مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪي وفاقي بجيٽ 27-2026 عوام لاءِ ڇا کڻي آيو آهي ۽ ملڪي ترقيءَ لاءِ ڪيترو فائديمند آهي؟

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

12 جون 2026 تي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 27-2026 لاءِ 18771 ارب رپين جو بجيٽ پيش ڪيو. جنهن ۾ هڪ دفعو ٻيهر پگهاردار طبقي کي ڪا گهڻي رعايت نه ڏني وئي ۽ نه ئي سندن پگهارن ۾ ڪا مناسب واڌ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته دفاعي بجيٽ ۾ 17.6 سيڪڙو اضافو ٿيڻ کانپوءِ هاڻي دفاعي بجيٽ 3 هزار ارب 90 ڪروڙ رپين جو ٿي ويو آهي. جنهن ۾ پاڪ فوج لاءِ 1284 ارب، ايئرفورس لاءِ 573 ارب ۽ پاڪ نيوي لاءِ 293 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ورڇ جوڳي پول مان صوبن کي ڪل ملائي 88 کرب 48 ارب رپيا ملندا، اها رقم هلندڙ مالي سال جي نظرثاني ٿيل رقم کان 12 کرب 33 ارب رپيا وڌيڪ آهي. جنهن مان نئين مالي سال ۾ پنجاب کي 44 کرب 2 ارب 83 ڪروڙ 40 لک رپيا، (ٽوٽل بجيٽ جو 49.76 سيڪڙو). جڏهن ته سنڌ کي 22 کرب 7 ارب 18 ڪروڙ رپيا، (ڪل رقم جو 24.94 سيڪڙو). ڪي پي ڪي کي 18.31 سيڪڙو جڏهن ته بلوچستان کي 8.9 سيڪڙو رقم ملندي. مجموعي طور هي بجيٽ به امير طبقي لاءِ آهي. عوام ۽ تجزيه نگار هن بجيٽ کي عوام دوست مڃڻ لاءِ تيار ناهن. تازو جاري ٿيل “پاڪستان اڪنامڪ سروي 2025-26” جي سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت پاڪستان جي معيشت (GDP) جو ڪل حجم تاريخ جي سڀ کان وڏي سطح تي پهچي چڪو آهي.
هن وقت پاڪستان جي معيشت جو گڏيل حجم 452.1 بلين آمريڪي ڊالر جيڪو پاڪستاني رپين ۾ 126.9 ٽرلين رپيا ٿئي ٿو، تائين پهچي چڪو آهي. هلندڙ مالي سال دوران ملڪ جي اقتصادي واڌ جي شرح 3.7 رهي، جڏهن ته حڪومت جو هدف 4.2 سيڪڙو هئي. پوءِ به هيءَ واڌ گذريل چئن سالن جي ڀيٽ ۾ بهتر نظر اچي ٿي. هن وقت پاڪستان ۾ في ماڻهو جي سالياني آمدني ۾ واڌ نظر آئي آهي، جيڪا 1901 آمريڪي ڊالر ٿي وئي آهي، جيڪا گذريل سال 1751 ڊالر هئي. زرعي شعبي ۾ واڌ جي شرح 2.89 سيڪڙو، وڏين صنعتن جي واڌ ۾ 3.51 سيڪڙو، جڏهن ته آءِ ٽي ۽ ڪميونيڪيشن سروسن جي واڌ ۾ 4.09 ٿي آهي. معاشي ماهرن جو خيال آهي ته ملڪ اندر سيڙپڪاري جي شرح اڃان تائين جي ڊي پي جو صرف 14.4 سيڪڙو آهي، جنهن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عام ماڻهن تائين فائدا پهچي سگهن، پر تنهن هوندي به هي مثبت اشارو آهي. جيئن ته پگهاردار طبقو ملڪ جو وڏو حصو آهي، جيڪو سرڪاري ادارن يا خانگي ادارن ۾ ڪم ڪري ٿو، ان کي ڪو خاص رليف ناهي مليو. حڪومت پاران ٽيڪس جي سليبس ۾ ان کي ڪا وڏي رعايت يا ڇوٽ ناهي ملي، پر ان هوندي به پگهاردار طبقي جي مالي مشڪلاتن کي گهٽائڻ لاءِ حڪومت ڪجهه ٻيا قدم کنيا آهن، جن کي جزوي طور تي رليف سمجهي سگهجي ٿو. جيئن پگهاردار طبقي جي پگهارن ۾ اضافو، ايڊهاڪ رليف الائونس طور وڌايو ويو آهي. گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. گريڊ 17 کان 22 تائين جي آفيسرن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. پينشنرن جي پينشن ۾ 7 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. هي اضافو بنيادي پگهار تي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته بنيادي پگهار ايڊهاڪ رليف الائونس جي صورت ۾ ڏنو ويو آهي.
جڏهن ملازم جي هٿ ۾ پگهار ايندو ته اهو اضافو ڪل پگهار جي حساب سان 12 کان 15 سيڪڙو هوندو، جنهن جو اثر خانگي ادارن جي ملازمن جي اجرتن جي واڌ تي به ٿيندا. زراعت پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي. حڪومت زرعي قرضن جو حجم تاريخ جي سڀ کان وڏي سطح تي کڻي وئي آهي. جنهن جو مقصد هارين کي آسان قرض ڏيڻ آهي ته جيئن اهي ٻج، ڀاڻ ۽ جيت مار دوائون خريد ڪري سگهن. ڪجهه فصلن تي سبسڊين جو اعلان به ڪيو ويو آهي. بجيٽ ۾ جديد زرعي مشينري جهڙوڪ: ٽريڪٽر، هارويسٽر، سولر ٽيوب ويلن جي درآمد تي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ٽيڪسن ۾ رعايت ڏني وئي آهي. جيڪڏهن بجيٽ جو غير جانبدار تجزيو ڪجي ته هن بجيٽ ۾ ڪجهه تعريف جوڳا قدم کنيا ويا آهن ته ڪجهه پاليسيون ملڪي معيشت ۽ عوام لاءِ اڳ وانگر نقصانڪار آهن. سڀ کان سٺي ۽ مثبت پاليسي اها نظر اچي ٿي ته حڪومت شمسي توانائي جي حوصلا افزائي لاءِ بجلي جي وڌندڙ قيمتن ۽ لوڊشيڊنگ جي عذاب کي منهن ڏيڻ لاءِ سولر پينلن، انورٽرن ۽ بيٽرين تي ٽيڪس گهٽ ڪيا آهن. زرعي ٽيوب ويلن کي سولر تي منتقل ڪرڻ لاءِ فنڊ رکيا آهن، جيڪا هڪ ڊگهي عرصي لاءِ سٺي پاليسي آهي. آءِ ٽي ۽ فري لانسنگ لاءِ هن بجيٽ ۾ سهولتون ۽ رعايتون ڏنيون ويون آهن، جيڪا نوجوانن کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ ۽ ملڪ ۾ پرڏيهي ناڻو آڻڻ ۾ مدد ڪندي. سڀ کان خراب ڳالهه اها آهي ته سڄو بار پگهاردار طبقي تي وڌو ويو آهي. وڏن واپارين، هول سيلرن، ريئل اسٽيٽ مافيا ۽ بااثر جاگيردارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي جرئت نه ڪئي وئي آهي. دنيا جي ڪنهن به ترقي يافته ملڪ ۾ نان فائلر جو تصور موجود ڪونهي، پر حڪومت نان فائلر تي ٿورو وڌيڪ وڌ هولڊنگ ٽيڪس لڳائي کين ڪروڙين رپين جي بليڪ اڪنامي هلائڻ جي قانوني اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا ٽيڪس چوري جي حوصلا افزائي ڪري ٿي. چئي سگهجي ٿو ته وفاق هڪ ڀيرو وري ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ جي جرئت نه ڪري سگهيو آهي. جڏهن ته صوبا وفاق کان وڌيڪ ٽيڪس جي اوڳاڙي ڪن ٿا. ان هوندي به وفاق صوبن کي خوفزده ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو ۽ انهن جي وسيلن تي غير آئيني ۽ غير قانوني طريقي سان قبضو ڪرڻ ۽ صوبائي حڪومتن مٿان دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. وفاق کي ايف بي آر ۾ اصلاحات ڪرڻ جي ضرورت آهي، اتي ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري انساني هٿن کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن ٽيڪس وڌ کان وڌ ايمانداريءَ سان جمع ٿي سگهن ۽ ايندڙ بجيٽ ۾ ٽيڪس نيٽ ۾ انهن وڏن مراعت يافته طبقن کي به شامل ڪيو وڃي جيڪي هن ملڪ مان گهڻو ناڻو ته ڪمائين ٿا، پر ٽيڪس ڏيڻ پسند نٿا ڪن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو