ناروي جي پرڏيهي وزير جي اسلام آباد آمد ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، دفاع، تيل ۽ گئس جي ڳولها تي معاهدن جا امڪان
13 آگسٽ 2026ع تي ناروي جو پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ اي ڊي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهتو. هي ڪنهن به نارويجين پرڏيهي وزير جو ڏهن سالن کانپوءِ پهريون دورو آهي، جيڪو پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي خاص دعوت تي ڪيو ويو آهي. جڏهن ناروي جو پرڏيهي وزير اسلام آباد پهتو ته ان وزير اعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ناروي جي پرڏيهي وزير ملاقات کانپوءِ هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري صلاحيت وڌائڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن ۽ ٻئي ملڪ گهڻ طرفي تعاون ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ پرعزم آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ ماحولياتي تبديليءَ بابت تعاون کي وڌائڻ، تجديد جوڳي توانائي ۽ عوامي رابطن کي مضبوط ڪرڻ بابت ڳالهيون ٿيون. جڏهن ته ناروي جي پرڏيهي وزير سان وزيراعظم جي ملاقات دوران ناروي جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سمنڊ اندر ۽ سمنڊ کان ٻاهر تيل ۽ گئس جي ڳولها ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي باضابطا دعوت ڏني وئي. پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ڪاربن ڪريڊٽ جي معاشيات تي اڳ ۾ ئي ڪم هلي رهيو آهي. جنهن ۾ آبهوا جي تبديلي، توانائي جي منصوبن ۽ شريڪ معاهدن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي معاهدن جي ڳالهه ٻولهه ٿي.
ناروي اتر يورپ جي اسڪينڊينيويا خطي ۾ هڪ انتهائي ترقي يافته امير ۽ پرامن ملڪ آهي. جيڪو پنهنجي بهتر حڪمراني ۽ زندگي جي اعليٰ معيار جي حوالي سان رفاحي رياست طور سڃاتو وڃي ٿو. دنيا ۾ ناروي هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس (HDI) اندر آمدني جي مساوات ۽ قانون جي حڪمرانيءَ ۾ مسلسل ڪجهه ملڪن اندر پهرين نمبر تي اچي رهيو آهي. ڇو ته ناروي تيل ۽ گئس مان ٿيندڙ آمدني کي پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ قائم ڪيل دنيا جي سڀ کان وڏي قومي فنڊ ۾ جمع ڪري ٿو. جنهن جي ماليت 1.5 ٽرلين ڊالرن کان به وڌيڪ آهي. حڪومت جو ڍانچو “نارڊڪ ماڊل” تي ٻڌل آهي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته ملڪ ۾ مارڪيٽ آزاد آهي، سيڙپڪاري، سماجي ۽ رفاحي تحفظ کي انتهائي توازن ۽ خوبصورتيءَ سان گڏيو ويو آهي. ان ماڊل جو بنيادي فلسفو “آزاد ۽ مسابقتي معيشت، پر مڪمل سماجي تحفظ” آهي. هن ماڊل تحت غربت ۽ اڻبرابريءَ جو خاتمو ٿي چڪو آهي. هاڻي اتي سماج ۾ امير ۽ غريب جي وچ ۾ ڪو گهڻو فرق ناهي رهيو. ماڻهن جي زندگيءَ جو معيار مسلسل وڌي رهيو آهي. هن نظام ۾ جيلن ۾ قيدين کي سزا بدران اصلاح ڏني ويندي آهي، جنهن سان ڏوهن جي شرح تقريبن ختم ٿي وڃي ٿي. “نارڊڪ ماڊل” هڪ اهڙو سماجي نظام آهي، جتي معيشت ته سرمائيداراڻي نظام تحت آزاديءَ سان هلي ٿي، پر ان مان حاصل ٿيندڙ منافعو ۽ ٽيڪس سڄي سماج جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ٿين ٿا. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته اسان جو ملڪ هڪ اهڙي ملڪ سان ڪاروباري رابطا ڪرڻ لاءِ خواهشمند آهي، جيڪو پنهنجن وسيلن کي پنهنجي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪري ٿو ۽ اميد ته اسان جو ملڪ به ناروي جي مدد سان پاڪستان ۾ اقتصادي، ماحولياتي، سياسي، تيل ۽ گئس جي شعبن ۾ ڪم ڪندي رفاحي رياست بڻجي ويندو. جيئن ته ناروي سامونڊي تيل ۽ گئس ڪڍڻ جو عالمي باني آهي. پاڪستان سامونڊي حدن مان تيل ڪڍڻ لاءِ ناروي جي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو هٿ اڳيان وڌايو آهي ته جيئن نارويجين جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيڙپڪاريءَ سان پاڪستان اهو ڪم ڪري سگهي.
ان کان علاوه پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ڪاربن مارڪيٽ قائم ٿيندي، جنهن ۾ پاڪستان اندر ٻيلن جي واڌ، سرسبز توانائي ۾ اضافو ٿيندو، جڏهن انهن ٻيلن کي ڪاربن ڪريڊٽ ۾ تبديل ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ سودو ڪيو ويندو ته ان جي بدلي ۾ اربين ڊالرن جي ماحولياتي فنانسنگ حاصل ٿي سگهندي، جنهن سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو. پاڪستان هن وقت آءِ ٽي سيڪٽر ۾ نوجوان ماهر تيزي سان پيدا ڪري رهيو آهي ۽ ناروي ۾ ان قسم جي ماهر انجنيئرن جي سخت ضرورت آهي. جڏهن اسان جا نوجوان ماهر اتي ورڪ ويزا تي ويندا ته انهن لاءِ سونهري موقعا پيدا ٿيندا. ناروي به پنهنجي ڪمپنين لاءِ يورپ کان ٻاهر نوان سرمائيڪاري جا موقعا ڳولهي رهيو آهي. پاڪستان جيڪو 25 ڪروڙو آبادي وارو ملڪ آهي اهو نارويجين ڪمپنين لاءِ به هڪ وڏي اڀرندڙ مارڪيٽ بڻجي انهن کي فائدو پهچائي سگهي ٿو. جيئن ته ناروي جي صنعت پنهنجي ڪاربن جي اخراج کي گهٽائڻ لاءِ ڪيترائي معاهدا ڪيا آهن انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان ڪاربن آفسيٽ جا منصوبا سستا ۽ اثرائتا حاصل ڪري سگهي ٿو. ناروي اهو ملڪ آهي جنهن وٽ دنيا جو وڏو تجارتي بحري ٻيڙو آهي. انهيءَ لاءِ عربي سمنڊ ۽ انڊين اوشن جا بحري رستا ۽ پورٽ جنهن ۾ ڪراچي ۽ گوادر شامل آهن، مستحڪم لاجسٽڪ لاءِ انتهائي فائديمند ثابت ٿيندا. جيئن ته ناروي يورپ جو هڪ اهڙو بي تعصب ۽ اڻ ڌريو ملڪ آهي، جيڪو پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ وسطي ايشيا جي اقتصادي راهدارين تي گڏجي ڪاميابي سان سفر ڪري سگهي ٿو. پاڪستان ۾ موجود موقعا جيڪي اڃان تائين لڪل آهن، جيڪڏهن انهن تي ڪم ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي انفرادي ضرورتن ۽ هڪٻئي سان مڪمل ٿيندڙ صلاحيتن تي ٻڌل هوندا ۽ ٻنهي جي لاءِ هڪ جيترو فائديمند هوندا.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟