بلوچستان ۾ ٽامي جا 35 ڪروڙ ٽن ذخيره ۽ پاڪستان جي قسمت ۾ ڌمڪيون ۽ دهشتگردي
ميري منرلز بلوچستان ۾ سون ۽ ٽامي جي دريافت جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم جي تقريب ۾ ذخيرن جو ڪاٿو 35 ڪروڙ ٽن لڳايو ويو آهي. پاڪستان ۾ موجود معدنيات جنهن جو ذڪر نصاب جي ڪتابن ۾ پڙهندي ڪيترائي ٻار پوڙها ٿي ويا اها خوشخبري کين هاڻ ملي آهي ته معدني وسيلا ڪڍڻ جو وقت اچي ويو آهي. وزيراعظم جي خواهش آهي ته معدنيات جي پراسيسنگ ملڪ اندر ڪئي وڃي. ٻن ڏهاڪن کان پوءِ ريڪوڊڪ منصوبو آپريشنل مرحلي ۾ داخل ٿيو آهي، جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو غير استعمال ٿيل ٽامي ۽ سون جو ذخيرو آهي. پاڪستان تي اعتماد ڪرڻ لاءِ وزيراعظم بيرڪ گولڊ ڪمپنيءَ جو شڪريو ادا ڪيو. گولڊ مين 6 جي اڳڪٿي مطابق پاڪستان 2075 تائين دنيا جي ڇهين وڏي معيشت بڻجي سگهي ٿو ۽ 2050 کان اڳ به پاڪستان دنيا جي وڏين معيشتن ۾ شامل ٿي ويندو. وزيراعظم جي خواهش آهي ته معدنيات جي پراسيسنگ لاءِ ملڪ اندر سيڙپڪاري ڪئي وڃي ۽ هن پڪ ڏياري آهي ته بلوچستان جي ماڻهن کي سڌو سنئون شامل ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي. جڏهن ايتريون خوشخبريون هجن ته اتان جي مقامي ماڻهن، انساني حقن جي تنظيمن کي خوش ٿيڻ گهرجي، پر تاريخ اهو ٿي ٻڌائي ته جنهن به صوبي مان جيترا وڌيڪ قدرتي وسيلا دريافت ٿين ٿا، ان جو فائدو مقامي ماڻهو کي ملڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر انهن کان انهن جا آئيني حق ۽ علائقا ڦرڻ لاءِ آئين کي تبديل ڪري اهي علائقا عوام کان ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام اندر وفاقي پاليسين ۽ پرڏيهي ڪمپنين سان ٿيندڙ معاهدن تي تنقيد ٿيندي رهندي آهي. ڇو ته قدرتي وسيلن مٿان سرمائيدارن جو سنئون سڌو قبضو ۽ عوام کي ان کان بي فيض رکڻ آهي. هن وقت چاغي ۾ هڪ وڏو پراسيسنگ پلانٽ لڳايو پيو وڃي. جنهن ۾ زمين مان نڪرندڙ ڪچي پٿر کي پيهي صاف ڪري ٽامي ۽ سون کي پائوڊر جي شڪل ۾ تبديل ڪيو ويندو، جنهن کي پوءِ ريلوي يا روڊ رستي گوادر يا بن قاسم پورٽ تائين ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو. جتان آخري مرحلي مان صاف ٿي سون ۽ ٽامي جون سرون تيار ڪيون وينديون. سرمائيڪار ڪمپنين کي مڪمل رفائنريون ان ملڪ ۾ لڳائڻ گهرجن جتان اهي وسيلا دريافت ٿين ٿا، انهن ملڪن اندر انجنيئرنگ ۽ صنعتي ميدان ۾ مهارت ۽ روزگار جا وڌيڪ ذريعا پيدا ٿيڻ گهرجن. سعودي عرب، عرب امارات، ناروي، ڪئناڊا، آسٽريليا پنهنجن قدرتي وسيلن جي دريافت کان وٺي انهن جي رائلٽي ملڻ تائين پنهنجي عوام کي ان مان فيضياب ڪن ٿا. ناروي جيڪو وسيلن جي لعنت کي نعمت ۾ تبديل ڪري عوام کي ان جو فائدو ڏئي رهيو آهي. 1960 ۾ اتي سمنڊ مان تيل دريافت ٿيو ۽ 1990ع ۾ حڪومت هڪ “آئل فنڊ” قائم ڪيو. تيل ۽ گئس جي وڪري مان جيڪا به آمدني ٿيندي آهي ان جو تمام ٿورو حصو حڪومت جي استعمال ۾ ايندو آهي ۽ وڏو حصو هن فنڊ ۾ جمع ڪرايو ويندو آهي. جنهن جي ماليت هن وقت 16 سئو ارب آمريڪي ڊالرن کان مٿي آهي. اڄ ناروي هڪ اعليٰ معيار جي فلاحي رياست آهي، جتي مفت اعليٰ تعليمي نظام، عوام لاءِ مفت علاج جون سهولتون، بزرگن لاءِ پينشن جو نظام ۽ سماجي برابري هر اداري ۾ موجود آهي. جڏهن ته اتي آئيني بادشاهت آهي. ڪئناڊا جي البرٽا ۽ ساسڪيچوان صوبن مان جيڪو تيل ۽ گئس نڪري ٿو ڪمپنيون سڌو سنئون صوبائي حڪومت کي رائلٽي ۽ لائسنس في ادا ڪن ٿيون.
وفاق جو ان ۾ ڪوبه عمل دخل ناهي. صرف ٻين ملڪن ڏانهن برآمد ڪرڻ تي پابندي آهي. سعودي عرب ۽ امارات به پنهنجي قدرتي دولت مان عوام جي زندگيءَ کي خوشحال بڻايو آهي. اتي به بادشاهي نظام يا “شيخ ڊوم” هجڻ باوجود وسيلا عوام تي خرچ ڪيا وڃن ٿا. پاڪستان جهڙي جمهوري ملڪ ۾ جنهن صوبي مان قدرتي وسيلا دريافت ٿين ٿا ته اتان جي عوام کي سواءِ تشدد ۽ دهشتگرديءَ جي ۽ وفاق طرفان مختلف غير آئيني ۽ غير قانوني پابندين ۽ ڌمڪين جي ٻيو ڪجهه نٿو ملي. جيئن اڄ سنڌ جي تاريخي وحدت کي ڌڪ هڻڻ لاءِ غير آئيني ڪوشش ڪئي پئي وڃي. وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان کي به ناروي وانگر هڪ فلاحي رياست طور هلائڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي وڃي. ڪئناڊا جي البرٽا ۽ ساسڪيچوان وانگر صوبن کي پنهنجي وسيلن تي اختيار ڏنو وڃي، جيڪو ارڙهين ترميم کانپوءِ ممڪن بڻجي چڪو آهي، پر ان ترميم کي ختم ڪرڻ لاءِ طاقتون متحرڪ آهن. جيڪڏهن عوام خوشحال هوندو ته ملڪ خوشحال هوندو. قدرتي وسيلا عوام جي ملڪيت آهن، جن کي سنڀالڻ وارا پنهنجا ٽيڪس ۽ حڪومتي خرچ ڪڍي جيسين عوام جي فلاح ۽ بهبود تي نه لڳائيندا تيستائين ملڪ ڪنهن به صورت ۾ اڳتي نٿو وڌي سگهي. چاهي ملڪ کي ننڍن صوبن يا ننڍين گهٽين ۾ ورهايو وڃي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟