آمريڪا-ايران امن معاهدو اسرائيل کانسواءِ سڄي دنيا جي لاءِ خوشخبري
فيبروري 2026ع ۾ شروع ٿيندڙ آمريڪا- ايران جنگ آچر ڏينهن امن معاهدي ۾ تبديل ٿي وئي. 14 جون 2026 تي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ گذريل پنجن مهينن کان هلندڙ جنگ واري ڇڪتاڻ هڪ تاريخي معاهدي تي ختم ٿي آهي، جيڪا سڄي دنيا لاءِ هڪ خوشخبري آهي. اهم ڳالهه اها آهي ته پاڪستان هن سڄي معاملي ۾ هڪ اهم ثالث طور ڪردار ادا ڪيو آهي. معاهدي تحت ٻنهي ملڪن وچ ۾ شروع ۾ 60 ڏينهن جي جنگبندي ڪئي ويندي ۽ لبنان سوڌو سڀني محاذن تان فوجي ڪارروايون فوري طور بند ڪيون وينديون. ايران به هرمز واري لنگهه کي کوليندو ته جيئن دنيا کي تيل جي سپلائي بحال ٿي سگهي. آمريڪا به پنهنجي ناڪابندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايران جا سالن کان ڄميل اثاثا مرحليوار واپس ملندا. هن معاهدي تي 19 جون 2026 تي سوئيٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ باقاعدي صحيحون ڪيون وينديون. 60 ڏينهن جي جنگبندي کانپوءِ ايران جي ايٽمي پروگرام ۽ پابندين جي مستقل خاتمي تي وڌيڪ ڳالهيون ٿينديون. معاهدي جي خبر ملڻ شرط عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ هڪدم لاٿ شروع ٿي وئي. هي معاهدو آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ آهي. جڏهن ته نتين ياهو هن معاهدي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
هن چيو آهي ته اسرائيل پنهنجي حفاظت جا فيصلا پاڻ ڪندو ۽ هو ڪنهن به معاهدي جو پابند ناهي. لبنان ۾ موجود حزب الله اسرائيل لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. ممڪن آهي ته هن معاهدي کانپوءِ ايران کي امن جي حالت ۾ ڏسندي اسرائيل حزب الله لاءِ ڪو جارحاڻو قدم کڻي. هن معاهدي جي نوعيت هڪ عارضي معاهدي واري آهي، جنهن کي 60 ڏينهن جو معاهدو چيو وڃي پيو. ان دوران لبنان جي سرحد کان ڪابه ننڍي ڪارروائي اسرائيل کي وڏو حملو ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي. آمريڪا اسرائيل جي جنگي ۽ دفاعي معاملن ۾ هميشه پٺڀرائي ڪندي نظر آيو آهي. ڇو ته وچ اوڀر ۾ اسرائيل آمريڪا لاءِ هڪ علاقائي حڪمت عملي وارو حصو آهي. جيڪو تيل، گئس ۽ عالمي تجارتي رستن جي ڪري سڄي دنيا لاءِ اهم آهي، جتي آمريڪا پنهنجو اثر برقرار رکڻ چاهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسرائيل جو مشهور دفاعي نظام آئرن ڊوم ٺاهڻ ۾ به آمريڪا اسرائيل جي مدد ڪئي. آمريڪا ۾ خود هڪ وڏي طاقتور لابي عام چونڊن ۾ چونڊجي اسيمبلي تائين پهچي ٿي جنهن جو اثر آمريڪا جي اسرائيل نواز پاليسين تي عملي طور نظر اچي ٿو. بهرحال هن وقت هي امن معاهدو هڪ اهڙو معاهدو آهي، جنهن سڄي دنيا ۾ خوف جي فضا کي ختم ڪيو آهي. معاشي سرگرميون تيز ٿيون آهن. هي معاهدو ٻنهي ملڪن لاءِ ڪجهه هار ۽ ڪجهه جيت کڻي آيو آهي. ٽرمپ جو پنهنجي ووٽرن سان اهو واعدو هو ته هو آمريڪا کي ٻاهرين ملڪن جي جنگين مان ٻاهر ڪڍندو. ان سلسلي ۾ هيءَ هڪ وڏي ڪاميابي آهي، پر آمريڪا ايران جي حڪومت کي مڪمل تبديل نه ڪري سگهيو ۽ نه ئي ايراني حڪومت کي مڪمل طور تي جهڪائي سگهيو. بلڪه ان کي ناڪابندي ختم ڪرڻي پئي ۽ ايران جا اثاثا بحال ڪرڻا پيا. جڏهن ته ايران لاءِ هي هڪ وڏو موقعو آهي ته هو اقتصادي طور ساهه کڻي. آمريڪا بحري ناڪابندي جو ختم ٿيڻ 12 ارب ڊالرن جا ڄميل اثاثا واپس ملڻ، تيل جي واپار جي اجازت ايران لاءِ هڪ وڏو معجزو آهي، پر ساڳي جاءِ تي ان کي پنهنجي علاقائي اثر کي گهٽائڻ لاءِ پٺتي هٽڻو پيو آهي. ائٽمي پروگرام تي وڌيڪ سخت شرطن کي مڃڻو پوندو، جنهن تي سندن اندروني سخت گير طبقو شايد خوش نه هجي. هن معاهدي ۾ جيڪڏهن هار ٿي آهي ته اها اسرائيل جي آهي، جنهن جو فوجي نظام مڪمل طور تباهه ٿي ويو. ايران کي اقتصادي مضبوطي جو موقعو ملي رهيو آهي جيڪو اسرائيل لاءِ هڪ خطرو ثابت ٿيندو ۽ سفارتي محاذ تي اسرائيل جي هيءَ هار آهي. ڏٺو وڃي ته پاڪستان ثالثي جو ڪردار ادا ڪري پنهنجو پاڻ کي سڄي دنيا ۾ هڪ ڀيرو سفارتڪاري جي عمل ۾ مڃرايو آهي. دنيا امن چاهي ٿي ۽ امن دنيا لاءِ معاشي ۽ اقتصادي موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
جيڪڏهن امن مان فائدو وٺڻ لاءِ درست پلاننگ ڪئي وڃي ته دنيا کي ايران-آمريڪا جنگبندي جو موقعو هڪ دفعو ٻيهر اقتصادي ترقي ڪرڻ لاءِ ناياب موقعو فراهم ڪيو آهي. ڇو ته تيل جون قيمتون سستيون ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن. تيل جي سپلائي چين آبناءِ هرمز جي ڪري تباهه ٿي چڪي هئي، اها وري بحال ٿيندي. علاقائي لاڳاپو جيڪو ڪنهن حد تائين ٽٽي چڪو هو، اهو وري جڙندو. پاڪستان چين ۽ سينٽرل ايشين ملڪن جي وچ ۾ جيڪي وڏا معاشي منصوبا مڪمل ٿيڻا هئا، جن ۾ پاڪ ايران گيس پائپ لائين به شامل آهي. اميد ته اهي به مڪمل ٿيندا، جنهن سان پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ٿيڻ ۾ مدد ملندي ۽ پاڪستان جو توانائيءَ جو بحران ختم ٿيندو. پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڪاروبار ۾ تيزي ايندي ۽ ايران کي هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا سان پنهنجون معاشي سرگرميون بحال ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ان سڄي معاملي ۾ چين جي هڪ خاص اهميت آهي جنهن کي هن معاهدي مان تمام گهڻو فائدو حاصل ٿيندو. ڇو ته چين ايران جي تيل جو سڀني کان وڏو خريدار آهي. ان کان علاوه بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي کي هٿي ملندي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن امن معاهدي سان چين کي هڪ نفسياتي، سياسي برتري حاصل ٿي آهي. ان کان اڳ چين، سعودي عرب ۽ ايران جي دوستي ڪرائي هئي. ڏٺو وڃي ته اسرائيل کانسواءِ هي امن معاهدو سڄي دنيا جي لاءِ Win Win صورتحال پيدا ڪري ٿو. ڇو ته اسرائيل جو سڀ کان وڏو اتحادي هن جي سڀ کان وڏي دشمن سان هڪ ميز تي ويٺو آهي ۽ اسرائيل ٻاهر بيهي تماشو ڏسي رهيو آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟