فيفا ورلڊ ڪپ جي مئچن ۾ ڪئناڊا ٿامس پارٽي جي ملڪ ۾ داخلا تي پابندي لڳائي اخلاقي قدرن جي اهميت ڏيکاري ڇڏي!
هن وقت فيفا مينز ورلڊ ڪپ 2026 جي ميزباني گڏيل طور تي ڪئناڊا، آمريڪا ۽ ميڪسيڪو ڪري رهيا آهن. ڪئناڊا ۾ ٽورنٽو ۽ وينڪوور جي اسٽيڊيمن ۾ اهم مئچون کيڏيون وينديون جڏهن فٽبال جو ايڏو وڏو ايونٽ دنيا جي وڏن ملڪن ۾ ٿيڻو هجي ته اتان جي حڪومتن، اميگريشن اختيارين ۽ فٽبال ايسوسيئيشنن تي عالمي ميڊيا جون نظرون لڳل هونديون آهن. اهڙي وقت ۾ ڪئناڊا پنهنجي ملڪي قانونن، اخلاقي معيارن ۽ ويزا پاليسين تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪري هڪ عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. ڪئناڊا 32 سالن جي فٽبالر ٿامس پارٽي جنهن جو تعلق گهانا سان آهي ۽ مٿس برطانيه جي عدالتن ۾ جنسي هراسمينٽ جا ڪيس هلي رهيا آهن، ان تي ڪئناڊا جا دروازا بند ڪري هڪ اهڙو اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي، جيڪو اسان جهڙن ملڪن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي. هي هڪ حيرت ۾ وجهندڙ فيصلو آهي، ڇوته هڪ وڏي فٽبالر تي پابندي لڳائڻ معاشي نقصان به ثابت ٿي سگهي ٿو، پر ڪئناڊا ۾ ان لاءِ “زيرو ٽولرنس” ڏيکاري وئي آهي. جنهن ڪئناڊا جي وقار ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ڪيو آهي. هي فيصلو ڪري هن دنيا کي اهو پيغام ڏنو آهي ته اڄ به قانون ۽ اخلاقيات معيشت کان وڌيڪ طاقتور سماجي عنصر آهي. جڏهن ته ڪئناڊا ڪا اسلامي رياست به ناهي، پر اسلامي تعليم تي عمل ضرور ڪري رهي آهي. افسوس ته “اسلامي جمهوريه پاڪستان” ۾ هن وقت سماج، ادارا ۽ رياستي فيصلا پنهنجي اخلاقي زوال ۽ پستيءَ جو شڪار آهن.
اسان جي ملڪ ۾ رياستي اخلاق جي زوال پذيري سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي مان نظر اچي ٿي، جنهن بلديه فيڪٽري واري سانحي جي ٻن مجرمن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي، جن 266 ماڻهن کي زنده ساڙي ڇڏيو، جن پنهنجي ڏوهن کي قبول ڪيو ۽ انهن کي ڦاسيءَ جي سزا آيل هئي. هاڻي اسان وٽ کير کي به مذهبي رنگ ڏئي هندن ۽ مسلمانن جي کير ۾ ورهايو پيو وڃي. جڏهن ته ڪئناڊا اخلاق جي لاءِ اعليٰ معيارن کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ اهڙي رانديگر کي ملڪ ۾ داخلا ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي جنهن تي اڃان الزام ثابت به نه ٿيا آهن ان جي مٿان هراسمينت جا ڪيس هلي رهيا آهن. مذهب جهڙي مقدس اداري جي آڙ ۾ انسانيت سوز حرڪتون، بليڪ ميلنگ، اقليتن سان زيادتيون، معصوم ٻارن تي تشدد جا واقعا روز سامهون اچن ٿا. عورتن کي روز سماجي رسمن جو بهانو بڻائي قتل ڪيو وڃي ٿو، سوشل ميڊيا تي مدرسن سان لاڳاپيل ماڻهن جون اهڙيون وڊيوز سامهون اچن ٿيون جيڪي پوري ملڪ جي عوام کي بين الاقوامي طور تي شرمنده ڪن ٿيون. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن وقت اسان جو ملڪ اخلاقي پستيءَ جي گهرائين ۾ ڪِري چڪو آهي. ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي بدران انهن سان بدسلوڪي، انهن لاءِ سيکارڻ بدران انهن کي بليڪ ميل ڪرڻ جا طريقا سماج ۾ عام آهن. جڏهن ته ڪئناڊا جهڙو ملڪ اخلاقيات جي معاملي ۾ زيرو ٽولرنس جو مظاهرو ڪري پوري دنيا کي اهو ٻڌائي رهيو آهي ته وٽس اخلاقيات جي ڪيتري اهميت آهي. شرمندگيءَ جهڙي ڳالهه آهي ته هن وقت اقليتن کي مختلف نمونن سان تنگ پيو ڪيو وڃي، انهن جي زندگي ته اڳ ئي زهر بڻائي وئي هئي، پر هاڻي انهن جي معاشي سرگرمين مٿان وار ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪيا پيا وڃن. اقليتن جا واپار ۽ معاشي ذريعا کسڻ لاءِ انهن جي دڪانن تي، انهن جي کير وڪڻڻ تي يا مختلف ننڍن ڌنڌن تي وار ڪري انهن کي احساس ڏياريو پيو وڃي ته هن ملڪ ۾ قانون سندن مدد ڪرڻ لاءِ موجود ڪونهي.
اهو سڄو عمل رياست جي اخلاقي پستي ظاهر ڪري ٿو. ملڪ ۾ مذهب کي هڪ اوزار طور استعمال ڪيو وڃي پيو. جڏهن ته ڪئناڊا ۾ اسلامي اصولن تي عمل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، جتي ڪئناڊا جي فٽبال فيڊريشن پاران جنسي هراسمينٽ جي ڪيسن کي منهن ڏيندڙ رانديگر تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اتي قانون سڀني لاءِ برابر آهي، چاهي ڪو وڏو اسٽار ڇو نه هجي قانون جي نظر کان بچي نٿو سگهي. اسان وٽ ادارا خود اخلاقي پستيءَ جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ انهن جو ان پستيءَ مان نڪرڻ في الحال نظر نٿو اچي. جيڪڏهن اسان کي به هڪ صحتمند سماج ۽ رياست بنجڻو آهي ته ڏوهن لاءِ زيرو ٽولرنس وارو رويو اختيار ڪرڻو پوندو. ان لاءِ صرف حڪومتي سطح تي نه، بلڪه عوامي سطح تي اسان مان هر فرد کي پنهنجي گهرن جي اندر کان ان جي شروعات ڪرڻي پوندي، اسان کي پنهنجن گهرن ۾ پنهنجن عزيزن لاءِ زيرو ٽولرنس ڏيکارڻي پوندي، جيڪي مجرم آهن. جيستائين هڪ پيءُ پنهنجي ڏوهاري پٽ کي قانون جي حوالي نه ڪندو يا هڪ ماءُ پنهنجي ڏوهاري ڌيءَ کي قانون حوالي نه ڪندي تيسين هي معاشرو تبديل ٿي نه سگهندو. اسان کي پنهنجي گهرن، گهٽين ۽ شهرن ۾ ڏوهارين تي نظر رکڻ گهرجي. خاص طور انهن ماڻهن تي جيڪي اخلاقيات جي اصولن کان انڪار ڪن ٿا، انهن لاءِ زيرو ٽولرنس هجڻ گهرجي. تڏهن هن اخلاقي پستيءَ مان معاشري کي ڪڍي سگهجي ٿو. زنده سماج اهو ئي هوندو آهي جنهن ۾ اخلاقي اصولن تي عمل ٿيندو آهي. جنهن جو زنده مثال ڪئنيڊا آهي. اسان جن ماڻهن کي قانون ساز اسيمبلين ۾ ووٽ ڏئي موڪليون ٿا جج صاحبان جن کي اسان جي ٽيڪسن مان پگهارون ملن ٿيون، مراعتون ملن ٿيون رٽائر ٿيڻ کانپوءِ به عياشي ڪن ٿا، اهي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جيڪي قانون جي حفاظت ڪرڻ لاءِ موجود آهن اهي سڀ هن وقت اخلاقي پستيءَ جو شڪار نظر اچن ٿا. عوام کي ننڊ مان سجاڳ ٿي انهن شين تي تشويش سان ڏسڻ ۽ سوچڻ جي ضرورت آهي. هر مصلحت کان آزاد ٿي سماج جي سڌاري لاءِ اٿڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سماج کي اخلاقي اصولن تي بيهاري سگهجي، جيڪو هن وقت اخلاقي زوال، انتها پسندي، تعصب ۽ ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟