مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پشاور دِير ڪالوني ۾ خانگي اسڪول جو حادثو ۽ راڻا ثناءُ الله جو سڄي ملڪ ۾ هڪ سليبس آڻڻ جو بي وقت راڳ آلاپڻ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پشاور جي علائقي دِير ڪالوني ۾ هڪ ٽي ماڙ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب 34 ٻارڙا ۽ هڪ ماسترياڻي سميت 35 ڄڻا شهيد، جڏهن ته 53 زخمي ٿي پيا. پاڪستان ۾ ٻار پنهنجن اسڪولن ۾ به محفوظ ناهن ۽ اسڪول ۾ پيش ايندڙ هي ڪو پهريون واقعو ناهي. 16 ڊسمبر 2014 تي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جو المناڪ سانحو پيش آيو. جنهن ۾ ڪيترائي ٻار ۽ ماسترياڻيون شهيد ٿي ويا، جن جو غم اڃان پاڪستان جو عوام پنهنجي دل مان نه ڪڍي سگهيو آهي ته وري هڪ ٻيو واقعو پيش آيو آهي. پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جتي ٻار ۽ عورتون سڀني کان وڌيڪ غير محفوظ آهن ۽ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ان خطرناڪ صورتحال کي گهٽائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهيون آهن. اسڪولن ۾ ٿيندڙ هي حادثا خاص طور تي خانگي اسڪولن ۾ ٻارن جو هن ريت موت جو شڪار ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته سرڪاري اسڪولن جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪرندو وڃي، جتي اسڪولن جون عمارتون آهن، اتي استاد ناهن ۽ جتي استادن جي ڀرتي ٿيل آهي اتي عمارتون يا ته تمام زبون حالت ۾ آهن يا وري آهن ئي ڪونه. جيڪڏهن سرڪار پنهنجي قوم جي ٻارن لاءِ تعليمي ڍانچي کي ترجيحي بنياد تي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪري ته والدين هر حالت ۾ پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ڏانهن موڪليندا.
ڇو ته سرڪاري اسڪولن جي عمارتن ۾ وڏا هوادار ڪمرا، محفوظ چارديواري ۽ وڏا راندين جا ميدان به هوندا آهن، جتي ميرٽ تي استادن جي ڀرتي ٿيندي آهي ۽ انهن کي تربيت ڏئي اسڪولن ۾ پڙهائڻ لاءِ موڪليو ويندو آهي، پر اسان جي ملڪ ۾ اهي سڀ شيون حڪومتن جي ڪيترن ئي واعدن جي باوجود عملي طور تي ٿيندي نظر نٿيون اچن. صورتحال صرف سنڌ ۾ نه بلڪه پوري پاڪستان ۾ سرڪاري اسڪولن جي هڪ جهڙي آهي. اهوئي سبب آهي جو سرمائيدارن خانگي اسڪولن کي هڪ واپار بڻائي ڇڏيو آهي. نه صرف مهانگن اسڪولن جي صورت ۾، پر هر گلي ۽ پاڙي ۾ ننڍا ننڍا اسڪول کولي ماڻهن کي ڦرڻ شروع ڪيو آهي. وري جڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿي آهي ته ان ۾ حڪومت جي لاپرواهي اها آهي جو انهن عمارتن جي ڪابه چڪاس نٿي ڪئي وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ اهڙا المناڪ حادثا پيش اچن ٿا ۽ والدين جا کلندڙ ڪڏندڙ ٻار ائين موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا. اهڙا واقعا صرف حادثو نه آهن، پر اهي واقعا اسانجي سماجي ۽ رياستي ڍانچي جي ناڪاميءَ جو دردناڪ اعلان آهن. جتي ٻار تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجو مستقبل سنوارڻ لاءِ کلندو داخل ٿئي ان اسڪول مان سندس رت ۾ ٻڏل لاش سندس والدين جي حوالي ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ اسان ڪجهه ڏينهن ان سانحي تي ڳالهايون ٿا، سوڳ ملهايون ٿا ۽ پوءِ وري ٻئي ڪنهن سانحي جو انتظار ڪرڻ لڳون ٿا. خانگي اسڪول به طبقاتي فرق سان مختلف فيسن جي حساب سان کليل آهن، جتي هر ماڻهو پنهنجي آمدني جي حساب سان پنهنجن ٻارن کي داخل ڪرائي ٿو. ان جي باري ۾ اسانجو سرڪاري نظام ان جي حفاظت، اتي باهه لڳڻ جي نظام يا عمارت جي غير محفوظ هجڻ جي ڪابه چڪاس نٿو ڪري. آرمي پبلڪ اسڪول جو سانحو دهشتگرديءَ جو عمل هو. جتي دشمن اسانجي معصوم ٻارن کي سڌو سنئون نشانو بڻايو، پر هن حادثي ۾ جن ٻارن جون جانيون ضايع ٿيون آهن، اهو اسان جي ادارتي غفلت، غير ذميواري ۽ ڪرپشن جو نتيجو آهي. دهشتگرديءَ ۾ ته توهان دشمن سان سامهون هوندا آهيو، ان سان مقابلي ڪرڻ لاءِ پورا انتظام ڪيا ويندا آهن.
جڏهن ته غير ذميداري، ڪرپشن ۽ ادارتي لاپرواهي جي نتيجي ۾ اهڙن حادثن کي روڪڻ تمام مشڪل آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪيترا ٻار هر صوبي مان جن جو ڪل تعداد 2 ڪروڙ 60 لک آهي، اهڙن واقعن کانپوءِ انهن ٻارن جا والدين اسڪولن کان اڃان وڌيڪ بد دل ٿيندا ۽ پوءِ ٻارن کي پورهيو ڪرڻ لاءِ دڪانن يا هنر سکڻ لاءِ ڪٿي ڇڏيندا. هن قسم جا حادثا رياست جي مٿان سوين سوال اٿارين ٿا ۽ پڇن ٿا ته ملڪ ۾ ٻارن جو تحفظ ايترو غير اهم ڇو آهي؟ هڪ پاسي اسڪولن جو معيار ڪيرائي والدين کي غربت جو شڪار ڪري انهن کي مجبور ڪيو ويو آهي ته اهي پنهنجن ٻارن کي مدرسن ۾ داخل ڪن، جتي روز ڪيترن ئي ٻارن جو جنسي استحصال ٿيڻ جون خبرون شايع ٿين ٿيون. جڏهن ته اهو ڪم اسڪولن جو آهي ته ٻارن کي محفوظ تعليمي نظام ملڻ گهرجي. غريب مائٽن جا ٻار هاسٽل ۾ داخل ٿي تعليم حاصل ڪري سگهن، رياست پنهنجي ذميداري کان منهن نٿي موڙي سگهي. اهڙن حادثن کي روڪڻ لاءِ سڀ کان اهم قدم اهو آهي ته خانگي اسڪولن جو نيٽورڪ ختم ڪرڻ لاءِ سرڪاري اسڪولن کي بهتر ۽ بين الاقوامي معيار مطابق آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جتي ٻارن کي محفوظ عمارتون، راند کيڏڻ لاءِ ميدان ۽ تجربا ڪرڻ لاءِ ليبارٽريون هجڻ گهرجن ۽ تربيت يافته استادن جي نگراني ۾ اهي بااعتماد طريقي سان پڙهي سگهن. افسوسناڪ صورتحال اها آهي ته هن حادثي کانپوءِ وفاقي قانون جي وزير راڻا ثناءُ الله هڪ بي وقتو ۽ انوکو بيان ڏئي هن حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ٻارن ۽ پوري قوم کي هڪ اهڙو بي وقتو پيغام ڏنو آهي، جنهن سندس ذهني ڪيفيت کي وائکو ڪيو آهي. هن حادثي کانپوءِ عمارتن جي چڪاس بابت ڳالهائڻ بجاءِ نظام جي خرابين تي ڳالهائڻ بجاءِ هڪدم اهو اعلان ڪيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ جهڙو سليبس نافذ ڪيو ويندو. جڏهن ته هن جو ان حادثي سان ڪوبه تعلق ناهي. جيستائين اسڪولن جي عمارتن جو آڊٽ ٿئي، تيستائين ڪمزور عمارتن مان ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ منتقل ڪيو وڃي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته اسانجو ٻار ائين ئي حادثن جو شڪار ٿيندو رهندو ۽ والدين تعليم جي عمل کان بد دل ٿيندو رهندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو