صوفياڻي سنڌ ۾ مدرسن اندر ٻارن جو جنسي استحصال ۽ قتلَ
1970ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ اسڪول تمام بهتر حالت ۾ هئا ۽ سماج جو هر ٻار بنا تفريق جي اسڪولن ۾ گڏ پڙهندو هو. قرآن جو سبق وٺڻ لاءِ ٻار گڏجي مسجد جي کٿاب ۾ يا ڪنهن پاڙي جي گهر ۾ وڃي سبق وٺندا هئا. 1979ع کان 1989ع تائين سنڌ ۾ مدرسن جو ڄار پکڙجي ويو. جنرل ضياءُ الحق جي اسلامائيزيشن پاليسي ۽ افغان جهاد جي نتيجي ۾ آمريڪا، سعودي عرب ۽ ٻين نار وارن ملڪن مان اربين رپيا پاڪستان ڏانهن اچڻ لڳا. 1980ع ۾ زڪوات آرڊيننس کانپوءِ رياست پنهنجي سرپرستي هيٺ مدرسن کي سڌيءَ ريت سرڪاري زڪوات مان فنڊ ڏيڻ شروع ڪيا، جنهن سان اسڪولن جو نظام ڪمزور ٿيو ۽ مدرسن کي هڪ پڪو مضبوط معاشي بنياد فراهم ٿيو. غريب جيڪو پنهنجي ٻارن جي ماني ٽڪر، ڪپڙي لٽي ۽ ٻين ضرورتن جي بار هيٺ هو ان لاءِ هي مدرسا مستقل رهائش ۽ مالي مدد جو ذريعو بڻجي ويا. 1990ع کان 2004ع تائين سنڌ ۾ مدرسن جو نيٽ ورڪ تمام تيزيءَ سان ننڍن وڏن شهرن تائين پکڙجي ويو. جنهن سان نه صرف هڪ انتها پسند ذهن پيدا ٿيو، بلڪه معاشري ۾ هڪ اهڙو بگاڙ اچي ويو جنهن سماج کي هڪ وڏو ڌڪ هنيو. ان عمل قومپرست ۽ روشن خيال سياسي سوچ کي وڏو ڌڪ هنيو. 15 جولاءِ 2026 تي چمبڙ تعلقي جي هڪ مدرسي فيضان مدينه ۾ هڪ 15 سالن جي ٻار عمران شاهنواز ڪورائي کي زيادتي جو نشانو بڻائي، پوءِ زهر ڏئي قتل ڪيو ويو. جنهن ۾ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اها خبر ٻڌندي ئي ٻيا ڪيترائي والدين پنهنجن ٻارن کي مدرسي مان ڪڍي ويا آهن، جيڪا هڪ سٺي نشاني آهي. ان قسم جا واقعا ڪڏهن ڪڏهن نه، پر روز جي بنياد تي ٿين ٿا. افسوس ته اهڙن ڪيسن ۾ گرفتار ذميدارن کي اڄ ڏينهن تائين ڪابه سزا جي خبر ڪٿي به شايع نه ٿي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اهڙن ٻين نفسياتي مرضن جي همت افزائي ٿي رهي آهي ۽ انهن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ روزانو جي بنياد تي ٻار مدرسن ۾ قتل ڪيا پيا وڃن.
“پاڪستان ڪڊس رائيٽ” انڊيڪس جي لسٽ ۾ 182 ملڪن مان 154 هين نمبر تي بيٺل آهي، جيڪا اسان لاءِ شرمندگيءَ جي ڳالهه آهي. رياست مدرسن جي ڄار کي پکيڙيو آهي، پر انهن جي نگراني ۽ ٻارن جي تحفظ لاءِ يا ٻارن سان ٿيندڙ زيادتين جي نتيجي ۾ ڏوهارين کي سزائون ڏيڻ لاءِ ڪوبه قدم نه کنيو آهي. هن وقت ملڪ کي مدرسن جي نه، بلڪه جديد تعليم سان آراسته اسڪولن ۽ تعليمي نظام جي ضرورت آهي. برادر اسلامي ملڪن ترڪيه، ملائيشيا ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن ۾ به اسڪولن اندر جديد تعليم جو نظام رائج آهي. جڏهن ته مذهب جي بنيادي تعليم لاءِ هڪ مضمون شامل آهي. باقي جيڪي والدين پنهنجن ٻارن کي مذهب جي تعليم ڏيڻ چاهين ٿا ته انهن کي گهرجي ته اهي پنهنجن ٻارن لاءِ ڪنهن سٺي عالم جون خدمتون حاصل ڪن، ان تي ذاتي سيڙپڪاري ڪن. جيئن علامه آءِ آءِ قاضي مذهبي تعليم گهر ۾ حاصل ڪئي ۽ پوءِ لنڊن وڃي بئريسٽري ۽ فلسفي جي تعليم حاصل ڪئي. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي پروش ۽ مذهبي تعليم جو بندوبست گهر ۾ ڪيو ويو. امام بخاري ننڍپڻ ۾ مذهب جي تعليم پنهنجي والده کان گهر ۾ حاصل ڪئي. حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي ڪنهن ٻاهرين مدرسي ۾ نه بلڪه پنهنجي گهر ۾ قرآن حفظ ڪيو. سر سيد احمد خان جي شروعاتي تعليم سندس والده عزيز النساءِ گهر ۾ ڪئي. اسلامي تاريخ جا عظيم سائنسدان ۽ فلسفي ابن سينا ۽ ابن رشد جهڙيون شخصيتون گهر ۾ شروعاتي مذهبي تعليم حاصل ڪري پوءِ اڳتي وڃي پنهنجي بالغ عمري ۾ وڌيڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي.
اسان جي مدرسن مان اڄ ڏينهن تائين ڪوبه علامه آءِ آءِ قاصي، سر سيد احمد خان، ابن سينا، ابن رشد يا امام بخاري جهڙو ذهن پيدا نه ٿيو آهي. جيڪي غريب والدين پنهنجن ٻارن کي کارائڻ جي سگهه نٿا رکن اهي پنهنجن ٻارن کي مدرسن ۾ اڇلائي ڇڏين ٿا جيڪي اتان جي بيمار ذهن مولوين جي هٿن ۾ ڪنهن ڪمزور جانور وانگر چيڀاٽجي وڃن ٿا، جتان يا ته سندن لاش اچن ٿا يا اهي خود نفسياتي مرضن جو شڪار بڻجي ٻاهر سماج کي گدلو ڪن ٿا. جڏهن به ڪو شخص مدرسن جي اصلاح جي باري ۾ آواز اٿاري ٿو ته ان کي مذهب جي توهين سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جڏهن ته هنن مدرسن ۾ سر عام مذهب جي روزانو جي بنياد تي توهين ڪئي پئي وڃي. هنن مدرسن کي مالي مدد ملڻ کانپوءِ نه هنن جي آڊٽ ڪئي ٿي وڃي، نه هنن کي يڪسان نصاب پڙهايو ٿو وڃي ۽ نه ئي ٻارن کي اخلاقي تعليم جي بلندين تائين پهچايو ٿو وڃي. سنڌ سرڪار کان اها گهر آهي ته سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سرڪاري اسڪولن جي نظام کي هڪدم بهتر ڪيو وڃي، ٻارن کي نصاب سان گڏ ٽيڪنالاجي ۽ هنري تعليم کي لازمي ڪيو وڃي. گڏوگڏ سماج مان هنن نفسياتي ۽ ذهني بيمارين جو شڪار ماڻهن کي مدرسن ۾ متعين ڪرڻ کان پهرين انهن جا ٽيسٽ ورتا وڃن، مدرسن جي سخت نگراني ڪئي وڃي، ان جي لاءِ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪيو وڃي، تعلقي ۽ ضلعي انتظاميه جي سطح تي انهن جا وزٽ ڪيا وڃن. وقت بوقت مختلف ٻارن سان ملاقاتون ڪيون وڃن، نفسياتي ماهرن کي مدرسن جا وزٽ ڪرايا وڃن ۽ جيڪي مولوي هيستائين ٻارن سان اهڙن ڪيسن ۾ ملوث قانون جي هٿ هيٺ آهن انهن تي قانون مطابق ڪارروائي ڪري کين سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن. گڏوگڏ والدين جي به اها ذميداري آهي ته اهي پنهنجن ٻارن کان وقت بوقت مدرسي جي ماحول بابت معلومات حاصل ڪن ۽ جيڪڏهن ڪو ٻار والدين سان ڪا شڪايت ڪري يا خوفزده نظر اچي ته والدين ان جي تحقيق ڪن ۽ پنهنجن ٻارن کي محفوظ بڻائين.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟