آمريڪا 250هين سالگره ملهائي چُڪو آهي، ان جو سياسي ارتقائي سفر قومن لاءِ سبق آهي
4 جولاءِ 2026ع تي آمريڪا 250هين آزاديءَ جي سالگره ملهائي چُڪو آهي. 1776ع ۾ آزاديءَ جي اعلان ۽ 1787ع ۾ آئين جي ٺهڻ کانپوءِ آمريڪي جمهوريت هڪ رات ۾ عروج حاصل نه ڪيو. 65-1861ع واري گهرو ويڙهه کانپوءِ آئين ۾ 13، 14 ۽ 15 ترميمون ڪيون ويون. جنهن سان آفريقي نزاد آمريڪين کي شهريت ۽ ووٽ جو حق مليو. 1920ع ۾ اوڻيهين ترميم عورتن کي ووٽ جو حق ڏنو. 1960ع ۾ سول رائيٽس تحريڪ کانپوءِ نسلي بنيادن تي ووٽن جون رنڊڪون ختم ٿيون. 250 سالن ۾ اتي ڪڏهن به فوجي بغاوت نه ٿي. فوج، انٽيلجينس ايجنسيون ۽ بيوروڪريسي چونڊيل صدر ۽ ڪانگريس جي ماتحت آهن. آمريڪا ۾ طاقت انتظاميه، مقننه ۽ عدليه ۾ ورهايل آهي. ان باوجود ان جي نظام تي تنقيد ڪري سگهجي ٿي. اتي به ڪارپوريٽ لابنگ ۽ پئسي جي اثر سبب وال اسٽريٽ ۽ دفاعي صنعتون چونڊ مهمن ۾ اربين ڊالر لڳائي پاليسين تي اثر وجهن ٿيون. پاڪستان 1947ع ۾ وجود ۾ آيو ۽ چار ڀيرا مارشلائن ذريعي جمهوري ارتقائي سفر کي سست ڪيو ويو. 1956ع ۾ پهريون آئين جڙيو، عدليه “نظريهءِ ضرورت” غلط قدمن کي جائز قرار ڏيڻ ۾ ڀائيوار رهي. صوبن ۽ وفاق وچ ۾ مسئلن جو حل آئين کان مٿانهون ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. 1955ع ۾ ون يونٽ نافذ ٿيو، 2010ع ۾ ارڙهين ترميم ته آئي، پر ان تي عملدرآمد ۾ رنڊڪون رهيون. بلدياتي ادارن کي پوري پاڪستان ۾ يڪسان طور نافذ ڪرڻ لاءِ قدم نه کنيا ويا. جنهن سان عام شهري قيادت نه اڀري سگهي. ٽيڪس اصلاحن بجاءِ صوبن جي حقن تي نظر رکي وئي. 1980ع ۾ ٻين ملڪن جي معاملن ۾ پاڻ ڦاسائي ملڪ کي سياسي، سماجي ۽ معاشي نقصان ڏنو ويو. اڄ به اردو ميڊيا هڪ خاص ايجنڊا تحت مهمان گهرائي انهن جي وات ۾ اسٽيبلشمينٽ جا خيال زوري زبردستي وجهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. 1973ع جي متفقه آئين ۾ نون صوبن ٺاهڻ جو عمل تحرير ٿيل آهي، ان باوجود سنڌ جي وحدت مٿان وار جاري آهي ۽ اردو ميڊيا هڪ اهڙو بيانيو ٺاهڻ ۾ رڌل آهي ته سنڌ وفاق جي حوالي ڪئي پئي وڃي. اين ايف سي ايوارڊ ۾ چئني صوبن جي مرضيءَ کانسواءِ مٿان ئي مٿان 57 ارب 46 ڪروڙ رپيا اين ايف سي ايوارڊ مان وفاق ڪٽوتي ڪري ورتا آهن. جڏهن ته اردو ميڊيا سياستدانن ۽ صوبائي حڪومتن تي اهو الزام لڳائي رهي آهي ته صوبن ٺاهڻ جي پٺيان سبب خراب حڪمراني آهي.
ملڪ ۾ چونڊن جو نظام هٿ وٺي ايترو ته مهانگو ڪيو ويو آهي جو عام ماڻهو چونڊن ۾ ڪائونسلر جي سيٽ تي به چونڊ وڙهڻ جو نٿو سوچي سگهي. برطانيه ۽ جرمني پنهنجي سياسي نظام کي پئسي جي اثر کان ڪڍي عام شهري کي اقتدار ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ چونڊ خرچن جي سخت نگراني ۽ بااختيار مڪاني حڪومتن جا مضبوط ماڊل ٺاهيا آهن. اسان وٽ عام ماڻهو کي چونڊن کان ٻاهر رکڻ لاءِ ماڊل ٺاهيو ويو آهي. جاگيردار ۽ صنعتڪار طبقي مان ماڻهن کي چونڊي دعوت ڏئي سياست جي ميدان ۾ لاٿو وڃي ٿو، جيڪي پنهنجن مفادن لاءِ قانون سازي ڪن ٿا، ٽيڪس چوري ڪن ٿا، ملڪ جي سڀني وسيلن تي قبضو ڪري عام ماڻهو کي ان جي بنيادي حقن کان محروم ڪن ٿا. سڌارا ته ان ميدان تي آڻڻ جي ضرورت آهي. نون صوبن جي ڳالهه ڪرڻ وارا ذهني ڌنڌلڪي جو شڪار آهن. کين ڪا خبر ناهي ته صوبن جي گُهر ڪهڙي بنياد تي ڪن. ڇو ته کين خبر آهي ته سندن هر گُهر گمراهه ڪندڙ هوندي. جڏهن انتظامي يونٽن ۽ صوبن جي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي ته پٺيان سوين آئيني ترميمن جو ذڪر به ٿئي ٿو. جڏهن ته 1973 جو آئين هڪ متفقه دستاويز آهي ۽ آرٽيڪل 239 (4) صوبن جي جاگرافيائي وحدت جو تحفظ ڪري ٿو. ان هوندي به ننڍن ننڍن سوراخن ذريعي صوبن جي جاگرافيائي وحدت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ۾ ڪامران خان ۽ عمر چيما جهڙا ٻيا ڪيترائي نفرت پکيڙيندڙ صحافي صبح شام ڌنڌي سان لڳل آهن.
حالانڪه بحث ان تي ٿيڻ گهرجي ته ارڙهين ترميم تي عمل ڇو نه پيو ٿئي. وفاق کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ارڙهين ترميم ملڪ جو واحد حل آهي. ملڪ ماضيءَ ۾ ڪيترائي غير آئيني ۽ غير جمهوري تجربا ڪري ڌڪ کاڌا آهن. جيڪڏهن اڃان وڌيڪ ڌڪ کائڻ جو شوق آهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اهڙن غير آئيني تجربن جو شوق رکڻ وارا هن ملڪ کان ڪا وڏي قيمت گهري رهيا آهن. پاڪستان کي به آمريڪا وانگر جمهوري نظام ۾ ارتقا جو سفر قبول ڪرڻو پوندو. غير ضروري ادارن کي ختم ڪري ملڪ کي پيداواري ۽ صنعتي طور مضبوط ڪرڻ، قرضن تي انحصار ختم ڪرڻ، زراعت جيڪا ملڪ جي ڪرنگهي جي هڏي آهي ان تي ڌيان ڏئي پيداوار وڌائي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ، تعليم ۽ آءِ ٽي ۾ جديد نصاب متعارف ڪرائي نوجوانن کي نئين دور جي ضرورتن مطابق تيار ڪري قابل ۽ هنرمند هيومن ريسورس بنائڻ وقت جي ضرورت آهي. گڏوگڏ بلدياتي نظام ۾ سڌارا آڻي انهن کي آئيني تحفظ ڏئي صوبن ۽ وفاق وچ ۾ اتفاق راءِ سان نظام هلائڻ ۽ عام ماڻهو کي چونڊن ۾ شريڪ ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. ملڪ اهڙن قدمن جي ضرورت آهي، نه ڪي نون صوبن جي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟