سماجي، فڪري ۽ اخلاقي پستيءَ جي نتيجي ۾ اجتماعي ۽ انفرادي خودڪشين جو رجحان
سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي مختلف وقتن ۾ اهڙيون خبرون تسلسل سان ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ته ماڻهو نه صرف انفرادي طور، پر اجتماعي خودڪشيون ڪري رهيا آهن، جن جو رجحان تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. 13 آڪٽوبر 2026ع تي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿيندي نظر آئي، جنهن ۾ گلشن حديد جي فلڪ ناز سوسائٽي ۾ هڪ ئي خاندان جا پنج فرد مئل حالت ۾ مليا آهن، جنهن ۾ 30 سالا شاهزيب، 28 سالا سندس گهر واري صبا ۽ ٽن ٻارڙين جن جون عمريون 5، 3 ۽ 2 سال آهن. پوليس موجب هڪ “خودڪشي نوٽ” به مليو آهي، جنهن ۾ شاهزيب بيروزگاري، سخت مالي ڏکيائين ۽ مايوسيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. خودڪشي جيڪڏهن انفرادي هجي ته اها ڪنهن هڪ فرد جي ذهني بيماريءَ ڏانهن اشارو ڪري ٿي، پر جڏهن اجتماعي ٿي وڃي ته اها معاشري جي بيحسي، سياسي حالتن ۽ ملڪ جي غلط پاليسين جو مظهر هوندي آهي. افسوس ته اهڙي صورتحال ۾ اسان جي ايوانن ۾ ويٺل سياستدان، نفسيات جا ماهر، سوشل سائنسدان ان پاسي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. اجتماعي خودڪشي هڪ اهڙي سنگين، نفسياتي بحران جي شڪل آهي، جنهن ۾ اسان کي ان سڄي خاندان جي ان رويي بابت سوچڻو پوندو ته اهو خاندان مسلسل ڪيتري دٻاءُ ۾ رهيو هوندو، سندن سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت ڪيئن ختم ٿي هوندي ۽ اهي ڪيئن بيوس ٿي موت جي منهن ۾ وڃڻ لاءِ گڏجي تيار ٿيا هوندا. ڇو ته اجتماعي خودڪشي ڪرڻ سولو عمل ناهي. مرڻ وارن جو هڪ ئي وقت ان عمل مان گذرڻ سندن نفسياتي، سماجي ۽ مالي مشڪلاتن جو پتو ڏئي ٿو. جنهن مان معصوم ٻارن کي ڪڍي سگهجي ٿو، ڇو ته اهي انهن حالتن کان بي خبر هوندا آهن، پر جڏهن والدين پنهنجن ٻارن کي پاڻ سان گڏ مارڻ جو فيصلو ڪن ٿا ته اهو قدم سندن ذهني صحت جو زوال جو پتو ڏئي ٿو.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچيءَ ۾ سرجاڻي ٽائون ۾ به هڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر عمر ظفر پنهنجي گهرواري ۽ ٽن نياڻين سان مئل حالت ۾ مليو. پاڙيوارن مطابق اهو خاندان به سخت مالي بحران جو شڪار هو ۽ پنهنجي خاندان کان سالن کان ڪٽيل هو. سڌريل ملڪن ۾ جڏهن اهڙا واقعا پيش ايندا آهن ته حڪومتون نفسيات جي ماهرن ۽ سماجي سائنسدانن جو ڪميشن ٺاهي پنهنجي لاءِ پاليسيون ٺهرائيندا آهن، پر اسان وٽ اهڙن معاملن کي حڪومتون نظر لاشن جي پوسٽ مارٽم ۽ دفنائڻ تائين محدود رکن ٿيون. افسوس ته اسان جا سماجي سائنسدان به پنهنجو ڪم ڪرڻ بجاءِ ٻين ڪمن ۾ مصروف آهن ۽ معاشري جي المناڪ صورتحال تي رد عمل ڏيکاريندي نظر نٿا اچن. سڌريل ملڪن ۾ يونيورسٽين جون نفسيات ۽ سوشل سائنس جون فيڪلٽيز گڏجي سيمينار ڪرائينديون آهن، اهڙن گروهن تائين پهچي نفسياتي ۽ معاشي سبب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ته آخر اهڙيون حالتون ڇو پيدا ٿي رهيون آهن ۽ پوءِ تحقيقي مقالا شايع ڪنديون آهن. افسوس ته اسان جي يونيورسٽين مان اهڙي قسم جو ڪوبه ڪم ٿيندي نظر نٿو اچي، جنهن مان خبر پوي ته آخر سماج ۾ اڪيلائي، اجتماعي خودڪشيون ۽ خاندانن کان ڪٽجي رهڻ جو رجحان تيزيءَ ڇو وڌي رهيو آهي. جنهن جا حل ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. اسين فخر سان پاڻ کي اسلامي جمهوريه پاڪستان جا مسلم امه جا فرد ته سڏايون ٿا، پر انهن تعليمن تي مغربي ملڪن ۾ عمل ٿيندي نظر اچي ٿو. جتي رياست روزگار ماڻهن کي بيروزگاري الائونس ڏئي ٿي، روزگار جا ذريعا پيدا ڪري ٿي، ذهني بيمارن کي نفسيات جي ماهرن تائين رسائي ڏئي ٿي. مغربي ملڪن ۾ رشتن ۾ منافقت بجاءِ احترام واضح نظر اچي ٿو. جڏهن ته اسان جو سماج پنهنجا قدر وڃائي منافقت جي ور چڙهيل آهي.
هن سماج ۾ اخلاقي قدر تيزيءَ سان پنهنجي معنيٰ وڃائي رهيا آهن. ملڪيت جي معاملي تي اولاد پنهنجي والدين کي قتل به ڪري رهيو آهي ته اولڊ هومز تائين به ڇڏي اچڻ لاءِ تيار آهي. ان جو بنيادي سبب سماج ۾ ڏهاڪن تائين هلندڙ تاريخي، سياسي، معاشي ۽ نظرياتي پاليسين وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. اسڪولن ۾ ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ اهڙو سليبس ئي تيار نه ڪيو ويو آهي، جنهن سان اسان هڪ سٺو انسان تعمير ڪري سگهون. رياست خود سرمائيداري نظام جي ڊوڙ ۾ ڦاٿل آهي ۽ ان سان لاڳاپيل فرد به ان ڊوڙ ۾ شامل آهن. تعليمي نظام مان فڪري تنقيد، گڏيل خاندان جو تصور، نيڪي ۽ بدي جي سمجهه غائب ٿي چڪي آهي، جنهن سماج کي اخلاقي ۽ فڪري زوال جو شڪار ڪيو آهي. اسان کي پنهنجي ارد گرد ڏسڻ سان خبر پوندي ته اسان جي پنهنجن ويجهن رشتن ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن، جن جي مالي، سماجي ۽ اخلاقي مدد ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجو هٿ وڌائي انهن جي مدد نه ڪئي ته ڪيڏي مهل به اسان کي ڪا خراب خبر ملي سگهي ٿي. حڪومت کي حالتن کي تبديل ڪرڻ لاءِ نفسياتي جي فيڪلٽي ۽ سماجي سائنسدانن جي مدد وٺڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ گهرجن.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟