مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

فيصل واوڊا ملڪ جي ڪهاڻي نيٽ فلڪس جي سيريز وانگر هلائي ٻارن کي ڏيکارڻ ۽ سياستدانن کي ڊيڄارڻ چاهي ٿو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

فيصل واوڊا ڪيتري ئي وقت کان پاڪستان جي سياست ۾ شيخ رشيد جو متبادل بڻجي لٿو آهي ۽ ان کان وڌيڪ سٺو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڪالهه هن مختلف اردو چينلن تي ويهي پاڪستان جي مستقبل بابت ڳالهيون ڪيون ،سياستدانن ۽ عوام کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي. هن اهڙي غير پارلياماني زبان استعمال ڪئي، جيڪا ڪنهن به هڪ باشعور سياستدان لاءِ زيب نٿي ڏئي،پر اردو ميڊيا تي بنا سينسر شپ جي سندس ڳالهه ٻولهه ھلائي وئي.هن هر اها غير آئيني ۽ غير قانوني ڳالهه ڪئي جيڪا هن ملڪ جي جمهوري مزاج مطابق ناهي، پر اهي ڳالهيون آن ايئر ڪيون ويون. هن ڪي پي ڪي ۾ لڳندڙ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جي متعلق ڳالهائيندي چيو ته ماڻهن کي خبر هجڻ کپي ته پاڪستان جي ڪهاڻي ٻارن کي ٻڌائڻي آهي ۽ اها ڪهاڻي نئين طريقي سان لکجي رهي آهي ۽ ان ڪهاڻيءَ جو ڀاڱو پهريون اچي چڪو آهي، ان جو اڃان ڀاڱو ٻيون، ٽيون، چوٿون ۽ شايد پنجون به اچي. پنجون شايد گلگت بلتستان لاءِ چيو اٿس. هن سياسي ليڊرن جي واعدن کي ڪوڙن نعرن ۽ واعدن سان ڀيٽيو ۽ پنهنجن لفظن کي وزن ڏيندي چيو ته اهو سڀ ڪجهه ته ٿيڻو آهي ۽ ڪهاڻي نئين سري کان لکجڻي آهي. سندس بيان مان ائين لڳي رهيو هو ته ملڪ جي ڪهاڻي نيٽ فلڪس جي ڊرامه سيريل وانگر قسطوار هلڻي آهي ۽ مستقبل ۾ وري اها ڪهاڻي نصاب ۾ پڙهائڻي آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ ملڪ کي آزاديءَ وقت ڪيل واعدن مطابق به نه هلائي سگهياسين. هن وقت ملڪ ۾ قومي اسيمبلي، ٽي صوبائي اسيمبليون ۽ سينيٽ آئيني طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته هڪ صوبي ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن جو سبب دهشتگرديءَ کي ختم ڪرڻ ڏنو ويو آهي، جڏهن ته وزيراعظم هڪ بيان ۾ چيو ته ڇهن مهينن کانپوءِ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ هٽايو ويندو.
شيخ رشيد به فيصل واوڊا وانگر بلڪل اهڙا بيان ڏيندو رهندو هو ۽ پوءِ اردو ميڊيا ان کي هڪ ئي وقت مختلف چينلن تي ڏيکاري تماشو لڳائيندي هئي. افسوس انهن ميڊيا هائوسن تي آهي، جيڪي اشتهار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي ماڻهو کي ويهارين ٿا، جنهن جو تجزيو سياسي بصيرت ۽ آئين جي ابتڙ آهي. جڏهن ته ڪجهه بهادر ۽ سچ ڳالهائيندڙ صحافي پڻ موجود آهن، جيڪي پنهنجي ڪردار کي اليڪٽرونڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي نڀائيندي نظر اچن ٿا. واوڊا جهڙن ڪردارن کي ٺاهڻ واريون قوتون، جن ماضيءَ ۾ به آئين کي بي توقير ڪيو ۽ اڄ به ڪرڻ چاهين ٿيون. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود آئين ڪيترو به ڪمزور هٿن ۾ ڇو نه هجي، پر اهو اڄ به طاقتور آهي. سياسي ليڊرن کي پنهنجي غير سنجيدگي ۽ پنهنجا ذاتي مفاد قربان ڪرڻا پوندا. ڇو ته جيستائين سياسي ليڊر گڏجي نٿا ويهن جن ۾ سڀني کان وڏو مسئلو اڏيالا جيل ۾ ويٺل پي ٽي آءِ اڳواڻ جو آهي. ڏٺو وڃي ته ان جو جمهوريت سان ڪوبه واسطو ناهي. اهو سڀني کان وڌيڪ اسٽيٽسڪو کي برقرار رکڻ جو ذميدار آهي، جيڪو سياستدانن سان هٿ ملائڻ لاءِ ۽ ڪنهن نئين معاهدي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن اسٽيبلشمينٽ کي وڌيڪ طاقتور ڪيو آهي. اهوئي سبب آهي جو ملڪ ۾ هڪ اهڙي صورتحال پيدا ٿيل آهي، جنهن سان ملڪ جون ٻه پارٽيون جيڪي حڪمرانيءَ ۾ پنهنجو مکيه حصو حاصل ڪري ويٺيون آهن، اهي جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن.
انهن ٻن پارٽين ته تجربا ڪندي اها سمجهه حاصل ڪري ورتي آهي ته آئين کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ آئين تڏهن ئي بچي سگهندو، جڏهن سڀئي سياسي پارٽيون هڪ ئي پيج تي هجن. جڏهن ته عمران خان جو جيل ۾ هجڻ هن وقت ايئن آهي ڄڻ ڪو شينهن پڃري ۾ بند هجي ۽ ٻڪرين کي اهو چئي ڊيڄاريو وڃي ته توهان کي جيڪو گاهه ملي رهيو آهي اهو کائو نه ته پڃري جو دروازو کوليو ويندو. اهڙي صورتحال ۾ طاقتور قوتون فيصل واوڊا جهڙن ماڻهن کي اسڪرپٽ ڏئي ٻاهر موڪلين ٿيون ۽ پوءِ انهن کي آئين کان مٿانهيون ڳالهيون ڪري اهڙا پيغام ڏين ٿيون، جنهن سان عوام جي اندر اهو تاثر پيدا ٿئي ٿو ته آئين معطل ٿيڻ وارو آهي، قانون جي حڪمراني ختم ٿيڻ واري آهي ۽ ملڪ کي فيصل واوڊا جي چوڻ تي هلايو ويندو. جڏهن ته اهو سڀ ڪجهه ايترو آسان نظر نٿو اچي. اسان کي پرويز مشرف جي قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي سزا ياد ڪرڻ گهرجي، جنهن کي سنگين غداريءَ جي ڪيس ۾ آرٽيڪل 6 جي تحت سزا ڏني وئي. اڄ به آئين جي بالادستي قائم آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪي پي ڪي ۾ ڪيترين غلطين هوندي به آئيني ذميداريون پوريون ڪري آئين کان مٿانهون قدم کڻڻ کان گريز ڪيو ويو آهي. اميد آهي ته عوام پي ٽي آءِ، (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي کان اها گهر ڪندو ته اهي سڀ گڏجي ويهن، پنهنجا ذاتي مفاد وساري ملڪ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ۽ آئين جي ارڙهين ترميم ۽ خود مختياري جو سودو ڪرڻ بنا جمهوريت کي ڪمزور ٿيڻ کان بچائين ۽ ان جو مطالبو پي ٽي آءِ جو فالوور کي ڪرڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري بہ ڪالھ اسيمبلي ۾ سياستدانن کي گڏجي ويھڻ جي تجويز ڏني آهي.عوام کي اهو ڏسڻو آهي ته ڪٿي آئين سان ڇيڙڇاڙ ته نه ٿي رهي آهي. ان جي لاءِ ملڪ جي آئيني عدالتن، صحافين، وڪيلن، دانشورن ۽ ٻين باشعور حلقن کي هر ان قدم تي پنهنجي اک رکڻي پوندي جيڪو غير آئيني طور تي کنيو ويندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو