سنڌ ۾ غير مسلم ٻارن لاءِ سندن مذهب مطابق نصاب تيار
پاڪستان ۾ مسلم شاگردن لاءِ اسلاميات جي متبادل طور اقليتي شاگردن کي “ايٿڪس” يا “اخلاقيات” پڙهائڻ جو سلسلو 2006ع جي قومي نصاب تحت شروع ڪيو ويو. جڏهن ته 1970ع ۽ 1980ع واري ڏهاڪي کان وٺي غير مسلم شاگردن کي اسلاميات جي جاءِ تي ڪو ٻيو مضمون چونڊڻ جو اختيار ڏنو ويو هو، پر ان وقت ڪا خاص جامع پيپر پاليسي نه هئي ۽ ڪيترن ئي مونجهارن سبب اڪثر اسڪولن ۾ غير مسلم شاگردن کي اختيار هو ته اهي به اسلاميات جي ڪلاس ۾ ويهن يا اهو پڙهي ان مان امتحان ڏئي سگهن. هاڻي سنڌ حڪومت هڪ سٺي اڳڀرائي ڪندي هندو شاگردن لاءِ ٽين درجي کان وٺي پنجين درجي تائين انهن کي پنهنجي مذهب بابت نئون نصاب تيار ڪري پڙهائڻ لاءِ قانون سازي ڪري نصاب اڳيان آندو آهي. سنڌ ٽيڪس بڪ بورڊ (ايس ٽي بي بي) جي تعليم کاتي پاران ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو آهي ته مذهبي ڪتابن جي تياري ۾ ڪابه علمي يا مذهبي غلطي نه رهي. اهي ڪتاب هن سال سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي بدران هڪ سماجي تنظيم “پريم ساگر سنسٿا” طرفان 15 هزار ڪاپيون ڇپرائي ورهايون پيون وڃن. انهن ڪتابن جي تياري لاءِ مذهبي ماهرن جا گڏيل بورڊ جن ۾ نصاب تيار ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪميٽيون جوڙيون ويون انهن ۾ لاڳاپيل مذهبي ماهر شامل ڪيا ويا. مذهب انسان جي روحاني ضرورت آهي. هڪ ڊگهي عرصي کان هندو ٻارن کي نصاب ذريعي سندن مذهب جي تعليم نه ملڻ سبب يا کين سندن مذهبي تعليم کان دور رکڻ سبب سماج ۾ هڪ اهڙو وڏو خال پيدا ٿيو آهي، جنهن سان سماج اندر انتهاپسندي جو دور شروع ٿيو.
حڪومت جو هي تمام احسن فيصلو ۽ قدم آهي. گڏوگڏ سڌي يا اڻ سڌي طرح عالمي ادارن جي سفارشن، بين الاقوامي معاهدن ۽ عالمي دٻاءُ جو به هٿ رهيو آهي. پاڪستان هن وقت ڪيترن ئي اهڙن عالمي معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن جيڪي رياست کي پابند بڻائين ٿيون ته اها پنهنجين اقيليتن کي مڪمل مذهبي ۽ تعليمي آزادي فراهم ڪري، جنهن ۾ سڀ کان اهم گڏيل قومن جا معاهدا ۽ انساني حقن بابت ٿيل معاهدا شامل آهن. ٻارن جي حقن جو عالمي معاهدو جنهن جو آرٽيڪل 14 چوي ٿو ته رياست ٻار جي مذهبي ۽ خيالي آزاديءَ جي حق جو احترام ڪندي. ان کان علاوه پاڪستان “شهري ۽ سياسي حقن جي عالمي معاهدي” تي پڻ صحيحون ڪيون آهن. ان معاهدي تحت اقليتن کي پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ ۽ ان جي تعليم پرائڻ کان نٿو روڪي سگهجي. پاڪستان جي مٿان سڀ کان وڏو دٻاءُ يورپي يونين +GSP جو آهي. ان معاهدي تحت انهن ملڪن کان پاڪستان ڪپڙو يا ٽيڪسٽائيل جي مصنوعات بنا ڪنهن ڊيوٽي يا ٽيڪس جي وڪڻڻ جي سهولت تڏهن حاصل ڪري سگهندو، جڏهن پاڪستان اندر انساني حقن، مذهبي آزادي ۽ اقليت جي حقن بابت 27 عالمي ڪنوينشنن تي سختيءَ سان عمل ڪيو ويندو. ان کان علاوه پاڪستان آمريڪي ڪميشن براءِ عالمي مذهبي آزادي جو پڻ صحيح ڪندڙ آهي. ڪيترن ئي سالن کان هي ادارو پاڪستان کي خاص طور تي “ڳڻتيءَ جوڳو ملڪ” قرار ڏئي چڪو آهي. هن اداري جي رپورٽن ۾ هميشه پاڪستان جي تعليمي نصاب تي سخت تنقيد ڪئي ويندي هئي ته اتي غير مسلم شاگردن کي پنهنجو مذهب پڙهڻ جي اجازت ناهي ۽ کين متبادل طور اسلاميات يا اخلاقيات پڙهائي وڃي ٿي. هڪ ٻيو اهم سبب پاڪستان جو گڏيل قومن جي (معياري تعليم ۽ نا برابري جو خاتمو آهي) SDG Goal 4 2030ع گڏيل قومن جو اهڙو هدف آهي جنهن ۾ دنيا جي هر ٻار کي بنا ڪنهن فرق جي تعليم ۽ مذهب جا برابريءَ وارا حق ملڻ گهرجن.
پاڪستان به ان واعدي ۾ شامل آهي ۽ ان جي مقصدن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ته هر ٻار کي بنا ڪنهن صنفي ۽ مذهبي تفريق، تعليم ۽ مذهب جي آزادي حاصل هوندي. هيءَ نصابي تبديلي سنڌ جي تعليم، نفسيات ۽ سماج تي گهڻ پاسائي مثبت اثر ڇڏيندي. سنڌ پاڪستان جو واحد صوبو آهي جتي مذهب کي انساني معاملو سمجهي برداشت ڪرڻ جي روايت موجود هئي، پر پوءِ هٿ وٺي انتها پسندي کي هوا ڏني وئي ۽ اهڙن خيالن کي هٿي ڏني وئي جن سان اسان جو صوفي مزاج هينئر داغدار ٿي چڪو آهي. هيءَ تبديلي انهن سڀني شين جو خاتمو ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. غير مسلم شاگردن ۾ اعتماد ۽ برابري جو احساس پيدا ٿيندو. ان کان علاوه مسلم شاگردن اندر به ٻين مذهبن لاءِ برداشت ۽ برابريءَ وارو احساس جنم وٺندو. هندو ٻار پنهنجي مذهب جي تعليم اسڪولن، گهرن يا عباتگاهن مان حاصل ڪري پنهنجي مذهب مطابق پنهنجي شخصيت سازي ڪندا. پراڻين پاليسين سماج اندر هڪ انتهاپسند طبقو پيدا ڪيو، جنهن ۾ انتهاپسند استاد پڻ پيدا ٿي چڪا آهن. هاڻي نصاب ۾ تبديلي کانپوءِ مذهب جي تعليم ڏيندڙ استادن ۽ مدرسن ۾ پڙهائيندڙ مولوين جي به تربيت ضرور ٿيڻ گهرجي ته جيئن سماج ۾ هن تبديليءَ جي مقصدن کي حاصل ڪري سگهجي. ڇو ته اهو قدم کڻڻ کانسواءِ اسين ان تبديلي جا مثبت فائدا حاصل نٿا ڪري سگهون. ڇو ته ان قسم جي روين سان ننڍڙن ٻارن جي ذهنن تي نفسياتي اثر پيدا ٿين ٿا، جن ۾ مسلم سماج هجڻ جي ڪري مسلمان ٻار جي اندر احساس برتري ۽ اقليتي ٻارن اندر احساس ڪمتري جو احساس وڌي ۽ ويجهي ٿو. ايتري حد تائين جو ٻار پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ لڳن ٿا، جنهن سان سندن شخصيتن جي ڀڃ ڊاهه ٿئي ٿي. پاڪستان اندر مذهبي برابري واري رجحان جي ڀليڪار ڪجي ٿي ۽ ان سان نه صرف اسان جي سماج ۾ انتها پسند مائينڊ سيٽ کي شڪست ٿيندي، بلڪه هندو ٻارن اندر پنهنجي مذهب کي سمجهڻ ۽ ان جي عمل ڪرڻ جو رجحان به وڌندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته اسان وري ان وقت ۾ واپس وڃي سگهون، جتي سماج ۾ هر شخص پنهنجي مذهب تي عمل ڪندي هڪ نظر ايندو هو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟