شاهراهه ڀٽو تعمير جو اعليٰ نمونو، ايم-9 موٽروي تي بين الاقوامي قانونن جي لتاڙ
ملير ايڪسپريس وي جيڪو هاڻي شاهراهه ڀٽو سڏجي ٿو، سنڌ جو هڪ اهم ۽ جديد انفرااسٽرڪچر منصوبو آهي، ڪراچيءَ جي قيوم آباد (ڪي پي ٽي) انٽرچينج کان شروع ٿي ملير نديءَ جي ڪناري کان ٿيندي موٽروي ايم-9 ڪاٺوڙ وٽ ختم ٿئي ٿو. هن جي ڊيگهه اٽڪل 39 ڪلو ميٽر آهي. منصوبي جو مقصد شاهراهه فيصل ۽ پورٽ قاسم واري روٽ تان ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽائي، صنعتي ۽ مال گاڏين کي موٽروي ايم-9 تائين تيز ۽ آسان رستو فراهم ڪري اٽڪل 25 کان 30 منٽ وقت بچائڻ آهي. ڇهن لينن تي ٻڌل هي منصوبو سنڌ حڪومت ۽ پرائيويٽ سيڙپڪاريءَ هيٺ جڙيو آهي. هن منصوبي جي تعمير دوران ماحولياتي ۽ سماجي پهلو جي حفاظت کي خاص نظر هيٺ رکيو ويو. شاهراهه جي تعميري جوڙجڪ اعليٰ معيار جي آهي. ملير نديءَ جي برساتي وهڪري کي نظر ۾ رکندي Elevated سيڪشن ۽ هموار روٽ سفر کي تيز رفتار بڻائين ٿا. روڊ جي ٻنهي پاسن کان سرسبز پٽي ۽ مقامي زمينن کي گهٽ کان گهٽ متاثر ڪيو ويو آهي. جنهن سان هاري پنهنجي زمينن تائين پهچي سگهن ٿا ۽ مسافرن کي ٻنهي پاسي ساوڪ خوشيءَ جو احساس فراهم ڪري ٿي. حيدرآباد کان اچڻ واري مسافر کي هي روڊ سهراب ڳوٺ يا ملير واري رش کان بچائي ٿو. 24 ڊسمبر 2020ع تي بلاول ڀٽو زرداري هن منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. 2022ع ۾ تيزيءَ سان ڪم شروع ٿيو. 2025ع ۾ هن شاهراهه جو پهريون مرحلو قيوم آباد کان شاهه فيصل ڪالوني وارو سيڪشن کوليو ويو. 2026ع ۾ ايم-9 ڪاٺوڙ تائين سڄي شاهراهه کي عام ٽريفڪ لاءِ فعال ڪيو ويو آهي. هن ملڪ ۾ وقت جو قدر پيدا نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته وقت هڪ تمام قيمتي اثاثو آهي. عرب امارات ۾ مختلف شاهراهه صرف ان ڪري تعمير ڪيا ويندا آهن جو اهي ٻن کان ٽن منٽن جو ٽائيم بچائيندا آهن. جڏهن ته هي شاهراهه مختلف حصن کي ڳنڍيندي 30 کان 45 منٽن تائين وقت بچائي ٿو، جنهن سان ٻارڻ جي بچت به ٿئي ٿي ۽ هڪ متبادل هجڻ سبب ڊرائيور نفسياتي دٻاءُ کان به آجو ٿئي ٿو.
ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي، ڪلفٽن ۽ قيوم آباد وارا ماڻهو شهر جي مرڪزي ٽريفڪ ۾ ڦاسڻ کان بغِير سڌو “ملير ايڪسپريس وي” تان ٿيندي منٽن ۾ موٽروي تائين پهچي سگهن ٿا. شاهه فيصل ڪالوني، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي مقامي رهاڪن ۽ واپارين لاءِ ايم-9 موٽروي يا شهر جي ڏکڻ پاسي وڃڻ هاڻي آسان آهي. ان کان علاوه ملير جي مقامي ڳوٺن ۾ ميمڻ ڳوٺ، ملير ڪينٽ، گڏاپ ٽائون ۽ ايم-9 وٽ واقع بحريه ٽائون ۽ ساحلي علائقن ۽ ايئرپورٽ تائين سفر اڌ کان به گهٽ ٿي ويو آهي، جيڪو هڪ وڏو فائدو آهي. سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن کان ڪراچي ويندڙ مسافرن لاءِ ۽ خاص طور ڄامشورو، حيدرآباد جي مسافرن کي مختلف اسپتالن، اسٽيڊيمز، ڪلفٽن، ڊي ايڇ اي يا پورٽ قاسم يا ايئرپورٽ تائين هي رستو منٽن ۾ پنهنجي منزل تائين 100 رپيا اوٽ موٽ ٽول ٽيڪس ادا ڪري پهچائي ٿو. جڏهن ته موٽروي ايم-9 تي سفر ڪندي مايوسي ٿئي ٿي. موٽروي جا بين الاقوامي ايس او پيز مڪمل طور تي نظر انداز ٿيل آهن، جن کي پنجاب ۾ نظرانداز ڪرڻ ممڪن ناهي. جنهن سبب مسافر هن روڊ تي غير محفوظ بڻجي وڃي ٿو. دنيا ۾ موٽروي جو هڪ معيار مقرر آهي ته اهي ٻنهي پاسن کان لوهي ڄاريءَ سان بند هوندو آهي، پر اسان کي ايم-9 تي سفر ڪندي موٽرسائيڪلون، رڪشائون، موٽرسائيڪل لوڊر، رستو پار ڪندڙ پيدل ماڻهو، رستي تي ڍڳيون، ٻڪريون، رڍون ۽ مينهون چرندي نظر اچن ٿيون. گڏهه به اتي ڇڙواڳ نظر اچن ٿا، جيڪي ڪيڏي مهل به روڊ يا رستي تي مٿي چڙهي هڪ تيز رفتار گاڏيءَ کي حادثي جو شڪار بڻائي سگهن ٿا. ان کانسواءِ اتي وڏا ٽرڪ پنهنجي معياري لوڊ کان وڌيڪ بهه، گاهه، ڪاٺيون ۽ ٻيو تعميراتي سامان کڻي تيز رفتاريءَ سان ويندي عام مسافر کي غير محفوظ بڻائين ٿا.
ان کان علاوه جيڪڏهن شاهراهه ڀٽو ۽ ايم-9 جو ماحولياتي مقابلو ڪجي ته ايم-9 جي ٻنهي پاسن کان قدرتي ٽڪرين جي اڻ روڪ ڪٽائي، پٿرن جي غير قانوني ڪرشنگ پليٽ فارمن ۾ اضافو نظر ايندو جيڪو ماحول جي تباهيءَ جو منظر آهي. جبلن جي بنا ضرورت کوٽائي ۽ ڪٽائي ۽ بجري ٺاهڻ لاءِ ڪرشنگ پلانٽن جو تيزيءَ سان وڌڻ، اتان جي نيچرل ايڪو سسٽم کي نقصان ڏئي رهيو آهي. جنهن سان اتان جي نباتات ۽ حياتيات ۽ اتان جي ننڍن وڏن جانورن جون پنگاهه گاهون تباهه ٿي رهيون آهن، قدرتي نالن ۽ واهن جا رستا ٽڪرين جي غير ضروري ڪٽائيءَ سبب ميدانن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، جيڪي ڪنهن به وقت ڪنهن وڏي ٻوڏ ۽ آفت جو سبب بڻجي سگهن ٿا. ٽڪريون ۽ قدرتي پٿر ماحولياتي تحفظ فراهم ڪن ٿا. انهن جي مسلسل ڪٽائي ڪري هائوسنگ اسڪيمن لاءِ پلاٽ تيار ٿي رهيا آهن، جيڪي مستقبل ۾ ماحول جي تباهيءَ جو سبب بڻجندا. ان لاءِ سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (SEPA) ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي به خاموش تماشائي بڻيل آهن. جڏهن ته پبلڪ رولز ۽ ماحولياتي قانونن مطابق ڪنهن به قومي شاهراهه يا موٽروي جي اندر ۽ مخصوص حدن کان بغير اهڙي ڪٽائيءَ جي اين او سي نٿي ڏئي سگهجي، پر سنڌ هڪڙو اهڙو لاوارث صوبو بڻيل آهي، جتي هر غير قانوني ڪم تمام گهڻي اعتماد سان ٿيندي نظر اچي ٿو، ادارا ستل آهن. اقتصادي ترقيءَ جي نالي تي سرمائيداري جي سوچ قدرتي ماحول کي تيزيءَ سان تباهه ڪري هڪ خوفناڪ مستقبل جوڙي رهي آهي. ايم-9 نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ماتحت آهي. جڏهن ته روڊ جي ٻنهي پاسن جون زمينون، ٽڪريون ۽ مائننگ جي اجازت سنڌ جي صوبائي حڪومت جي ذميداري آهي. هن وقت لينڊ مافيا ٽڪرين کي ڪٽي زمين کي هموار ڪري اتي انڊسٽريل پارڪ، ريئل اسٽيٽ هائوسنگ اسڪيمون تيار ڪري ماحوليات کي تباهه ڪيو پيو وڃي. سول سوسائٽي ۽ صحافت جي ذميداري آهي ته ماحولياتي تحفظ لاءِ ايم-9 جي قدرتي ٽڪرين جي تباهي خلاف پبلڪ انٽريسٽ پٽيشن ذريعي انهن طاقتور مافيائن ۽ سسٽم جي نڪ ۾ ناڪيل وجهن.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟