مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ خودمختيار عوامي ٿنڪ ٽئنڪ وقت جي ضرورت

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ هن وقت نه صرف سياسي محاذ تي چئلينجن جو شڪار آهي، بلڪه گهڻ پاسائين سماجي، معاشي، ماحولياتي ۽ ادارتي ڪمزورين کي منهن ڏئي رهي آهي. ارڙهين ترميم کانپوءِ به سنڌ حڪومت پنهنجا آئيني اختيار حاصل نه ڪري سگهي آهي. تعليم جو نظام سرڪاري سطح تي ان معيار جو ناهي، جتي اها اميد ڪري سگهجي ته اسان جا سرڪاري اسڪولن مان پڙهندڙ ٻار سرڪاري يونيورسٽين مان ٿيندي هر شعبي ۾ ماهرن جو هڪ اهڙو جٿو پيدا ڪندو، جيڪو سڄي سنڌ کي مختلف شعبن ۾ اهڙو هيومن ريسورس بڻجي ملندو، جنهن سان صوبي جي تقدير تبديل ٿي ويندي. اهوئي سبب آهي جو اسان وٽ تعليم ۾ خانگي شعبو هيومن ريسورس ۾ هڪ الڳ طبقو پيدا ڪري رهيو آهي، جنهن جي تعليم ۽ تربيت ان جي پنهنجي ذاتي مفادن سان جڙيل آهي. جڏهن ته عوامي طبقي مان نڪرندڙ ميرٽ حڪومتي سطح تي غلط پاليسين جي ڪري لتاڙجي وڃي ٿو يا نظر انداز ٿيل آهي. ان ڪري اسان وٽ مختلف شعبن لاءِ ان سطح جا ماهر موجود ناهن، جيڪي اسان کي هن ڏيوالپڻي جي صورت کان بچائي سگهن. سياست جي ميدان ۾ عوامي نسل مان هڪ نئين سياسي ليڊرشپ نڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، جيڪا باشعور، پڙهيل لکيل ۽ سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي قابل هجي، پر افسوس ته اسان جا ڪيترائي نوجوان سياست جي ميدان ۾ اچڻ جا خواهشمند هوندي به هن سياسي نظام ۾ گهڙي نٿا سگهن. جنهن جو اثر سياسي ڏيوالپڻي جي صورت ۾ سماج هن وقت ڀوڳي رهيو آهي.
جيڪڏهن سياست طاقتور نه ٿي سگهي آهي ته ٻئي پاسي اسان علمي، تحقيقي ميدان ۾ به اوترائي ڪمزور، لاپرواهه ۽ غير منظم نظر اچون ٿا. جڏهن ته سنڌ کي هن وقت صرف خالي نعرن بدران اهڙن سٺن قانوندانن جي ضرورت آهي، جيڪي بين الاقوامي قانونن جي روشنيءَ ۾ روز ٻن کان ٽن صفحن جا مضمون لکي عوام کي شعور ڏئي سگهن. گڏوگڏ ڊجيٽل دور جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙن ڊجيٽل ماهرن جي ضرورت آهي جيڪي فيس بُڪ، ايڪس ۽ يوٽيوب تي پنهنجي بيانيي کي منظم انداز ۾ مختلف ٻولين ۾ پيش ڪري سگهن.
جنهن ۾ پنهنجا قومي مسئلا مختلف ٻولين ۾ گرافڪ جي ذريعي اي آءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال سان دنيا تائين پهچائي سگهن. ڪجهه حد تائين ان جي شروعات نظر اچي ٿي، پر ان جو الگورٿم اڃان ڪمزور آهي. هن وقت اسان جن آئيني ۽ جيو پوليٽيڪل مسئلن کي عالمي سطح تي منهن ڏئي رهيا آهيون، انهن سڀني مسئلن کي هڪ سٺي اسڪرپٽ سان منهن ڏيڻ لاءِ ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان دنيا جو ڌيان ڇڪرائڻ جي سخت ضرورت آهي. ڊجيٽل شعور رکندڙ نوجوان سنڌ جو ڊجيٽل ڊپلوميٽ يا سفارتڪار بڻجي ان مان پئسو به ڪمائي سگهن ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته انهن کي پنهنجي مهارت ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي ۽ مدلل انداز ۾ اهڙو ڪانٽينٽ ٺاهڻ گهرجي، جيڪو پراثر به هجي ۽ حقيقتن کي اجاڳر ڪري عالمي برادريءَ تائين پهچائي سگهي. جنهن ۾ تعليم، خراب ۽ گهوسٽ اسڪول، گهوسٽ ٽيچر، پاڻيءَ جو مسئلو، ڊيلٽا جي تباهي ۽ ان جو ايڪو سسٽم تي اثر، ماحولياتي گدلاڻ، وسيلن تي سنڌ جي عوام جو اختيار نه هجڻ، انفرااسٽرڪچر جي خراب حالت اهي سڀ اهڙا مسئلا آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ کي پنهنجو هٿيار بڻائي سگهجي ٿو. اسان کي اڪيڊميا جي به اهڙن ماهرن جي ضرورت آهي، جيڪي پنهنجي علمي ۽ تحقيقي معلومات مان عوام کي رهنمائي ڏئي سگهن. جتان عوام انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي سگهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻي اسان هر پير، سياسي گهراڻي يا تحريڪي نعري کي انڪار ڪري پنهنجي علمي ۽ تحقيقي طاقت ۾ اضافو ڪريون، جنهن جي لاءِ پڙهيل لکيل ۽ باشعور طبقي کي عوام جي رهنمائي هر سطح تي ڪرڻي پوندي، جيڪو صوبي اندر ايندڙ ڊيموگرافڪ تبديلين، زمينن جي الاٽمينٽ، وسيلن، نوجوانن جي مختلف ميدانن ۾ ڪم ڪرڻ جي ڊيٽا، معاشي نفعي ۽ نقصان بابت رهنمائي ڪري سگهي. سنڌ جي نوجوانن کي صرف جذباتي ڪري رستن تي آڻڻ بدران اسان کي انهن کي تعليم ۽ مهارت طرف وٺي اچڻ جي ضرورت آهي. هن وقت اسان وٽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪجهه اهڙا نالا آهن جيڪي هر مسئلي جو حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر اسان کي هر مسئلي لاءِ ڪيترن ئي ماهرن جي ضرورت آهي، جيڪي سنڌ جي نوجوانن جي رهنمائي ڪري سگهن ۽ سنڌ جو ڪيس وڙهي سگهن ۽ سنڌ جي وسيلن تي دشمن جي نظر پوڻ کان اڳ ان جو ادراڪ ڪري قوم کي مقابلي لاءِ تيار ڪري سگهن. نه صرف ايترو، پر سنڌ حڪومت جي رهنمائي به ڪري سگهن ۽ ان تي “واچ ڊاگ” ٿي بيهن. ان لاءِ يونيورسٽين مان رٽائر ٿيندڙ ماهر ان ڪم طرف وک وڌائي سگهن ٿا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو