مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اين ايف سي فارمولي جي ابتڙ صوبن پاران 57 ارب 46 ڪروڙ رپيا گرانٽ طور وفاق حوالي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان جي مالياتي تاريخ ۽ اين ايف سي جي طريقي مطابق صوبا وفاق کي سڌي گرانٽ ڏيڻ بدران بجيٽ سرپلس ۾ گڏيل حصيداري ڏيندا رهيا آهن. مالياتي مبصرن موجب صوبائي حڪومتن باقائدي پنهنجي بجيٽ مان منظوري ڏئي 57 ارب 46 ڪروڙ رپيا وفاق کي گرانٽ طور ڏنا ته پوءِ ان کي حسابي سرپلس جي ڀيٽ ۾ هڪ نئون انتظامي قدم سمجهڻ گهرجي. وفاق مطابق آرٽيڪل 164 تحت اين ايف سي مان اها گرانٽ صوبن وفاق حوالي ڪئي آهي. جڏهن ته آرٽيڪل 160 (3A) صوبن جي اين ايف جي حصي کي تحفظ فراهم ڪري ٿو ۽ نئين ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو اڳئين ايوارڊ کان گهٽ نٿو ڪري سگهجي. وفاق پاران آرٽيڪل 164 کي جواز بڻائي رقم ڪٽڻ جو سلسلو برقرار رکيو ويو ته صوبائي حڪومتون ان معاملي کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان يا سي سي آءِ ۾ کڻي وڃي سگهن ٿيون. آرٽيڪل 164 وفاق ۽ صوبن جي مالي اختيارن ۽ گرانٽن جي اجازت بابت آهي. جنهن ۾ وفاق يا ڪو صوبو ڪنهن به مقصد لاءِ گرانٽ ڏئي سگهي ٿو. شق 164 جو بنيادي مقصد اهو آهي ته قانون سازي جي دائرن کان مٿانهون ٿي هنگامي حالتن ۾ هڪٻئي جي مالي مدد ڪري سگهجي. آئيني اصول موجب هڪ عام اجازت واري شق آرٽيڪل 164 کي استعمال ڪري آئين جي هڪ واضح تحفظ واري شق آرٽيڪل 160 کي غير موثر نٿو ڪري سگهجي. 2010ع ۾ آئيني ۽ مالياتي رڪارڊ موجب طئي ٿيل ستين اين ايف سي ايوارڊ ۾ دهشتگردي خلاف جنگ جي خرچن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ خاص انتظام تحت چئني صوبن ۽ وفاق جي رضامنديءَ سان ورهاڱي واري رقم مان 1 سيڪڙو رقم ڌار ڪري ڪي پي ڪي کي ڏني وئي ۽ باقي 99 سيڪڙو پول کي طئي ٿيل فارمولي تحت 57.5 سيڪڙو صوبن ۽ 42.5 سيڪڙو وفاق ۾ ورهايو ويو.
2010ع ۾ دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ 1 سيڪڙو رقم الڳ ڪرڻ جو فيصلو آئيني فورم اين ايف سي ۾ صوبن جي گڏيل اتفاق سان ٿيو. آئين ۾ ارڙهين ترميم جو بنيادي مقصد مرڪزيت جو خاتمو، صوبن کي مالي، انتظامي ۽ قانون سازيءَ جي خود مختياري ڏيڻ هو. جڏهن وفاق پاران صوبن جي مرضيءَ کانسواءِ وسيلن، اين ايف سي فنڊن يا انتظامي معاملن ۾ هڪطرفو فيصلا ڪيا وڃن ٿا. ارڙهين ترميم پاڪستان کي حقيقي وفاق بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. وفاق ۽ صوبن وچ ۾ تڪرارن جي حل لاءِ آئين ۾ پارليامينٽ، سي سي آءِ ۽ سپريم ڪورٽ جا فورم مقرر ڪيل آهن. ڏٺو وڃي ته وفاق وٽ اين ايف سي ايوارڊ کان علاوه سڌا سنوان مالي وسيلا جيڪي اين ايف سي جي ورهاڱي واري پول ۾ شامل ناهن. پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر تي مقرر ڪيل ليوي ٽيڪس وفاقي خزاني ۾ وڃي ٿو. معاشي ماهرن مطابق ورهائڻ جوڳا ٽيڪس گهٽائي ليوي وڌائڻ مطلب سڄي رقم وفاق ڏانهن وڃڻ آهي. صنعتي ۽ ڪمرشل صارفين کان گئس جي بلن تي مختلف سرچارجز سڌا وفاق ڏانهن وڃن ٿا. اسٽيٽ بينڪ جو هر سال منافعو خاص طور تي حڪومتي قرضن تي وياج ۽ پرڏيهي مٽا سٽا جي انتظام مان سڌو سنئون وفاقي حڪومت جي نان ٽيڪس آمدني ۾ جمع ٿئي ٿو. وفاق جي ملڪيت هيٺ هلندڙ منافعي بخش ادارن مان حاصل ٿيندڙ منافعو، جن ۾ OGDCL، پي پي ايل، تيل ۽ گئس ڪمپنيون، بينڪون، مالياتي ادارا، بندرگاهه ۽ ٽيليڪام جا ادارا، پي ٽي اي ۽ ٽيليڪام لائسنسنگ في، موبائل فون ڪمپنين کان 3G/4G/5G اسپيڪٽرم جي نيلامي، لائسنسن جا ٻيهر معاهدا سالياني في جي مد ۾ وفاق جي خزاني ۾ وڃن ٿا. ڪسٽم ڊيوٽي ۾ خاص شين تي ريگيوليٽري ڊيوٽي، ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي، وفاقي عدالتن، پاسپورٽ، ويزا ۽ نادرا جي فين ذريعي پڻ سڌي آمدني وفاق ڏانهن وڃي ٿي. نجڪاري مان حاصل ٿيندڙ آمدني سرڪاري ادارن يا ملڪيتن جي وڪري مان سڌيءَ ريت وفاق جي خزاني ۾ جمع ٿئي ٿي. جڏهن ته وفاق جو خرچ ملڪ ۾ قرضن جي ادائگي جي حصي طور وڃي ٿو. ان کان علاوه دفاعي خرچ ۽ خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جون پگهارون ۽ پينشنون به وفاق کي ادا ڪرڻيون پون ٿيون. بجليءَ جي چوري، لائين لاسز ۽ مهانگي بجليءَ جي پيداوار سبب ٿيندڙ گردشي قرض جو بار به وفاق کڻي ٿو. وفاقي سرڪاري ملازمن ۽ رٽائرڊ فوجي ۽ سول اهلڪارن جون پينشنون به وفاق ادا ڪري ٿو.
ارڙهين ترميم کانپوءِ ڪيتريون ئي وزارتون صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ گهرجن ها، پر اڃان تائين منتقل نه ٿي سگهيون آهن. 2010 ۾ ارڙهين آئيني ترميم ۽ ستين اين ايف سي ايوارڊ جي منظوري وقت مالي حساب ڪتاب، صوبن جي آمدني ۽ وفاق جي خرچن بابت معاشي ماهرن، آئيني حلقن، وفاقي ذريعن ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ ٻه مخلتف نقطهءِ نظر موجود هئا. جنهن ۾ ستين اين ايف سي ايوارڊ ۾ وفاق مطابق هن پنهنجي حصي مان وڏي رقم 57.5 سيڪڙو صوبن کي ڏئي ڇڏي، پر قومي قرضن جو وياج، دفاعي خرچ، آزاد ڪشمير، جي بي ۽ اعليٰ تعليم ايڇ اِي سي جهڙا وڏا خرچ وفاق وٽ ئي رهيا. ان وقت اهو اندازو لڳايو ويو ته ايف بي آر جي ٽيڪس آمدني وڌندي، پر معاشي سست رفتاري ۽ وياج جي شرح وڌڻ سان خسارو وڌندو ويو. آئيني ماهرن جو چوڻ اهي ته ارڙهين ترميم تحت 17 کان وڌيڪ وزارتون صوبن حوالي ٿيڻيون هيون، جنهن سان وفاق جا خرچ گهٽجن ها، پر وفاق انهن کي نوان نالا ڏئي وزارتون ۽ ڊويزنون برقرار رکيون. نه ته وفاق پنهنجي انتظامي سائيز گهٽائي سگهيو ۽ نه صوبا زرعي ۽ پراپرٽي ٽيڪس مان مڪمل آمدني حاصل ڪري سگهيا. وفاق ۽ صوبن وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ هڪطرف صوبن جا خدشا ته ٻئي طرف معاشي بحران جي آڙ ۾ صوبن جي وسيلن تي مرڪزي ڪنٽرول وڌايو پيو وڃي. ڏٺو وڃي ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل هڪ آئيني فورم موجود آهي، جتي شفاف طريقي سان ٻنهي جا خدشا آئين مطابق حل ڪري سگهجن ٿا. آءِ ايم ايف جي شرطن موجب صوبن کي مالياتي نظم ۽ ضبط لاءِ پابند ڪيو پيو وڃي ته اهي پنهنجي خرچن تي ضابطو رکن ۽ هر سال پنهنجو ڪيش سرپلس وفاق کي مهيا ڪن. ايئن چئي سگهجي ٿو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ مالي ذميوارين جو هڪ نئون متوازن رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جنهن مان وفاق مالياتي ترقياتي منصوبن لاءِ جنهن ۾ ديا مير ڀاشا ڊيم، داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ۽ ڪراچيءَ جو ڪي فور واٽر سپلاءِ جهڙا منصوبا شامل آهن خرچ ڪڍڻ چاهي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو