مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اسلام آباد کي ڪيش ليس شهر بڻائڻ: ڊجيٽل تبديليءَ سان گڏ ذميواريون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وفاقي حڪومت جو اسلام آباد کي ملڪ جو پهريون مڪمل ڪيش ليس شهر بڻائڻ وارو فيصلو رڳو ادائيگيءَ جو طريقو بدلائڻ نه، پر شهري انتظام ۽ مالي شفافيت کي جديد بڻائڻ جي ڪوشش آهي. وزير مملڪت براءِ داخلا طلال چوڌري جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم ۽ وفاقي وزير داخلا محسن نقوي جي هدايتن موجب منصوبي تي عمل جاري آهي. حڪومت جو هدف آهي ته 30 نومبر 2026ع کان اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۽ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي کاتن ۾ نقد ادائيگيون وصول نه ڪيون وڃن، جڏهن ته 31 ڊسمبر تائين ريڙهي وارن کان وڏن ڪاروباري مرڪزن تائين ڊجيٽل ادائيگين جي سهولت پهچائي وڃي. اجلاس موجب 26 هزار واپاري اڳ ئي هن نظام سان ڳنڍجي چڪا آهن. نقد رقم بدران ڊجيٽل ادائيگين جو نظام ڪيترن ئي حوالن سان فائديمند ٿي سگهي ٿو. سرڪاري فيسن، بلن ۽ ٻين ادائيگين جو رڪارڊ محفوظ رهڻ سان حساب ڪتاب، آمدني ۽ خرچن جي نگراني ۽ شڪايتن جي جاچ ۾ آساني ٿيندي. هر ٽرانزيڪشن جو رڪارڊ موجود هجڻ سان رقم جي وصولي ۽ استعمال بابت شفافيت وڌي سگهي ٿي. ڪاروباري شعبي ۾ ڊجيٽل ادائيگين سان گراهڪن کي سهولت، دڪاندارن لاءِ حساب ڪتاب ۾ آساني ۽ ٽيڪس نظام جي بهتريءَ جا امڪان پيدا ٿيندا، پر ڪيش ليس شهر جو تصور رڳو اعلان يا مشينون لڳائڻ سان حقيقت نٿو بڻجي سگهي. ان لاءِ مضبوط ڊجيٽل ڍانچو، مسلسل انٽرنيٽ، بجلي، محفوظ ادائيگيءَ جا ذريعا ۽ تربيت يافته عملو ضروري آهي. جيڪڏهن نيٽ ورڪ بند هجي يا ادائيگيءَ جو نظام ڪم ڇڏي ڏئي ته شهري پنهنجا ضروري ڪم ڪيئن ڪندا؟ اسپتالن، ٽرانسپورٽ، سرڪاري آفيسن ۽ روزاني خريداريءَ ۾ اهڙي رڪاوٽ تڪليف جو سبب بڻجي سگهي ٿي. تنهنڪري نظام کي عملي طور آزمائڻ ۽ هنگامي متبادل جو بندوبست ڪرڻ لازمي آهي.
هن تبديليءَ جو اهم پاسو ننڍن واپارين ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي شموليت آهي. ريڙهي هلائيندڙ ۽ ننڍا دڪاندار شايد ڊجيٽل ادائيگين جي طريقن کان مڪمل واقف نه هجن. انهن کي رڳو نظام سان ڳنڍڻ ڪافي نه ٿيندو، کين سادي ٻوليءَ ۾ تربيت، آسان اڪائونٽ، گهٽ خرچ واريون سهولتون ۽ فوري مدد فراهم ڪرڻي پوندي. بئنڪن ۽ ادائيگي فراهم ڪندڙ ادارن کي به اهڙيون پاليسيون اختيار ڪرڻ گهرجن، جن سان ننڍن واپارين تي ٽرانزيڪشن فيس جو غيرضروري بار نه پوي. هر شهري وٽ سمارٽ فون، بئنڪ اڪائونٽ يا ڊجيٽل ڄاڻ موجود هجڻ ضروري ناهي. بزرگن، معذور ماڻهن ۽ گهٽ پڙهيل لکيل شهرين لاءِ خاص سهولت هجڻ گهرجي. ڊجيٽل نظام عوام جي خدمت لاءِ هئڻ گهرجي، نه ڪي اهڙي شرط، جنهن سبب ڪنهن شهري کي بنيادي سرڪاري خدمت حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ اچي. منتقليءَ جي شروعاتي عرصي ۾ مددگار ڪائونٽر ۽ رهنمائي مرڪز قائم ڪرڻ سان ماڻهن جو اعتماد وڌائي سگهجي ٿو. مالي شفافيت سان گڏ ڊيٽا جي حفاظت به بنيادي اهميت رکي ٿي. هر ڊجيٽل ادائيگيءَ ۾ شهري جي ذاتي ۽ مالي معلومات شامل هوندي آهي. ان ڪري سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا جي رازداري، فراڊ کان بچاءَ ۽ شڪايتن جي ترت حل لاءِ واضح ضابطا ۽ ذميوار ادارا مقرر ڪرڻ ضروري آهن. ڪنهن شهري سان غيرقانوني ڪٽوتي يا اڪائونٽ تائين غيراختياري رسائيءَ جو واقعو ٿئي ته ان کي فوري مدد ۽ رقم جي واپسيءَ جو شفاف طريقو ملڻ گهرجي. اعتماد کانسواءِ ڪيش ليس نظام پائيدار نٿو ٿي سگهي.
اسلام آباد ۾ 26 هزار واپارين جي شموليت اڳڀرائي آهي، پر اصل ڪاميابي انگن اکرن يا مقرر ڪيل تاريخن سان نه، پر عام ماڻهوءَ جي روزاني تجربي سان ماپي ويندي. حڪومت کي عملدرآمد بابت باقاعده رپورٽون جاري ڪرڻ گهرجن، جن ۾ سهولتن جي دستيابي، شڪايتن، اضافي خرچن ۽ نظام جي ناڪامين بابت ڄاڻ هجي. اسلام آباد کي ڪيش ليس بڻائڻ جديد شهري انتظام ڏانهن هڪ امڪاني قدم آهي، پر ان کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ رفتار سان گڏ احتياط، ٽيڪنالاجيءَ سان گڏ انساني ضرورتن ۽ شفافيت سان گڏ تحفظ کي به اهميت ڏيڻي پوندي. جيڪڏهن حڪومت ننڍن واپارين کي سهارو ڏئي، هر طبقي جي رسائي يقيني بڻائي ۽ محفوظ، سستو ۽ قابل اعتماد نظام قائم ڪري ته هي تجربو ٻين شهرن لاءِ به ڪارائتو نمونو بڻجي سگهي ٿو. ڊجيٽل ترقيءَ جو مقصد نقد رقم ختم ڪرڻ نه، پر شهرين جي زندگي آسان، ادائيگيون محفوظ ۽ سرڪاري نظام وڌيڪ جوابده بڻائڻ هجڻ گهرجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو