مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

رياست ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور عنصر عوام آهي جيڪڏهن ان کي اڻ ڏٺل زنجيرون محسوس ٿين

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

عوام جي طاقت ڪنهن به ري پبلڪ حڪومت يا سماج جو اهو بنيادي ٿنڀ آهي، جيڪو ظاهر ۾ خاموش نظر اچڻ باوجود تاريخ جو رخ بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. عوام جي طاقت صرف چونڊن ۾ موٽ ڏيڻ تائين محدود ناهي هوندي، پر ان کانپوءِ به ان جي طاقت مختلف طريقن سان نظر ايندي رهندي آهي. جڏهن ڪا قوم پنهنجي اندر موجود اجتماعي طاقت، شعور ۽ آئيني حقن کي سڃاڻڻ کان قاصر رهجي ويندي آهي اها تاريخ جي صفحي تان هڪ خود مختيار قوم طور مٽجي صرف ماڻهن جو هڪ ميڙ يا غلام سماج بڻجي ويندي آهي. افلاطون کان وٺي جديد فلسفي تائين تاريخ شاهد آهي ته پنهنجي طاقت کان اڻ واقف قومن جو حشر انتهائي دردناڪ ٿيندو آيو آهي. جنهن ۾ سڀ کان وڏو مثال اتر ڪوريا جي قوم جو آهي، جتي “ڪِم” خاندان جي حڪمرانن کي خدا يا نبي جهڙو مقدس درجو ڏنو ويو آهي ۽ اها قوم سڄي دنيا کان مڪمل طور تي لاتعلق قوم طور هڪ وڏي قيد خاني ۾ زنده آهي. اهڙين قومن سان تاريخي ۽ سماجي الميا جنم وٺندا آهن. اهڙن سماجن ۾ جڏهن اڪثريت پنهنجي طاقت نٿي سڃاڻي ته سماج جو هڪ ننڍڙو، ظالم ۽ مفاد پرست ٽولو پوري قوم جي وسيلن، آئين ۽ فيصلن تي قابض ٿي ويندو آهي. قوم پنهنجي ئي ديس ۾ اڻ ڏٺل زنجيرن جي غلام بڻجي ويندي آهي. اهڙين قومن کي حڪمران طبقو اهڙن بنيادي مسئلن جيئن پاڻي، گئس، بجلي، مهانگي ڪڻڪ جهڙن مسئلن ۾ الجهائي رکندو آهي جو انهن کي پنهنجون اهي زنجيرون نظر ئي نه اينديون آهن جيڪي هڪ مفاد پرست ٽولو انهن کي پارائي ڇڏيندو آهي. اهڙي سماج جو سڀني کان وڏو الميو اهو هوندو آهي ته اتان سچ ۽ انصاف غائب ٿي ويندا آهن.
اهڙي قوم جا ڪيترائي ماڻهو جن کي پنهنجي نه طاقت جي خبر هوندي آهي ۽ نه ئي انهن کي پنهنجي قوم هجڻ جو احساس هوندو آهي، اهي مفاد پرست ننڍڙي ٽولي هٿان پامال ٿي نفسياتي خوف جو شڪار ٿي يا ته ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن يا مڪمل مايوس ٿي سرينڊر ڪندا آهن. البرٽ ڪاميو مطابق “ظالم جي طاقت ان جي پنهنجي ناهي هوندي، پر اها مظلوم جي بي خبري ۽ خاموشيءَ مان حاصل ٿيل هوندي آهي.” هن وقت اسان جي ملڪ ۾ به بلڪل ساڳيو ماحول جڙيل آهي، اسان جو آئين جمهوري هوندي به جمهور کي پنهنجي طاقت جي خبر ئي ناهي، ڇو ته اهو پنهنجو پيٽ ڀرڻ، گئس، پاڻي ۽ بجليءَ جي مسئلن ۾ ايترو ته ڦاٿل آهي جو ان کي ان جي آئيني حقن جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ نظر نٿي اچي. اهوئي سبب آهي جو هڪ مفاد پرست ٽولو آئين کان مٿانهان نعرا بلند ڪري ٿو، آئين جي مخالفت ڪندي ان کي ڪوبه خوف محسوس نٿو ٿئي، کلي عام آئين جو مذاق اڏائي ٿو، جنهن تي ان کي ڦاسيءَ جي سزا ملڻ کپي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسان جهڙن ملڪن ۾ نه صرف مختلف طاقتور حلقا جيڪي ننڍا ننڍا گروهه آهن انهن جي ڳٺ جوڙ سان اهڙي طاقت وجود ۾ ايندي آهي، جنهن کي اسٽيبلشمينٽ جو نالو ڏئي عوام کي خوفزده ڪيو ويندو آهي، اهڙي طاقت هن وقت ملڪ ۾ صوبن کي ٽوڙڻ ۽ آئين کان مٿانهان ڪم ڪرڻ يا آئين کان لاپرواهه ٿي ڳالهيون ڪرڻ کان نٿي ڪيٻائي. جڏهن ته هن ئي ملڪ جي عوام انگريزن جي دور ۾ اسٽيبلشمينٽ جي خلاف مزاحمت ڪئي. جڏهن عوام انگريزن جي خلاف وڙهيو پئي ته ان وٽ نظريي تي ٻڌل مخلص قيادت موجود هئي، پر اڄوڪي دور ۾ اسان جي سياسي قيادت جو وڏو حصو خود اسٽيبلشمينٽ سان سوديبازي ڪري عوام کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي.
افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته چئني صوبن جي عوام کي هڪٻئي کان ڌار رکيو ويو آهي ۽ وچ ۾ مذهب کي هڪ هٿيار طور استعمال ڪري اهڙو معاشرو جوڙيو ويو آهي، جنهن ۾ مذهب جي کلم کلا خلاف ورزي ٿيندي رهي ٿي، ننڍڙا ٻار مدرسن ۽ مسجدن ۾ جنسي هراساني ۽ جنسي حيوانگي جو شڪار ٿين ٿا ۽ پوءِ قتل ڪيا وڃن ٿا، انهن وحشي درندن کي جيڪي ممبرن تي ويهي اهڙيون شيطاني حرڪتون ڪن ٿا، اهي قانون جي شڪنجي ۾ نٿا ڦاسن. سچ اهو آهي ته سماج مان سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت کي ختم ڪري جڏهن ان جي عوام جي تنقيدي سوچ ختم ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ حقيقت کي پرکڻ جي صلاحيت کسجي وڃي ٿي. حڪمرانن کان سوال ڪرڻ کي بي ادبي سمجهيو وڃي ٿو، مذهبي گديون ٺاهي انهن تي ويٺل پاڻ جهڙن ماڻهو کي سجدو ڪيو وڃي ٿو. اهڙو عوام ڪڏهن به انقلاب نٿو آڻي سگهي. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جو باشعور طبقو جيڪو سوچڻ ۽ سمجهڻ جي قابل آهي، اهو سماج لاءِ هڪ آئينو بڻجي وڃي ۽ سماج ۾ ٿيندڙ هر غلط ۽ صحيح شيءِ جي نگراني ڪري عوام کي اهي زنجيرون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري جيڪي ان کي پاتل ته آهن، پر نظر نٿيون اچن. عوام جيڪو رياست جو مالڪ آهي، جنهن جي ووٽ حڪمران کي حڪمراني ڪرڻ جو حق ڏنو آهي، ان کي پنهنجي طاقت کي سڃاڻڻ لاءِ سمجهه ۽ شعور عطا ڪري. هاڻي اسان کي صرف پنهنجن صوبن جي جاگرافيائي حدن جي حفاظت ناهي ڪرڻي، بلڪه اسان کي پنهنجي هر آئيني حق جي به حفاظت ڪرڻي آهي. ان لاءِ اسان کي باشعور ٿيڻو پوندو، اسان کي انهن زنجيرن کي سڃاڻڻو پوندو ۽ تعليم يافته ٿيڻو پوندو. اسان کي هر ان ذريعي سان سجاڳي حاصل ڪرڻي پوندي جيڪو اسان جي انهن اڻ ڏٺل زنجيرن کي ٽوڙي سگهي. ڇو ته اهڙيون زنجيرون تڏهن ئي نظر اينديون آهن، جڏهن انسان پنهنجي خود مختياري تي سوال اٿاريوندو آهي، جڏهن سوال ڪرڻ جي آزادي هوندي، عام ماڻهو کي مڪمل طور تي آزاديءَ سان سوچڻ ۽ سوال ڪرڻ سيکاريو ويندو، تڏهن ئي اسان غير آئيني حڪمرانن، مذهبي ٺيڪيدارن ۽ طاقتور طبقن کي سڃاڻي سگهنداسين ۽ اسان پنهنجي عقل ۽ شعور کي استعمال ڪري پنهنجي لاءِ اهو سماج جوڙي سگهنداسين جيڪو انساني حقن جي بحالي، فڪري آزادي ۽ شعور جي اڏام عطا ڪري سگهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو