يو اي اِي بريسٽ ڪينسر جي نئين دوا استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي
ڏهاڪو کن اڳ ڪينسر هڪ لا علاج مرض سمجهيو ويندو هو ۽ ڪينسر جي مڪمل ۽ شفاياب علاج نه هجڻ سبب ڪيترائي مريض هيستائين پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آهن. هي مرض جسم جي ڪنهن به حصي کي متاثر ڪري سگهي ٿو. ڇو ته اهو اسان جي جسم جي ننڍڙن گهرڙن مان انهن جي نظم و ضبط جي قدرتي توازن جي بگاڙ جي نتيجي ۾ پيدا ٿئي ٿو. اسان جي جسم ۾ ننڍڙا گهرڙا جڏهن پراڻا ٿي وڃن ٿا ته مرڻ کانپوءِ انهن جي جاءِ تي نوان گهرڙا پيدا ٿين ٿا. جڏهن اهو نظام خراب ٿي وڃي ٿو ته ڪجهه گهرڙا مرڻ کان انڪار ڪن ٿا ۽ پنهنجي جاٽي تي تيزيءَ سان پکڙجڻ شروع ڪن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪا ڳوڙهي يا ڳوڙهو هڪ جاءِ تي جمع ٿيڻ لڳندو آهي جيڪو جسم جو غير ضروري ماس هوندو آهي، جنهن کي “ٽيومر” به چئبو آهي. اها به ڳالهه ياد رکڻ ضروري آهي ته هر ٽيومر ڪينسر ناهي هوندو، پر جيڪو ڪينسر وارو ٽيومر هوندو آهي، ان کي هڪدم جسم کان الڳ ڪرڻ ضروري هوندو آهي. ايئن چئجي ته جسم هڪ خوبصورت باغ آهي جتي هر ٻوٽو (گهرڙو) پنهنجي حد ۾ رهي وڏو ٿئي ٿو.
جڏهن اهو نظام خراب ٿئي ٿو ته ڪينسر جي صورت اختيار ڪري ٿو. جنهن لاءِ سرجري، ڪيموٿراپي يا وري سمارٽ دائون استعمال ڪيون وڃن ٿيون. هن وقت دنيا ۾ جيترا به جسماني ڪينسر موجود آهن انهن ۾ هڪ وڏو انگ عورتن جو بريسٽ ڪينسر جو آهي، جيڪو هر سال تقريبن 23 کان 25 لک نون ڪيسن جي اضافي جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. ايئن چئي سگهجي ٿو ته عورتن ۾ ٿيندڙ ٻين ڪيسن جي مقابلي ۾ ڇاتيءَ جو سرطان 25 سيڪڙو وڌيڪ آهي. هي ڪينسر 50 سال کان وڏي عمر وارين عورتن ۾ ٿيڻ جا چانس وڌيڪ آهن. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هاڻي ڇاتيءَ جي سرطان لاءِ مختلف دوائون ۽ علاج موجود آهن، جيڪڏهن ڪابه عورت جلد ان مرض کي سمجهي ڊاڪٽر وٽ پهچي ٿي ته ان جي ٺيڪ ٿيڻ جا چانسز سئو سيڪڙو ٿي وڃن ٿا. ڪيتريون ئي عورتون هن مرض مان پنهنجي بيماريءَ کي هارائي ٻاهر نڪري آيون آهن. اهڙي ئي وقت ۾ ڪينسر جي لاءِ هڪ نئين دوا Capivasertib ايجاد ڪئي وئي آهي، جنهن کي متحده عرب امارات پنهنجي ملڪ ۾ استعمال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان دوا جي استعمال ڪرڻ وارو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي. هيءَ دوا انهن مريض عورتن کي ڏني ويندي جن جي ڪينسر جي مٿان هارمون مزاحمتي ڪردار ادا ڪن ٿا. عرب امارات ڊرگ اسٽيبلشمينٽ مطابق هيءَ دوا ڇاتيءَ جي ڪينسر جي گهرڙن ۾ ايسٽروجن ريسپٽرس کي بلاڪ ڪري انهن کي ختم ڪندي، جيڪا گهرڙن جي ڦهلاءُ کي روڪي ڪينسر ختم ڪندي. دنيا ۾ جيڪي به نيون دوائون ڇاتيءَ جي سرطان لاءِ ٺاهيون ويون آهن اهي ڪنهن خاص قسم جي اسٽيج جي ڪينسر کي نشانو بنائڻ لاءِ تيار ڪيون وينديون آهن، ڇو ته مريض جو ڪينسر پراڻين دوائن جو مقابلو ڪري انهن جو اثر مرض تائين پهچڻ کي روڪي رهيو هوندو آهي.
ڪجهه ڪينسر اهڙا آهن جن ۾ پروٽين وڌيڪ هوندو آهي ۽ اهي دوائون انهن پروٽين کي بلاڪ ڪنديون آهن. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته ميٽا اسٽيٽڪ ڪينسر دوا ان اسٽيج تي مريض جي مرض سان وڙهندي جڏهن ڪينسر ڇاتيءَ مان نڪري جسم جي ٻين حصن جهڙوڪ (هڏن، جگر يا ڦڦڙن) تائين ڦهلجي چڪو هجي. جديد دوائن جي خاص ڳالهه اها آهي ته اهي سڀني لاءِ هڪ ئي علاج جي طور تي ڪم ڪنديون ۽ اها مريض جي جينياتي پروفائل جي بناوٽ کي ڏسي ڏني ويندي آهي. ان ڳالهه کي سادي نموني سان ايئن سمجهجي ته ڪينسر جا سيل هڪ اهڙو گهر آهن جنهن جا دروازا کولڻ ۽ بند ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جا تالا لڳل آهن. ڪينسر جي هر سيل وٽ هڪ خاص چاٻي آهي جيڪا جسم جي هارمون واري تالي ۾ لڳي ٿي ۽ ان کي وڌڻ جي طاقت ڏئي ٿي. دوا جو ڪم اهو آهي ته ان چاٻي يا تالي کي بلاڪ ڪري ڇڏينديون آهن، جنهن سان ڪينسر کي کاڌو ملڻ بند ٿي ويندو آهي ۽ اهو اتي ئي بيهي رهندو آهي. ڪجهه ڪينسر اهڙا هوندا آهن جنهن جي مٿان هڪ خاص پروٽين هوندو آهي جيڪو کين تيزيءَ سان وڌڻ سان اشارا ڏيندو آهي. بلڪل ايئن جيئن ڪنهن مشين ۾ اينٽينا لڳل هجن ۽ اهي سگنل تيزيءَ سان ان جاءِ تي پهچائين. پراڻي علاج ۾ ڪيمو ٿراپي هڪ اهڙو بم هوندو هو جيڪو ڪينسر جي گهرڙن سان گڏ جسم جي صحتمند گهرڙن کي به نقصان پهچائيندو هو، پر نيون دوائون “سمارٽ نشانو” لڳائين ٿيون، جيڪي رڳو ڪينسر واري خاص تالي يا اينٽينا کي ڳولهي ان تي حملو ڪن ٿيون. جنهن سان مريض کي تڪليف گهٽ ۽ علاج وڌيڪ اثرائتو ملي ٿو. جن عورتن کي بريسٽ ڪينسر هجڻ جو خوف يا شڪ آهي، انهن کي هڪدم ڪنهن ڊاڪٽر سان مشورو ڪري پنهنجا ٽيسٽ ڪرائي هڪ بهادر عورت وانگر پنهنجو علاج شروع ڪرائڻ گهرجي. سمارٽ دوائون انهن عورتن لاءِ هڪ وڏي اميد آهن، جيڪي مختلف قسمن جي بريسٽ ڪينسرن کي ڀوڳي رهيون آهن. بس عورتن کي پنهنجي صحت جو سڀني کان وڌيڪ خيال رکڻ گهرجي، ڇو ته اهو انهن جو بنيادي حق آهي، پر گهر جي ذميدارين ۾ عورت اڪثر پنهنجي صحت کي نظر انداز ڪري ڇڏيندي آهي. هيءَ نئين دوا جنهن کي يو اي اِي ۾ استعمال ڪرڻ جي اجازت ملي آهي، انهن عورتن لاءِ صحت جو هڪ پيغام آهي، جيڪي هيستائين نااميدي جو شڪار هيون.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟