مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ سينسر بورڊ طرفان برطانوي نزاد فلمساز سيماب گل جي فلم “گهوسٽ اسڪول” تي پابندي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

تعليم سماج ۾ فردن کي پنهنجن آئيني حقن، فرضن ۽ سياسي آگاهيءَ جو شعور عطا ڪندي آهي. تعليم يافته سماج، مهذب ۽ ذميدار بڻجي پوري دنيا جي سماجن سان گڏجي دنيا جي ترقيءَ ۾ حصو وٺندو آهي، جيڪڏهن سماج ان جي ابتڙ هجي ته اهو دنيا جي زوال ۾ حصو وٺندو آهي. افسوس سان چئي سگهجي ٿو ته هن وقت سنڌ جو سماج تعليم لاءِ واجهائي رهيو آهي، پر سنڌ حڪومت نالي ماتر تعليم لاءِ ڪم ڪندي نظر اچي ٿي، جڏهن هڪ نامياري برطانوي پاڪستاني فلمساز، ليکڪا ۽ ڊائريڪٽر سيماب گل جنهن جي فلم ميڪنگ ۾ ماسٽرز ٿيل آهي ۽ هن 2021ع ۾ “سينڊ اسٽارم” فلم ٺاهي عالمي سطح تي مڃتا حاصل ڪئي. هن وقت هن “گهوسٽ اسڪول” (Ghost School) فيچر فلم تيار ڪئي آهي، جنهن جي ليکڪا، ڊائريڪٽر ۽ فنانسر به هوءَ پاڻ آهي. فلم ڪيترن ئي ملڪن جي فلم فيسٽيولن ۾ شامل ٿي داد حاصل ڪري چڪي آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي صوبي سنڌ جي مسئلي تي ٺاهيل هيءَ فلم سنڌ جو سينسر بورڊ ان کي سينيمائن ۾ هلائڻ جي اجازت نه ڏئي رهيو آهي. سيماب گل جنهن جون فلمون يا ڊاڪيومينٽريون سماجي اڻبرابري، مظلوم طبقن ۽ سياسي مسئلن تي ٺهيل هونديون آهن، هن اهڙي قسم جون آرٽ فلمون پاڪستان ۾ آرٽ هائوس سينيما کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي پروڊڪشن ڪمپني (Cinelava) نالي به قائم ڪئي آهي.
سندس تعلق به سنڌ صوبي جي گاديءَ جي هنڌ ڪراچيءَ سان ئي آهي، پر هن وقت هوءَ برطانيه جي شهري بڻجي چڪي آهي. هن فلم جو موضوع جيئن ته سنڌ جي تعليمي نظام ۾ موجود گهوسٽ اسڪولن جي اردگرد گهمي ٿو، جنهن جو مطلب آهي ته اهڙا اسڪول جيڪي صرف ڪاغذن تي موجود آهن، پر انهن جو سر زمين تي يا ته وجود ئي ناهي يا وري جيڪڏهن انهن جي عمارت آهي ته انهن ۾ نه استاد آهن ۽ نه ئي شاگرد. يقينن هي موضوع سنڌ حڪومت جي اعصاب جي مٿان وڏو نفسياتي وار ٿيل آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جو سينسر بورڊ هن کي سينسرشپ جي اصولن ۽ ملڪي مفادن خلاف چئي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ سينيمائن ۾ هلائڻ جي اجازت نه ڏئي رهيو آهي. جڏهن ته سيماب گل جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن “گهوسٽ اسڪول” سنڌ جي سينيما گهرن ۾ لڳي ته اها تمام گهڻو بزنس ڪري سگهي ٿي، جيڪا کيس وڏو مالي فائدو رسائي سگهي ٿي ۽ هوءَ ٻين سماجي مسئلن تي به اهڙي قسم جون فلمون ٺاهڻ جي قابل ٿي ويندي، پر اسان ڏٺو ته ماضيءَ ۾ پاڪستان جي مشهور اداڪار، فلمساز، هدايتڪار ۽ اڳوڻي سول سرونٽ (ڪسٽمز آفيسر) عاشر عظيم به هڪ اهڙي سماجي مسئلي تي 2016ع ۾ “مالڪ” جي نالي سان هڪ فلم ٺاهي هئي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ پوري پاڪستان جو عوام بيچين هو. خوشقسمتي سان جن ماڻهن پهرين ڏينهن تي اها فلم ڏٺي انهن کي خبر آهي ته اها فلم ڪيئن سماجي نظام کي وائکو ڪري ها، پر ان تي پهرين ڏينهن ئي سئنيمائن ۾ پابندي لڳائي وئي ۽ ٻئي ڏينهن تي سينيمائن مان هڪدم سينسرشپ بورڊ ۽ عدالتي جنگ جي ذريعي پابندي لڳائي هٽايو ويو. ملڪ جي نظام ۾ حق ۽ سچ جو آواز بلند ٿيندي برداشت نه ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ عاشر عظيم ڪئناڊا منتقل ٿي ويو، جتي هو پنهنجو ڊجيٽل چينل هلائي سياسي، سماجي مسئلن کي اجاڳر ڪندو آهي. اڄ جڏهن سيماب گل سنڌ جي تعليمي نظام ۾ گهوسٽ اسڪولن بابت آواز اٿاريو آهي. بدقسمتيءَ سان اهڙا اسڪول اسان جي سماج جي سچائي آهن ۽ اسان جي سماجي ۽ معاشي تباهي جو سبب بڻجي رهيا آهن ۽ اخلاقي قدرن جي زوال پذيري جي نشاندهي ڪري رهيا آهن. جڏهن فيچر فلم ذريعي انهن تي آڱر کنئي وئي آهي ته سنڌ حڪومت سينسر بورڊ جي آزاديءَ جو بهانو بڻائي نمائش کان روڪي رهي آهي جيڪا سنڌ حڪومت جي خوف جو اظهار پڻ آهي، جيڪو ان ڏوهه جي پٺيان موجود آهي.
تصور ڪيو جڏهن ڪنهن به ڳوٺ، واهڻ ۽ وستي ۾ هڪ اسڪول جي عمارت موجود هجي، پر اتي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻار نه وڃي سگهن ۽ ٻارن جي ذهنن ۾ ڪيترائي سوال پيدا ٿين ته هي اسڪول مستقل طور تي بند ڇو آهي، اتي اهي پڙهي ڇو نٿا سگهن، اتي ماستر يا ماسترياڻيون ڇو موجود ناهن، سندن اسڪولن ۾ مال ڇو ٻڌل آهي، سندن اسڪولن جي عمارت ڀاڻ يا ٻج جي گودامن ۾ تبديل ڇو ٿيل آهي؟ جڏهن اهڙا سوال ننڍڙن ٻارن جي ذهنن ۾ اٿن ٿا ته سيماب گل جي فيچر فلم انهن سڀني سوالن جا جواب ڳولهي اسان کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ سنڌ حڪومت انهن کان خوفزده ٿي هن فلم کي نمائش کان روڪي ٿي. اسان جي گهر آهي ته جيڪڏهن سيماب گل جي ٺاهيل فيچر فلم “گهوسٽ اسڪول” کان حڪومت ايتري خوفزده آهي ته پوءِ گهوسٽ اسڪولن جو ڪارو ڪاروبار هڪدم بند ڪري انهن کي عملي اسڪولن ۾ تبديل ڪيو وڃي ته پوءِ شايد سنڌ حڪومت پنهنجي ان ڏوهه جو ڪجهه ازالو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو