اي آءِ ٽيڪنالاجيءَ لاءِ ايندڙ ڏهن سالن اندر وڌندڙ خطرن جو خوف
هن وقت نه صرف پاڪستان بلڪه بين الاقوامي ميڊيا ۾ اي آءِ جي ايندڙ ڏهن سالن ۾ پيش ايندڙ خطرن بابت بحث جاري آهي، بلڪه مختلف وقتن تي اي آءِ جي لاءِ ڪم ڪندڙ انجنيئرن خود اهڙا بيان جاري ڪري رهيا آهن، جيڪي هن ٽيڪنالاجيءَ لاءِ سوال اٿارين ٿا. جنهن ۾ تازو ئي جيڪب ڪاڪسن آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ خاص طور تي جنريٽو اي آءِ، ايجنٽڪ اي آءِ ۽ لينگويج ماڊلز جي ميدان ۾ ڪم ڪندڙ شخص اهڙن خطرن بابت ڳالهايو آهي. سندس خيال ۾ هيءَ ٽيڪنالاجي هڪ اهڙي موڙ تي پهچي رهي آهي جتي اها پنهنجو ڪوڊ پاڻ تيار ڪري انساني قابليت کان اڳتي نڪري سگهي ٿي. ان کانسواءِ سندس خيال آهي ته جيڪڏهن ايجنٽڪ سسٽم (اي آءِ جو جديد مرحلو جتي اها منصوبابندي ڪري سگهي ٿي) کي جيڪڏهن مڪمل خود مختياري ڏني ويندي ته انساني ڪنٽرول ۽ نظرداريءَ هيٺ رکڻ ڏکيو ٿي ويندو.
جيڪب ڪاڪسن مطابق تيزيءَ سان وڏين اي آءِ ڪمپنين جي وچ ۾ سيڪيورٽي ۽ امن امان جي معيارن کي نظر انداز ڪري صرف سپر انٽيليجنس حاصل ڪرڻ خطرناڪ ڊوڙ آهي، جيڪا عالمي سلامتيءَ کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. ڪاڪسن جا اهي خيال ۽ خدشا ٽيڪنالاجيءَ جي غير معمولي تيز رفتاري، ڪنٽرول ۽ نگرانيءَ جي مسئلي سبب پيدا ٿيا آهن. سندس خيال آهي ته اي آءِ کي پنهنجي مقرر ڪيل حدن ۾ رکڻ يا بند ڪرڻ ٽيڪنيڪل طور پيچيده ٿي ويندو. ان قسم جا چتاءُ هن شروعاتي مرحلي تي انسان ذات کي هراسان ڪرڻ يا مفلوج ڪرڻ لاءِ ناهن، بلڪه انهن چتائن جو مقصد ضابطن (ريگيوليشنز) ڏانهن ڌيان ڇڪرائڻ آهي. اي آءِ انسان لاءِ هڪ وڏي اميد به کڻي آئي آهي ته گڏوگڏ هڪ خوف به موجود آهي، جيڪو هر دور ۾ هر نئين ٽيڪنالاجيءَ جي اچڻ سان انسان ذات محسوس ڪيو آهي. جڏهن پندرهين صديءَ ۾ پرنٽنگ پريس ايجاد ٿي ته ان خلاف دانشورن ۽ مذهبي اڳواڻن چيو ته کليل علم ۽ ڪتاب سماج کي گمراهه ڪندو. اوڻيهين صديءَ ۾ ٻاڦ واري انجڻ بابت ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال هو ته ان سان انسان جو ذهن مفلوج ٿي ويندو. ان کانپوءِ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ لاءِ چيو ويو ته اهي لکين ماڻهن جو روزگار کسي وٺندا، بجلي ۽ ٽيليفون کي شيطاني طاقت سمجهيو ويو. ٽي وي ۽ سيٽلائيٽ جهڙين شين کي شيطاني سمجهي پنهنجن گهرن کان ٻاهر رکيو ويو، پر وقت سان گڏ اسان سڀني شين سان گڏ رهڻ سکي ورتو ۽ زندگيءَ کي آسان بڻايو ۽ اهي خواب پورا ڪيا جن جو تصور ناممڪن هو. هن وقت دنيا اي آءِ جي چئلينج کي محسوس ڪري رهي آهي. اي آءِ جا انجنيئر ۽ ماهر جيڪي خدشا ڏيکاري رهيا آهن انهن جي لاءِ حڪمت عملي طئي ڪري ٽيڪنالاجيءَ جو وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪرڻ انسانيت جو مقصد آهي، پر جيئن ته سماج ۾ شيطاني ذهن رکندڙ هڪ طبقو هر دور ۾ موجود رهيو آهي، اهو به پنهنجو ڪم ڪندو رهندو.
اي آءِ انساني تهذيب وانگر پنهنجي ارتقا جي دور مان گذري عروج حاصل ڪندي، اسان جو خوف ان جو رستو نٿو روڪي سگهي. هن وقت ۾ به ڪجهه ملڪ جا هڪٻئي تي سائبر حملا ڪري بنيادي ڍانچن کي نقصان پهچائي رهيا آهن. اهڙا تيز رفتار اي آءِ ماڊلز جا هٿيار ٺاهيا ويا آهن، جيڪي غلط هٿن ۾ اچڻ سان عالمي وبا جو سبب بڻجي سگهن ٿا، پر انسان انهن سڀني خطرن کي هر دور ۾ منهن ڏنو آهي ۽ گڏجي انهن خطرن لاءِ عالمي طور تي يا ملڪي سطح تي قانونسازي به ڪئي آهي. هن وقت اسان کي پنهنجي ملڪ اندر اهڙا ماهر پيدا ڪرڻا پوندا جيڪي هن ٽيڪنالاجيءَ جي مهارت حاصل ڪري پنهنجي ملڪ اندر انهن خطرن جو مقابلو ڪري سگهن. جيڪڏهن اسان خوفزده ٿي دنيا کان ڌار ويهڻ جو فيصلو ڪنداسين تڏهن به اي آءِ جي خطرن کان بچي نه سگهنداسين. اسان جي ملڪ ۾ جتي ٻارن لاءِ بنيادي پرائمري تعليم نظر انداز ٿيل آهي، گڏوگڏ مدرسن جو ڄار وڇائي ملڪ جي هڪ وڏي آباديءَ کي جديد تعليم کان محروم رکيو ويو آهي، جيڪڏهن انهن ٻارن کي ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ مهارت ڏني وڃي ۽ پرائمري اسڪول سسٽم کان وٺي اهڙو سيليبس تيار ڪري پڙهايو وڃي جو اهي ٻار جيڪي ٽيڪنالاجيءَ سان دلچسپي رکن ٿا اڳتي هلي اي آءِ انجنيئرنگ ۾ وڏو مقام حاصل ڪري سگهن ٿا. گڏوگڏ اسان کي يونيورسٽين ۾ خاص تحقيقي ۽ تعليمي ادارا قائم ڪرڻا پوندا، جتي نه صرف اي آءِ کي استعمال ڪرڻ بلڪه ان جا بنيادي ماڊل، اخلاقي ضابطا ۽ روبوٽڪس سيڪيورٽي جهڙن جديد شعبن ۾ بنيادي تعليم ۽ پي ايڇ ڊي سطح تي تحقيق کي هٿي ڏئي سگهن. گڏوگڏ ايٿيڪل ۽ سيڪيورٽي ماهرن جي قيام جي به وقت سان گڏ سخت ضرورت پوندي ۽ اهڙا ماهر مستقبل ۾ تمام وڏين پگهارن تي نوڪريون حاصل ڪري سگهندا جيڪي ڊيپ فيڪس، سائبر حملا ۽ ڊيٽا جي چوري جو بروقت پتو لڳائي ان جو ٽوڙ حاصل ڪري سگهن. اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ به اهڙا قانوني ماهر پيدا ڪرڻا پوندا جيڪي ٽيڪنو ليگل هجن، جن جي بصيرت صرف قانوندان ۽ قانونسازي مطابق نه هجي، بلڪه اهي سڄي دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي پيچيدگين کي سمجهي سگهن، انهن جي خطرن کان پنهنجي ملڪ کي بچائي سگهن ۽ بين الاقوامي عدالتن ۾ پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪري سگهن. خوفزده ٿيڻ بجاءِ وقت جي تبديليءَ سان جيڪڏهن پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪندي هلنداسين ته سفر آسان ٿي ويندو، پر جيڪڏهن سڄي دنيا ڳچ پنڌ ڪري اڳتي نڪري وئي ته پوءِ اسان ڊوڙڻ جي باوجود به شايد ان ريس ۾ پٺتي رهجي وڃون.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟