نئين گاج ڊيم بابت هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار، ڪم مڪمل ڪرڻ جو حڪم
13 جولاءِ 2026ع تي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان پاران لکيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته “نئين گاج ڊيم” جي عوامي انفرااسٽرڪچر منصوبي جي مڪمل ٿيڻ ۾ وڌيڪ دير کي روڪڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ جي فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، ڇو ته هاءِ ڪورٽ قانون کي نظر ۾ رکڻ کانسواءِ غلط هدايتون جاري ڪيون. هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪمن ۾ تڪرار جي حل جي طريقيڪار، واپڊا ۽ نيب جي ضابطن کي نظر ۾ نه رکيو. آئيني عدالت فيصلو ڏنو ته ڊيم جي تعمير جي معاهدي ۾ مقرر ڪيل تڪرار جي حل جي طريقيڪار تحت معاملي کي سنڀاليو ويندو. آرٽيڪل 199 تحت هاءِ ڪورٽ جي اختيار کي ٻيهر نٿو لکجي سگهجي. آئيني حدن جي ڀڃڪڙي انصاف جي واضح خاتمي جو نتيجو آهي. هي ڪيس واپڊا جو ادارو آئيني عدالت ۾ کڻي ويو. واپڊا پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي انهن فيصلن جيڪي آڪٽوبر 2023ع، مئي 2025ع ۽ جون 2025 ۾ آيا هئا، انهن خلاف اپيلون داخل ڪيون ويون. اصل ۾ هي تڪرار واپڊا ۽ منصوبي جي تعمير ڪندڙ خانگي ٺيڪيدار وچ ۾ معاهدي، قيمتن جي واڌاري ۽ بينڪ گارنٽي جي معاملن تي هو. جنهن ۾ واپڊا جو موقف هو ته ٺيڪيدار 2018ع جي قيمتن تي ڪم مڪمل ڪرڻ جو پابند هو، پر هاءِ ڪورٽ ٺيڪيدار کي وڌيڪ مالي فائدا ۽ رليف پئي ڏنو، جيڪو قانوني دائري کان ٻاهر هو.
واپڊا پاران اهو به الزام لڳايو ويو ته ٺيڪيدار ڪوڙي بينڪ گارنٽي جمع ڪرائي هئي، جنهن سان قومي خزاني کي نقصان پهتو. آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس علي باقر نجفي تي ٻڌل آئيني عدالت جي بينچ واپڊا جون اپيلون منظور ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جا فيصلا رد ڪيا آهن. آئيني عدالت جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪورٽ ڪانٽريڪٽ جي معاملن ۾ مداخلت ڪري پنهنجي آئيني اختيارن کان تجاوز ڪيو هو. اهوئي سبب هو جو هي ڪيس سڌو سنئون واپڊا پاران هاءِ ڪورٽ جي فيصلن خلاف آئيني عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هاڻي ڪم کي بنا ڪنهن عدالتي مداخلت جي مڪمل ڪرڻ جو رستو صاف ٿي ويو آهي. “نئين گاج” پاڻيءَ جو اهو وهڪرو آهي، جيڪو جبلن تان برسات پوڻ کانپوءِ تيزيءَ سان وهي ميدانن ڏانهن ايندو آهي. هي هڪ مڪمل قدرتي وهڪرو آهي، جنهن جي تعمير ۾ انسانن جو هٿ ناهي، نه ئي هن جو پاڻي ڪنهن درياءَ مان ايندو آهي. کيرٿر جبلن تي برسات پوڻ کانپوءِ پاڻي ننڍن وڏن لڪن مان گڏ ٿي هڪ وڏي نديءَ جي صورت ۾ ڪاڇي جي ميدانن ڏانهن لهندو آهي، هي پاڻي اڪثر برساتن کانپوءِ تيزيءَ سان هيٺ اچي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪندو آهي، جيڪو ڪجهه ڏينهن يا هفتن تائين وهندو آهي ۽ پوءِ منڇر ۾ ڇوڙ ڪندو آهي.
جڏهن ته واهه انسانن پاران کوٽيل نظام جو حصو آهن، جن جو پاڻي دريائن يا بئراجن مان ڏنو ويندو آهي ۽ انهن ۾ عام طور تي مقرر ڪيل مهينن يا شيڊيول مطابق پاڻي وهندو آهي. “نئين گاج” صدين کان وهندڙ سنڌ جو هڪ قدرتي برساتي وهڪرو آهي، جيڪو هاڻي “نئين گاج ڊيم” جي صورت ۾ تعمير ڪيو پيو وڃي. هن نئين گاج ڊيم جي تعمير سان سنڌو درياءَ تي ڪهڙا اثر پوندا سمجهڻ ضروري آهن. ان لاءِ نئين گاج جي جاگرافيائي حيثيت ۽ سنڌو درياءَ سان ان جي لاڳاپي کي سمجهڻ ضروري آهي. هيءَ گاج سنڌو درياءَ جي ڪنهن به مکيه وهڪري يا نديءَ مان نٿي نڪري، پر هيءَ “نئين” جبلن تان پاڻي کڻي ڪاڇي جي ميدانن مان ٿيندي منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. برساتن دوران کيرٿر جبلن تان تيز برساتي وهڪرا (نئيون) لاهي ايندا آهن ته اهي دادو ۽ ڄامشوري ضلعن جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪندا آهن، جتان هي سمورو پاڻي بي قابو ٿي منڇر ۾ پهچندو آهي، جتان اڳتي ان کي سنڌو درياءَ ۾ نيڪال ڪيو ويندو آهي. جيئن ته منڇر ڍنڍ هن وقت زهر ۽ گندگيءَ جو شڪار آهي، ان ڪري سنڌو درياءَ مان مٺو پاڻي کڻي منڇر کي ڏنو ويندو آهي. هن ڊيم ٺهڻ کانپوءِ گاج جو مٺو پاڻي هڪ ضابطي سان سڌو منڇر ڍنڍ کي ملي سگهندو ۽ منڇر کي صاف رکڻ لاءِ درياءَ مان اضافي پاڻي جي کڻت جي ضرورت نه پوندي. نئين گاج جو پاڻي ڊيم جي صورت ۾ جمع ٿيڻ سان زمين هيٺ مٺي پاڻيءَ جي سطح بهتر ٿيندي.
مقامي سطح تي زمين هيٺ پاڻي مٺو هوندو ته مقامي آباديءَ جي درياءَ مان نڪرندڙ واهن ۽ شاخن تي دٻاءُ گهٽجي ويندو. ان جو هڪ ٻيو پاسو به ڏسڻ گهرجي، ماحولياتي ماهرن مطابق جبلن تان ايندڙ قدرتي وهڪرو مڪمل بند ٿيڻ سان ڪاڇي جي هيٺين پٽي جي زمينن تي جيڪا قدرتي ٻوڏ واري آبپاشي ٿيندي هئي، اها ڊيم ٺهڻ سان بند ٿي ويندي. هي منصوبو لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن کان رولڙي جو شڪار رهيو آهي، ان دير سبب مقامي ماڻهو بي يقيني واري صورتحال ۾ جي رهيا آهن. پنجاب کان علاوه ٻين صوبن ۾ ڏٺو ويو آهي ته وفاق جا ڪم هميشه ايئن ئي رولڙي جو شڪار رهندا آيا آهن. جڏهن ته سنڌ جي هن ڏڪاريل ۽ پٺتي پيل (ڪاڇي ۽ دادو) جي پيئڻ جي پاڻي جهڙي بنيادي ۽ حياتياتي منصوبي کي ڏهاڪن تائين نظر انداز ڪرڻ هڪ وڏي آئيني ۽ سياسي ناانصافي رهي آهي. هن ڊيم جي ٺهڻ سان لکين گيلن پاڻي گڏ ٿيڻ کانپوءِ زمين ان پاڻيءَ کي آهستي آهستي چوسڻ شروع ڪندي، جنهن سان ڪاڇي جي زمينن هيٺان پاڻيءَ جو ذخيرو جمع ٿيندو، جنهن کي “واٽر ريچارج” چيو ويندو آهي. هن وقت انهن علائقن ۾ مٺي پاڻيءَ جي کوٽ آهي. جڏهن ڊيم مان مٺو پاڻي مسلسل زمين اندر داخل ٿيندو ته اهو کاري پاڻيءَ سان گڏجي ويندو ۽ نمڪيات کي گهٽ ڪري ڇڏيندو، جنهن کي “ڊائليوشن” چئبو آهي. مٺي پاڻيءَ جو وڏو ذخيرو زمين اندر هڪ حفاظتي ڀت ٺاهيندو، جيڪو ڀر پاسي جي کاري پاڻيءَ کي مٺي پاڻيءَ ۾ تبديل ڪندو ۽ کاري پاڻيءَ کي مٺي پاڻي وارن علائقن ڏانهن اچڻ کان روڪيندو. جڏهن پاڻي جبلن تائين وهي مٽي ۽ پٿرن جي مختلف تهن مان لنگهي زمين جي اندر ويندو آهي ته زمين جون مختلف تهون پاڻيءَ کي ڇاڻينديون آهن، بلڪل ايئن جيئن هڪ کاري پاڻيءَ جي گلاس ۾ ٿورو ٿورو مٺو پاڻي وجهجي ته اهو مٺو ٿي ويندو. اهو چئي سگهجي ٿو ته هن ڊيم جي تعمير سان ڪاڇي جي عام ماڻهو جي زندگيءَ ۾ مٺي پاڻيءَ جي گهٽتائي وارو مسئلو حل ٿيندو ۽ اتان جي آبادگارن کي زمينون آباد ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي مستقل بنيادن تي ٿيندي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟