وفاقي مالياتي ايوارڊ مان 34 ارب 839 ڪروڙ رپين جي ڪٽوتي
ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وفاق صوبن جي اين ايف سي حصي مان 35 ارب رپيا آئين جي آرٽيڪل 164 تحت ڄاڻائي ڪٽي ورتا آهن. جنهن سان چئني صوبن ۾ مالي بحران پيدا ٿي ويو آهي. جنهن لاءِ اهو چيو پيو وڃي ته وفاق وٽ مالياتي تنگي هجڻ سبب صوبن وفاق کي 34 ارب 839 ڪروڙ رپيا دهشتگرديءَ خلاف جاري آپريشن ۽ ٻين خرچن لاءِ ڪٽي ورتا آهن. جڏهن ته اين ايف سي ايوارڊ کي آئيني تحفظ حاصل آهي ۽ آئين جي 160 (3A) تحت طئي ٿيل صوبن جي حصي کي گهٽائي نٿو سگهجي. يقينن ايتري وڏي رقم جي ڪٽوتي سان صوبائي مالياتي بجيٽ جي خساري ۾ اضافو ٿيندو جنهن جو سڌو سنئون اثر صحت، تعليم ۽ بنيادي ڍانچي جي جاري ترقياتي منصوبن تي پوندو. وفاقي حڪومت ان کي 164 تحت ڄاڻائي ڪيو آهي. جنهن سان آئيني ۽ قانوني ماهرن، صوبائي حڪومتن ۽ وفاقي حلقن وچ ۾ هڪ نئون آئيني بحث شروع ٿي ويو آهي. وفاق مطابق آئين جو آرٽيڪل 164 وفاق يا صوبن کي اهو اختيار ڏئي ٿو ته وفاق قومي سلامتي، قدرتي آفتن يا وڏن قومي بحرانن جي صورت ۾ صوبن کان گڏيل قومي مقصدن لاءِ مالي مدد وٺي سگهي ٿو. جڏهن ته صوبن جو موقف آهي ته اها گرانٽ رضاڪاراڻه هوندي آهي ۽ صوبائي حڪومتن جي صوبائي اسيمبلين جي منظوريءَ سان ڏني ويندي آهي. وفاق کي آئين کان اهڙو مٿانهون ڪوبه اختيار حاصل ناهي ته پاڻمرادو صوبن جي رقم ڪٽي وٺي. آرٽيڪل 160 (3A) جي بالادستي واضح طور صوبن جي اين ايف سي جي حصي کي تحفظ فراهم ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته نئين ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو اڳئين ايوارڊ کان گهٽ نٿو ڪري سگهجي. ان قسم جي سڌي سنئين ڪٽوتي آئيني طور چئلينج ٿي سگهي ٿي ۽ قانون موجب آرٽيڪل 164 تحت صوبائي ڪنسوليٽيڊ فنڊ مان رقم جاري ڪرڻ جو اختيار لاڳاپيل صوبن وٽ آهي نه ڪي وفاق وٽ.
آئين جي ماهرن ۽ تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وفاق پاران آرٽيڪل 164 کي جواز بڻائي رقم ڪٽڻ جو سلسلو برقرار رکيو ويو ته صوبائي حڪومتون معاملو سپريم ڪورٽ يا گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻي وڃي سگهن ٿيون. آرٽيڪل 164 جو بنيادي مقصد ڪنهن به هنگامي يا خاص حالتن ۾ هڪٻئي جي ڪنهن به مالي شعبي ۾ مدد ڪري سگهجي، پر هن وقت ملڪ ۾ نون صوبن ٺاهڻ لاءِ بيانيو تيار ڪيو پيو وڃي ۽ گڏوگڏ وفاق پاران 35 ارب رپين جي ڪٽوتي يا آرٽيڪل 164 جي آڙ ۾ فنڊ روڪڻ آئين کان مٿانهان عمل نظر اچي رهيا آهن. ملڪ اندر ملڪ جا وسيلا، زمينون، پاڻي، ڪئنال سڀ ڪارپوريٽ سيڪٽر حوالي ڪرڻ وارو معاملو تمام حساس نوعيت اختيار ڪري چڪو آهي. ماهرن مطابق اهي سڀئي قدم هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن. اين ايف سي ايوارڊ مان آئين کان مٿانهين طريقي سان ڪٽوتي، نوان ڪئنال ڪڍڻ جو معاملو جنهن تي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. 1991ع واٽر اڪارڊ جي خلاف ورزي، ارسا جي قاعدن ۾ تبديليون، زرعي زمينون ڪارپوريٽ سيڪٽر حوالي ڪرڻ جنهن کي ڪارپوريٽ فارمنگ جو نالو ڏنو پيو وڃي ۽ ٻاهرين سرمائيڪارن يا ڪارپوريٽ ادارن کي ملڪ جا وسيلا آئين کان مٿانهان معاهدا ڪري ڏنا پيا وڃن. جنهن سان مقامي هاري بيدخل ٿي رهيو آهي، مقامي سطح تي اناج پوکڻ بدران ٻاهرين ملڪن يا ڪمپنين لاءِ برآمدي فصل پوکڻ سان ملڪ اندر مهانگائي ۽ کاڌي جي کوٽ جو خطرو آهي. گڏوگڏ نوان صوبا ٺاهڻ جا بحث ۽ انتظامي يا سياسي ترميمون ڪنهن به صورت ۾ ملڪي ۽ عوامي مفاد ۾ ناهن. سنڌ مان قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت ٿيڻ جي باوجود صوبي جو گهريلو صارف گئس جي شديد لوڊشيڊنگ کي منهن ڏئي رهيو آهي. جنهن ۾ روز بروز واڌ ٿي رهي آهي. هن سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ امن امان ۽ معاشي صورتحال کي بهتر بنائڻ لاءِ هڪ متوازن حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي. جنهن ۾ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مالي اعتماد، سول ۽ عدالتي نظام جي اصلاح ۽ سماجي اقتصادي ترقي گڏوگڏ شامل هجڻ گهرجن. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 160 (1) مطابق هر پنجن سالن کانپوءِ نئون قومي مالياتي ڪميشن جوڙڻ لازمي آهي.
2010 جي ستين ايوارڊ کانپوءِ اٺون، نائون ۽ ڏهون ايوارڊ مڪمل نه ٿي سگهيا آهن ۽ اڄ به 16 سال پراڻي ايوارڊ تحت صدارتي حڪم نامن ذريعي وسيلن جي ورهاست جاري آهي. وفاق جو چوڻ آهي ته 57.5 سيڪڙو صوبن کي ڏيڻ کانپوءِ وفاق وٽ بچيل رقم دفاعي خرچن لاءِ ناڪافي آهي. جڏهن ته صوبن جو موقف آهي ته اهي آئين ۾ ڪنهن به اهڙي ترميم لاءِ تيار ناهن جنهن سان اين ايف سي ۾ سندن مالي حصو گهٽ ٿي سگهي. آئيني ۽ معاشي ماهرن مطابق جيستائين وفاق پنهنجا غير ضروري خرچ نه گهٽائيندو ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجي اندروني ٽيڪس آمدني وڌائڻ لاءِ عملي قدم نٿيون کڻن، تيستائين نئين اين ايف سي ايوارڊ تي اتفاق قائم ڪرڻ مشڪل نظر اچي ٿو. ارڙهين ترميم پاڪستان کي مضبوط وفاق بنائڻ جي ڪوشش هئي، پر ان جي رول بيڪ ڪرڻ ۽ ان جي مختلف شقن کي ڪڍڻ جو عمل وفاق طرفان مسلسل جاري آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟