ڪي پي ڪي ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو، جمهوريت هڪ دفعو ٻيهر ڪمزور ۽ هيڻي
11 آڪٽوبر 2026ع تي آچر ڏينهن ايوانِ صدر جو کلڻ ۽ صدر جو ايمرجنسي تي دستخط ڪرڻ هڪ غير معمولي قدم هو. ڪي پي ڪي ۾ آرٽيڪل 232 (1) ۽ آرٽيڪل 234 (1) تحت گورنر راڄ لڳايو ويو آهي. صوبي جي ٻن ايڊووڪيٽ ايڊيشنل جنرنلن بشير وحيد ۽ شاهه فيصل الياس هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته انهن ايمرجنسي لڳڻ کان هڪ ڏينهن اڳ استعيفيٰ ڏني، جنهن ۾ هنن پنهنجا تحفظات تفصيل سان لکيا آهن. ايڊووڪيٽ شاهه فيصل الياس مطابق ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ لاءِ آئين ۾ لکيل صورتحال هن وقت صوبي ۾ موجود ناهي، ان ڪري سندس مطابق اهو غير آئيني قدم کنيو ويو آهي. جڏهن ته حڪومت پي ٽي آءِ جي رهنمائن سان ڳالهيون ڪري ڳالهين جي ناڪاميءَ کانپوءِ اهو قدم کنيو. ڏٺو وڃي ته اهو فيصلو هڪ سياسي پارٽيءَ کي ان جي آئيني حق کان محروم ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، آئين پارٽين کي احتجاج ڪرڻ ۽ لانگ مارچ ڪرڻ جا سياسي حق ڏئي ٿو. جڏهن ته حڪومت مطمئن آهي ته انهن اهو قدم آئين ۽ قانون مطابق کنيو آهي. 2018ع ۾ حالتون پي ٽي آءِ جي حق ۾ هيون ۽ پارٽيءَ کي ڪامياب ڪري ملڪ ان جي حوالي ڪيو. (ن) ليگ جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو ۽ هڪ اهڙي ڪمزور حڪومت آندي وئي، جنهن ملڪ جي سڄي نظم ۽ ضبط کي ڪمزور ڪندي هڪ اهڙو بهانو گهڙي اسٽيبلشمينٽ کي وڌيڪ طاقت ڏني جنهن سبب ڪمزور اسٽيبلشمينٽ اڄ وري نئين آب ۽ تاب سان اڀري آئي آهي.
2006ع ۾ (ن) ليگ ۽ پ پ چارٽر آف ڊيموڪريسي ڪري، آئين مان (B) 2-58 جو ارڙهين ترميم ذريعي مڪمل خاتمو ڪيو، جنهن ۾ صدر جو چونڊيل اسيمبليءَ کي گهر موڪلڻ وارو اختيار ختم ڪيو ويو. جمهوريت ارتقائي دور مان لنگهي مضبوط ٿيڻ لڳي هئي، پر پوءِ 2023ع ۾ پي ٽي آءِ 9 مئي ڪري ڇڏيو ۽ جمهوريت جيڪا پنهنجو قد ڪاٺ ٺاهي رهي هئي، هن واقعي کانپوءِ ڪمزور ٿي وئي. جمهوريت ۽ سياسي عمل کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي، فوجي عدالتون ۽ پيڪا قانون ٺاهي سول عدالتن جو اختيار ۽ آئيني شهرين جا بنيادي حق مجروح ڪيا ويا، چونڊون ٿيون، پر انهن جي شفافيت تي سواليه نشان برقرار آهي، صحافت ۽ ميڊيا تي ضابطي جا قدم کڻڻ لاءِ ميڊيا مالڪن ۽ صحافين کي مجبور ڪيو ويو، ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا تي پيڪا ۽ نوان بل لاڳو ڪري لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي آزديءَ کي ڊجيٽل دهشتگردي قرار ڏئي صحافين ۽ يوٽيوبرن مٿان پرچا ڪٽيا ويا. هاڻي پي ٽي آءِ جو باني به جيل ۾ آهي ته سندس بچيل سياسي حڪومت به ختم ٿي چڪي آهي. ڇو ته وفاق ۽ صوبي وچ ۾ ڪي پي ڪي اندر پنجن ضلعن ۾ دهشتگردي آپريشن تي اتفاق نه ٿي سگهيو. سهيل آفريدي لانگ مارچ جاري رکيو. وفاق هنگامي حالتن جو جواز ڄاڻائي ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪيو. هاڻي صوبائي اسيمبليءَ جي جمهوري حيثيت ختم ٿي چڪي آهي، وزيراعليٰ ۽ ڪابينا برطرف ٿي چڪا آهن. آرٽيڪل 232 جي تحت آئين جون ڪجهه بنيادي شقون ۽ شهرين جا بنيادي تحفظ وارا حق محدود ٿي ويا آهن. نظام گورنر جي حوالي ٿي چڪو آهي، جيڪو سڌو وفاق کان حڪم وٺندو. اڳوڻي چيف سيڪريٽري کي معطل ڪري ڊاڪٽر محمد فخر عالم عرفان کي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو 22 گريڊ جو هڪ تجربيڪار PAS گروپ جو آفيسر آهي. عوام تاريخي مايوسي ۽ بي يقيني جي موڙ تي بيٺل آهي، جتي اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته اسٽيٽسڪو کي آئين جي سهاري طاقتور ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. بنيادي مسئلا نظرانداز ڪري هڪ پارٽيءَ جي سياسي طاقت کي ختم ڪيو ويو آهي. وفاق جي حساب سان آئيني قدم هوندي به اها ڳالهه کليل نظر اچي رهي آهي ته آئين ڪيئن بيقائدگيءَ لاءِ استعمال ٿيو آهي. ملڪي صورتحال پريشاني جوڳي آهي. خطو نئين تبديلين مان لنگهي رهيو آهي، وچ اوڀر ۾ طاقت جو توازن خراب ٿي رهيو آهي. طاقتور ملڪ ڪمزور ۽ ڪمزور طاقتور ٿي اڀري رهيا آهن. هڪ قطبي دنيا گهڻ قطبي ٿي چڪي آهي، جنهن جو اعلان روس جي صدر پيوٽن هڪ تقريب ۾ ڪيو آهي. اهڙي وقت ۾ ملڪ جون بدلجندڙ ترجيحون ۽ سياسي صورتحال عوام کي شڪ ۾ مبتلا ڪري رهي آهي. عوام هڪ اهڙي بي يقينيءَ ۾ ڦاٿل آهي جو ان جي چوڌاري ٿيندڙ تبديلي کيس وائڙو ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ مٿان مالياتي ادارن جو دٻاءُ آهي، ملڪ جون پاليسيون، ادارا عوام جي فلاح ۽ بهبود بجاءِ انهن ادارن جي چوڻ تي جوڙيا پيا وڃن. ايئن ٿو لڳي ته ملڪ هن وقت بين الاقوامي طاقتور قوتن جي هٿ هيٺ هلي رهيو آهي.
هڪ پاسي چين جا مفاد ۽ سيڙپڪاري اهم بڻجي وئي آهي ته ٻئي پاسي مغربي ملڪن جي مليل امداد ملڪ جي داخلي ۽ خارجي فيصلن تي دٻاءُ وڌائي رهي آهي ۽ ڪي پي ڪي ۾ ٻنهي ملڪن جي مفاد جو ٽڪراءُ نظر اچي ٿو. هڪڙي ملڪ جا مفاد هڪدم پورا ڪرڻا آهن ته جيئن سي پيڪ جون رٿائون اڳتي وڌي سگهن ته ٻئي پاسي آمريڪا جون ترجيحون خطي ۾ چين جي اثر کي محدود ڪرڻ لاءِ حالتن کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو وڃي تي زور ڏئي رهيون آهن. جڏهن ته چين جو مطالبو آهي ته سندس سيڙپڪاريءَ لاءِ مڪمل تحفظ ڏنو وڃي. پاڪستان آمريڪا کي به اهو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ته اهو هن بيلٽ تي دهشتگردي خلاف آپريشن لاءِ موجود آهي. سنڌ اندر صدر آصف علي زرداري جي دستخط سان ايمرجنسي جي نفاذ عوام جو رهيل سهيل ڀروسو به پيپلز پارٽي تان کڻي ورتو آهي. ڇو ته ملڪ ۾ هڪ هائبرڊ نظام لاڳو ڪري “ڪنٽرولڊ جمهوريت” هلائي پئي وڃي ۽ پيپلز پارٽي ان ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي، جنهن جو اصل نقصان جمهوريت، ملڪ ۽ عوام جو ٿي رهيو آهي. ملڪ اندر آئيني ۽ جمهوري حقن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جيڪا هڪ خطرناڪ روش آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟