسر دنيا ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر کان اڳتي نڪري چڪو آهي. دنيا ۾ ٻين ڪينسرن جي مقابلي ۾ هي 11.7 سيڪڙو آهي. دنيا ۾ چئن عورتن مان هڪ عورت بريسٽ ڪينسر جو شڪار ٻڌائي وڃي ٿي. جڏهن ته پاڪستان ۾ ان جا انگ اکر ڇرڪائيندڙ آهن. سمورن ڪينسر جي ڪيسن ۾ 40 کان 45 سيڪڙو ڪيس بريسٽ ڪينسر جا هوندا آهن. جنهن ۾ هر سال 90 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس سامهون اچن ٿا. جنهن سبب هر سال تقريبن 40 هزار عورتون هن موذي مرض سبب فوت ٿي وڃن ٿيون. ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ آگاهي گهٽ هجڻ جي ڪري گهڻو ڪري ٽين يا چوٿين اسٽيج تي ڊاڪٽر وٽ پهچن ٿيون، جتي علاج جي ڪامياب ٿيڻ جا چانس گهٽجي وڃن ٿا. هي مرض طبي ماهرن مطابق جينياتي، هارمونل، حياتياتي ۽ اسان جي طرز زندگيءَ جي عنصرن جو گڏيل نتيجو آهي.
جيئن جيئن ڪنهن عورت جي عمر وڌي ٿي ته 50 سالن تائين پهچڻ وقت هر عورت کي هن بيماريءَ جو خطرو لاحق ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ اڄڪلهه نوجوان عورتن کي به ان مرض ۾ مبتلا ڏٺو ويو آهي، پر خاص طور تي مينوپاز کانپوءِ هن مرض جو خطرو وڌي وڃي ٿو. جيڪڏهن خاندان ۾ ڪنهن ويجهي رشتي ۾ اهو ڪينسر آهي ته پوءِ ان جي اسڪريننگ ۽ پنهنجي جينز جو ٽيسٽ ڪرائڻ ضروري آهي ته جيئن بروقت علاج شروع ڪري سگهجي. ان کان علاوه جسم ۾ مختلف هارمون جي وڌڻ سبب به هن بيماريءَ جو خطرو موجود رهي ٿو. جڏهن ته طرز زندگي ۽ ماحولياتي اثرن ۾ وزن جو وڌڻ، ورزش جي کوٽ، گهڻيون سڻڀيون غذائون کائڻ، نشو ۽ تماڪ ڇڪڻ، تازين ڀاڄين ۽ ميون جو گهٽ استعمال اهي سڀ سبب گڏجي ڪنهن به عورت کي ان مرض جو شڪار ڪري سگهن ٿا. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هاڻي هن مرض جو علاج 100 سيڪڙو ممڪن آهي. جيڪڏهن ان جي بروقت تشخيص ٿي وڃي. جنهن لاءِ ضروري آهي ته نوجوان ڇوڪرين کي پنهنجو ٽيسٽ ڪرڻ جي آگاهي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي اندر مختلف تنظيمن جي ذريعي جيڪي ڪينسر جي آگاهي جا پروگرام هلائين ٿيون، ڏني وڃي. ان کان علاوه اڄڪلهه Lumpectomy جي ذريعي ڪينسر وارو ٽشو ڪڍي بروقت علاج ڪيو ويندو آهي.
ان کان علاوه جيڪڏهن ڪينسر تمام گهڻو وڌي ويو آهي ته پوءِ ماسيٽيڪٽومي ڪري ڇاتي ڪڍي ويندي آهي. ان کان علاوه ريڊيئيشن ٿراپي، ڪيمو ٿراپي، هارمون ٿراپي، ٽارگيٽڊ ۽ اميونو ٿراپي جي ذريعي علاج ممڪن آهي. ان جو فيصلو هڪ قابل ڊاڪٽر ڪري سگهي ٿو ته اهو ڪينسر ڪهڙي سطح تي موجود آهي. ان ڪري 40 سالن کانپوءِ هر عورت کي پنهنجي اسڪريننگ، جنهن ۾ ميمو گرافي، بريسٽ الٽراسائونڊ شامل آهن ڪرائڻ گهرجن. جيڪڏهن ڪينسر جو شڪ هوندو ته ڊاڪٽر اڃان وڌيڪ ٽيسٽ لاءِ چوندو. اڄڪلهه اسان جي طرز زندگي اسان جي هر ننڍي وڏي ڪم کي متاثر ڪيو آهي. جنهن ۾ اسان پنهنجي توانائي ۽ صحت وڃائي رهيا آهيون. ضروري آهي ته پنهنجي گهر جي هر فرد کي گهر جو ٺهيل تازو کاڌو کارايو وڃي، ٻاهر جو پراسيسڊ فوڊ يا هوٽلن جو کاڌو کائڻ کان پرهيز ڪجي. تازيون ڀاڄيون، ميوا وڌيڪ استعمال ڪجن، اڻ ڇڻيل اٽو ۽ دالين جو استعمال ڪجي. وڌ کان وڌ سادو ۽ صاف پاڻي واپرائجي، رنگن واري شربتن کان پاسو ڪجي. ان سان گڏ ٿوري ورزش ۽ پنهنجو پاڻ کي ذهني دٻاءُ کان بچائڻ لاءِ وقت تي سمهڻ ۽ اٿڻ جي عادت وجهجي ۽ ٿورو وقت سٺن دوستن سان گذارجي ته جيئن توهان جو ذهن تندرست محسوس ڪري. عورتن کي گهرجي ته پنهنجي گهر ۾ پنهنجي خاندان لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ ڪپڙن جي استعمال لاءِ ڪاٽن جي ڪپڙن جي چونڊ ڪجي. ڇو ته نائيلون سوڌو آرٽيفيشل فائبر مان ٺهيل ڪپڙا اسان جي جسم تي منفي اثر وجهن ٿا. مائيڪرو ويوو ۾ پلاسٽڪ جي جاءِ تي شيشي جو ٿانو استعمال ڪجي، ڇو ته پلاسٽڪ آهستي آهستي اسان جي کاڌي ۾ شامل ٿئي ٿي، جيڪا مختلف ڪينسرن جو سبب بڻجي ٿي. اميد آهي ته آڪٽوبر جي مهيني کي عورتون نه صرف پنهنجي ذاتي چيڪ اپ لاءِ، بلڪه پنهنجي خاندان ۾ انهن عورتن کي به آگاهي ڏينديون جيڪي اهڙي ماحول ۾ رهن ٿيون جن کي سڌي سنئين آگاهي نٿي ملي سگهي ۽ انهن عورتن کي اسپتالن تائين ٽيسٽ لاءِ پهچڻ ۾ مدد فراهم ڪنديون، جن کي بريسٽ ڪينسر جو ٿورو به خطرو ٿي سگهي ٿو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟