مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ ۽ ماني مهانگي ڇو؟ سرڪار پاران ڏهه لک ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي ضرورت ڇو پئي؟

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وفاقي حڪومت پاران 10 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ٻاهرين ملڪن کان گهرائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. وفاقي وزير نيشنل فوڊ سيڪيورٽي راڻا تنوير حسين چيو ته ايندڙ هفتي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي آخري فيصلو ڪندي ته ڪڻڪ جي امپورٽ سرڪاري شعبي ۾ ٿيندي يا پرائيويٽ شعبي کي ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جو اختيار ڏنو ويندو. صوبن به پنهنجي ضرورت کان وفاق کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ تيزيءَ سان مهانگائي جو شڪار ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ سڀ کان بنيادي کاڌي جو عنصر ڪڻڪ جو اٽو تمام تيزيءَ سان مهانگو ٿي عام ماڻهو جي بجيٽ کي متاثر ڪري غريب جي پهچ کان ٻاهر ٿي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ اسان جي ملڪ ملڪي ضرورت کان وڌيڪ ڪڻڪ پيدا ڪئي آهي ۽ هاڻي به ڪري سگهي ٿو، جيڪا ملڪي ضرورت پوري ڪرڻ کان علاوه پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جو ذريعو به ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته حڪومت جون پاليسيون هڪ اهڙي رخ ۾ وڃي رهيون آهن، جيڪي مستقبل لاءِ خوفناڪ ثابت ٿي سگهن ٿيون. وفاقي حڪومت پاسڪو جهڙي اداري کي جيڪو ملڪ جي خوراڪ جي تحفظ لاءِ 1974ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت دوران ڪمپنيز ايڪٽ تحت قائم ڪيو ويو هو، ان جي عمل دخل کي محدود ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هن اداري وٽ سڄي ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين کي خريد ڪري اسٽريٽيجڪ فوڊ سيڪيورٽي تحت ذخيرو ڪرڻ لاءِ پنهنجا گودام موجود آهن. ان اداري جو مقصد اهوئي هو ته عوام کي کاڌي جو بنيادي عنصر ڪڻڪ جو اٽو سستي اگهن تي ملندو رهي، پر وفاقي حڪومت هن اداري کي بين الاقوامي ادارن آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي دٻاءُ ۾ اچي، جيڪي اسان جي ملڪ مٿان اهڙيون پاليسيون مڙهي رهيا آهن، جيڪي نيو لبرل ازم ۽ آزاد بازارين واري سرمائيداري جي نظريي تي ٻڌل آهن.
اهي ادارا پاڪستان سميت ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ سرمائيداري نظام جون پاڙون مضبوط بنائڻ ۽ پنهنجو اثر وڌائڻ لاءِ هيٺيان قدم ۽ پاليسيون ترقي ڪندڙ ملڪن تي لاڳو ڪري انهن کي مجبور ڪري رهيا آهن، جيئن: بازارن جو آزاد هجڻ، سرڪار جو بارداڻي، خوراڪ، زراعت ۽ بجلي جهڙين بنيادي شعبن مان پنهنجو ڪنٽرول ختم ڪرڻ. ان کان علاوه سرڪار جو سبسڊي يا امدادي قيمت تي پابندي، جنهن سان مقامي آبادگار ۽ مقامي زراعت غير محفوط ٿي رهي آهي. جڏهن سرڪار هارين کي تحفظ نه ڏيندي ته ملڪ پنهنجي بنيادي خوراڪ لاءِ عالمي منڊيءَ ڏانهن رخ ڪندو، جتي سرمائيدار ڪمپنيون پنهنجي منظور ٿيل قيمتن تي اسان کي خوراڪ فراهم ڪنديون. جڏهن ته زرعي ملڪ هوندي به اسان پنهنجي زراعت کي پنهنجن هٿن سان سرمائيدارڻي نظام جي هٿان غير محفوظ ڪري رهيا آهيون ۽ ملڪ کي کاڌ خوراڪ جي لحاظ کان غير محفوظ ڪري رهيا آهيون. حڪومت جو پاسڪو اداري کي ڪمزور ڪرڻ، ٻين ملڪن کان ڪڻڪ گهرائڻ سان فلور ملن جو قبضو مضبوط ٿيندو، جنهن سان ملڪ جو هاري جيڪو ڪڻڪ پيدا به ڪندو ان کي به پنهنجي اپت جي مناسب قيمت نه ملي سگهندي ۽ سندس پورهيو بي قدر ٿي ويندو.
گذريل ڇهن ستن مهينن ۾ سنڌ حڪومت جي گودامن مان مختلف وقتن تي لکين ٽنن ۾ ڪڻڪ چوري ٿيندي رهي، جنهن جو چور اڄ تائين پڪڙجي ناهي سگهيو. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اهڙن استحصالي قدمن ڪري ڪلهه غريب جنهن کي ٻه ويلا ماني نصيب ٿيندي هئي، هاڻي هو شايد پنهنجي خاندان کي هڪ ويلو ماني کارائڻ جي به قابل نه رهندو. هڪ زرعي ملڪ هجڻ ناتي اسان جي حڪومت کي پنهنجون زرعي پاليسيون آبادگار دوست ۽ عوام دوست ٺاهڻ گهرجن، جيڪي آبادگار کي سرڪاري امداد سان بارداڻو، ڀاڻ ۽ پاڻيءَ جي سپلاءِ کي يقيني بڻائي سگهن ته جيئن اسان جو آبادگار ملڪ جي کاڌ خوراڪ جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ پيدا ڪري سگهي ۽ ضرورت کان وڌيڪ ڪڻڪ ٻاهر وڪڻي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي. جڏهن ته اسان جو ملڪ تيزيءَ سان قرض وٺي عوام کي قرضن هيٺان دٻائي رهيو آهي، جنهن جو فائدو اشرافيه کڻي رهي آهي. ايترن قرضن باوجود پنجاب کانسواءِ ٽنهي صوبن ۾جديد انفرااسٽرڪچر نه ٺهي سگهيو آهي. ملڪ ۾ 2 ڪروڙ 60 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جيڪو نائيجيريا کانپوءِ سڄي دنيا ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو ٻيو سڀ کان وڏو تعداد آهي. اهڙي وقت ۾ رياست کي ڪامياب چئجي يا ناڪام. جڏهن ته وزير داخلا محسن نقوي هڪ بزنس اڪنامڪ سمٽ ۾ نظام جي ناڪاميءَ جو کليو اظهار ڪري چڪو آهي. سوال آهي ته آخر ايترو قرض وٺڻ کانپوءِ به ملڪ ترقي ڇو نه ڪري سگهيو آهي. ٻه ڪروڙ سٺ لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر ڇو آهن، پاسڪو جي ڪڻڪ جي خريداري بند ڇو ڪئي وئي آهي. ڪابه پاليسي ملڪ جي عوام جي غربت اڃان تائين ختم ڇو نه ڪري سگهي آهي، ملڪ جي نوجوان آبادي غير يقيني جو شڪار ڇو آهي. پاليسيون جيڪي عوام دشمن آهن اهي ڪير ٺاهي ٿو ۽ ڪير منظور ڪري ٿو ۽ آخر انهن سڀني پاليسين جو مقصد ملڪ کي ڪهڙي پاسي وٺي وڃڻ آهي؟ ڇا انهن پاليسين جو مقصد ملڪ کي سرمائيدار جي پنجوڙ ۾ ڏيڻ آهي؟ جڏهن هي ملڪ سرمائيدار جي پنجوڙ ۾ هليو ويندو ته پوءِ ان جو فائدو صرف اشرافيه ۽ طاقتور طبقو حاصل ڪندو ۽ غريب عوام جو گرهه ننڍي کان ننڍو ٿيندو ويندو ۽ هو جيتري به محنت ڪندو هن جو پيٽ ڀرجي نه سگهندو. ان لاءِ ضروري آهي ته موجوده حڪومت ۽ سياسي پارٽيون ملڪ جي ان سرمائيداري طرف وڌندڙ نظام کي روڪين، اها سڀني جي گڏيل ذميداري آهي. ڇو ته هن وقت ملڪ ۾ ڪابه طاقتور اپوزيشن پارٽي موجود ناهي، جيڪا انهن مسئلن تي ڳالهائي سگهي يا ڌيان ڇڪرائي سگهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو