ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ پيپلزپارٽيءَ جو سيمينار سڄي سنڌ جو آواز آهي
نثار کهڙي جي اڳواڻيءَ ۾ 12 جون 2026ع تي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ پ پ طرفان ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري بيانيي تي هڪ سيمنيار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سياسي ماهرن، سياستدانن، صحافين ۽ ٻين شخصيتن پنهنجو موقف ڏنو. هن سيمينار جو اهم مقصد دانشورن جي موقف مان اها ڳالهه سمجهڻ هئي ته ڇا جيڪو بيانيو هلي رهيو آهي ان سان ڪيئن آئيني طريقي سان مقابلو ڪجي. 17 سالن کان سنڌ جي حڪمراني پ پ وٽ آهي. ان طويل دور ۾ پ پ پنهنجي ماڻهن جو احتساب ناهي ڪيو، جن سان عوام کي شڪايت آهي. جن ادارن اندر ڪرپشن ڪئي آهي يا جتي ميرٽ جي لتاڙ ٿي آهي ۽ نه ئي نوجوانن جي لاءِ روزگار جا ذريعا محدود ڪرڻ وارن جو ڪو احتساب ٿيو آهي، پر عوام پيپلزپارٽي سان گڏ ان ڪري بيٺل آهي جو شايد انهن وٽ ٻيو ڪوبه متبادل موجود ڪونهي، جيڪو کين جمهوريت جي جدوجهد ۾ سر فهرست نظر اچي. هن وقت خبر ناهي ته ڪراچيءَ کي وفاق جي حوالي ڪرڻ وارو بيانيو ڪٿان ٺهي سنڌ ۾ گونجي رهيو آهي ته ڪراچيءَ کي وفاق جي حوالي ڪيو وڃي. هن وقت سنڌ جي اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪٽوتي، سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ ۾ پورو حصو نه ملڻ، ايم ڪيو ايم جي مرده جسم ۾ وري روح ڦوڪڻ جون ڪوششون، سپريم ڪورٽ جو ٻن ڏوهارين ڦاهيءَ جي حقدار ڏوهارين کي ڇڏي ڏيڻ، اهي سڀ قدم سنڌ جي عوام لاءِ پيغام آهن.
اهڙي وقت ۾ هي سيمينار پ پ جو عوام کي پاڻ سان گڏ بيهارڻ ۽ عوامي طاقت تي ڀروسو ڪرڻ کيس وڌيڪ سياسي طاقت فراهم ڪندو. پاڪستان ۾ سياسي ڌرين عوام تي ڀروسو ڪرڻ بجاءِ اهڙي طاقتن تي ڀروسو ڪيو آهي جن آئين کي لتاڙيو آهي. اهڙي وقت ۾ پ پ جو عوام ڏانهن رخ ڪرڻ ۽ انهن جي مدد سان هڪ نئون بيانيو ٺاهڻ احسن قدم آهي. سيمينار ۾ مظهر الحق، وسعت الله خان، نورالهديٰ شاهه، بئريسٽر ضمير گهمرو جهڙا اسپيڪر موجود هئا، جن سنڌ جي سڄي عوام جي نمائندگي ڪئي. جڏهن ته اڳوڻو چيئرمين سينيٽ رضا رباني مهمان خاص طور موجود هو. رضا رباني پنهنجي تقرير ۾ تمام نرم ۽ سادي نموني سان ڳالهائيندي علمي گهرائي ۽ سچائيءَ سان اها ڳالهه ڪئي ته پارليامينٽ ۽ آئين جي بالادستي تڏهن ئي قائم رهي سگهي ٿي، جڏهن ملڪ جا عوامي طبقا، دانشور، مزدور ۽ سياسي ڪارڪن پنهنجن حقن لاءِ بيدار هوندا. هن چيو ته ڪراچيءَ کي وفاق جي ماتحت ڪرڻ ايترو سولو ناهي، ان لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي، جنهن لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهرجي جيڪا هن وقت ڪنهن وٽ به ناهي. هن ماضيءَ کي ياد ڪندي انهن طاقتور ڌرين کي پيغام ڏيندي چيو ته ماضيءَ ۾ به ون يونٽ مڙهڻ يا صوبن جا حق غصب ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون ۽ عوامي تحريڪن انهن آمراڻين سوچن کي شڪست ڏني. رضا رباني جهڙي سينيئر سياستدان ۽ آئيني ماهر جڏهن عوام آڏو اها ڳالهه ڪئي ته هن سنڌ جي عوام اندر هڪڙو نئون حوصلو ۽ ويساهه پيدا ڪري ڇڏيو. هو هڪ سچو ۽ کرو سياستدان آهي، جيڪو هر مصلحت پسنديءَ کان آزاد ٿي پنهنجو سياسي موقف رکندو آهي. پيپلزپارٽي ۾ اهي چند سياستدان جيڪي هاڻي تمام گهڻا اهم بڻجي چڪا آهن، انهن مان هڪ آهي. ڪيترن ئي اسپيڪرن وفاق جي اهڙي قدم کي غير آئيني قرار ڏيندي وفاق تي ڇتي تنقيد به ڪئي ته گڏوگڏ پ پ تي به ڪراچيءَ کي ترقي نه ڪرائڻ لاءِ ذميدار قرار ڏنو. پ پ جي خراب ڪارڪردگي تي ان جي پنهنجي فورم تي ڳالهائڻ هي اصل جمهوري طريقو آهي.
پيپلز پارٽي ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ تنقيد کي هميشه برداشت ڪيو آهي، جيڪا ان جي جمهوري پارٽي هجڻ جو ثبوت آهي. هن سيمنيار ۾ دانشور طبقي ۽ سياسي ماهرن آئين جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي، جنهن کي ڪير به چئلينج نٿو ڪري سگهي. ڪراچيءَ کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جهڙيون بيوقوفاڻيون ڳالهيون نه صرف آئين، پر سنڌ جي عوام جي به توهين آهن. 2022ع ۾ جنرل قمر جاويد باجوه مختلف الوداعي خطابن ۾ ڪٿي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سياستدانن کي پنهنجي سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي ملڪ ۽ آئين سان سچو ٿيڻو پوندو، تڏهن اهي طاقتور ٿيندا. هن اها ڳالهه ڪئي ته سياستدان پنهنجين غلطين ۽ ناڪامين جو ملبو فوج تي وجهندا آهن. جڏهن حڪومت ۾ هوندا آهن ته فوج جي تعريف ڪندا آهن ۽ جڏهن اپوزيشن ۾ هوندا آهن ته فوج مٿان تنقيد ڪندا آهن. پيپلزپارٽي جو هي سيمينار ڄڻ ان مشوري جي تائيد آهي. لڳي ٿو هاڻي سياستدانن کي پاڪستان جا مسئلا سياسي انداز ۾ عوام جي طاقت ۽ پٺڀرائي سان حل ڪرڻا پوندا. رضا رباني جو به اهو موقف هو ته آئين جي تحفظ لاءِ صرف عدالتن يا اقتداري راهدارين ڏانهن نٿو نهاري سگهجي، اسان کي عوام جي طاقت تي ڀروسو ڪرڻ ضروري آهي. اهي طاقتور ڌريون جن مختلف وقتن تي آئين کي ڪمزور ڪيو، هي سيمينار انهن لاءِ هڪ پيغام آهي ته وقت تبديل ٿي چڪو آهي اڄ جو پاڪستان، اڄ جي سنڌ جو عوام، اڄ جو سياسي منظرنامو بلڪل تبديل ٿي چڪو آهي. هاڻي انهن طاقتور حلقن کي سمجهڻو پوندو ته ملڪ جي بقا ۽ مضبوطي صرف ۽ صرف ملڪي آئين جي احترام ۾ آهي. پيپلزپارٽي کي به ياد رکڻ گهرجي ته سندس اصل طاقت عوام جي طاقت آهي، جيڪڏهن هن عوام لاءِ پنهنجي حڪمرانيءَ کي بهتر نه ڪيو ته اها طاقت کانئس کسجي به سگهي ٿي ۽ ٻي صورت ۾ اها طاقت وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي آئين ۾ ڏنل حقن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته عوام ضرور ان سان گڏ بيهندو. عوام کي به گهرجي ته پنهنجي دشمن کي سڃاڻن ۽ آئين سان گڏ بيٺل قيادت سان گڏ بيهن جيڪا سندن حقن ۽ جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت ڪري سگهي. آخر ۾ سنڌ جي وحدت جي تحفظ، آئيني اختيارن جي دفاع، ارڙهين آئيني ترميم جيڪا صوبن کي خود مختياري ڏئي ٿي ان جي تحفظ تي ڪو سمجهوتو نه ڪرڻ، وفاقي مداخلت جي مخالفت جو آئيني طريقي سان مقابلو ڪرڻ تي زور ڏيندي قرارداد ذريعي سمورن سياسي، سماجي ۽ ادبي اڳواڻن هڪ آواز ٿي سنڌ جي حقن جي تحفظ ۽ سنڌ جي جاگرافيائي حدن جي تحفظ لاءِ يڪ زبان گڏيل عزم جو اظهار ڪيو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟