مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ حڪومت طرفان آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ لاءِ پنج “ڀٽو اسٽيم” اسڪالرشپون ورهايون ويون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

10 سيپٽمبر 2026 تي ڪراچيءَ ۾ وزير اعليٰ سنڌ هائوس ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ تعليم جي وزير سيد سردار شاهه شرڪت ڪئي. جنهن ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته کيس پڪو ويساهه آهي ته تعليم سماجي تبديلي ۽ اقتصادي ترقِيءَ لاءِ سڀ کان وڏو اتساهيندڙ سبب آهي. جڏهن ته تعليم کاتي جي وزير سيد سردار علي شاهه انهن اسڪالرشپن کي سنڌ جي نوجوانن ۾ هڪ تاريخي سيڙپڪاري ۽ علم تي ٻڌل مستقبل جي اڏاوت ڏانهن هڪ وڏو قدم قرار ڏنو. سنڌ هن وقت جن بحرانن کي منهن ڏئي رهي آهي، انهن وچ ۾ سنڌ حڪومت جو تعليم لاءِ کنيل احسن قدم هوا جي هڪ خوشگوار جهوٽي وانگر محسوس ٿيو آهي. ڏٺو وڃي ته ڪيترائي قابل ۽ لائق نوجوان اميدوار جيڪي تحقيق جي ميدان ۾ دنيا سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي تحقيق ڪري پنهنجي ملڪ ۽ دنيا کي ڪيترين ئي نون نتيجن سان مالا مال ڪري سگهن ٿا، اهي اميدوار صرف وسيلن جي کوٽ جي ڪري اڳتي نٿا وڌي سگهن ۽ مايوسيءَ ۾ وڪوڙجي زندگي گذارين ٿا.
اهڙي وقت ۾ سنڌ حڪومت طرفان آڪسفورڊ پاڪستان پروگرام تحت “ڀٽو اسٽيم اسڪالرشپ” تحت پنج اسڪالرشپون ورهايون ويون، جنهن ۾ چونڊيل پنجن شاگردن 1. فائزا رحمان ايم ايس سي ايڪنامڪس ڊولپمينٽ 2. امرتا چانڊيو ايم ايس سي ڪلينيڪل ايمبريو 3. نئير منصور علي ايم ايس سي اڪنامڪس فار ڊولپمينٽ 4. فرجاد شاهد حسن ڊي فل زيرو ڪاربان انرجي ريسرچ 5. جنيد احمد ميمڻ ڊي فل انجنيئرنگ سائنس، حاصل ڪئي. هي اسڪالرشپون اهليت جي بنياد تي آڪسفورڊ يونيورسٽي طرفان چونڊيل اميدوارن کي ڏنيون ويون آهن. جنهن جو معيار سنڌ جو ڊوميسائل پي آر سي هجڻ لازمي آهي. ڪنهن به اميدوار جي لاءِ لازمي آهي ته اهو آڪسفورڊ يونيورسٽي جي سرڪاري پورٽل تي اسڪالرشپ جي لاءِ پنهنجي درخواست جمع ڪرائي ۽ ان کانپوءِ وڃي پنهنجي پسند جي ڪنهن به پروگرام جي لاءِ اڪنامڪس يا ڊي فل/يا پي ايڇ ڊي پروگرام جي لاءِ اپلاءِ ڪري. پنهنجا لازمي دستاويز اپلوڊ ڪرڻ کانپوءِ انگريزي زبان ۾ IELTS/TOEFL زبان جي ٽيسٽ جو رزلٽ جمع ڪرائي، آڪسفورڊ مان ميرٽ تي داخلا منظور ٿيڻ بعد آڪسفورڊ پاڪستان پروگرام يونيورسٽي جي گڏيل ڪميٽي اميدوارن جي مالي ضرورت ۽ علمي معيار جي پرک ڪري سندن ڊوميسائل چيڪ ڪري انهن مان ڪن به پنجن اميدوارن کي هيءَ اسڪالرشپون گرانٽ ڪندي.
سنڌ ته ڇا، پر پوري پاڪستان ۾ اسان وٽ معاشيات جي ماهرن جي کوٽ آهي. اهوئي سبب آهي جو جڏهن اسان وٽ معاشيات جي ماهرن کي مقرر ڪيو ويندو آهي ته اهي ٻاهران کان گهرايا ويندا آهن. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان جا نوجوان هر سال جيڪڏهن پنج شاگرد مختلف شعبن مان چونڊجي هيءَ اسڪالرشپون حاصل ڪري وطن واپس ورندا ته اهي نه صرف معاشيات جي شعبي ۾ پر ٻين ڪيترن ئي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ نه صرف پنهنجو مستقبل سنواري موٽندا، بلڪه اهي پنهنجي صوبي ۽ ملڪ کي به پنهنجون خدمتون آڇي سگهندا. سنڌ حڪومت تي تمام گهڻي تنقيد ٿيندي رهي ٿي جنهن جو سبب حڪومتي نظام ۾ غير شفافيت جو هجڻ، ڪرپشن، انفرااسٽرڪچر جو فرسوده هجڻ، سرڪاري دفترن ۾ عوام جي داد رسي نه ٿيڻ، اسڪولن جو نظام خاص طور تي پرائمري اسڪولن جو نظام يا ڍانچو تباهه حال هجڻ، سنڌ جي عوام کي صاف پاڻيءَ جو نه ملڻ، پوليس جو نظام غير متوازن هجڻ جنهن ۾ ڏوهي بچي وڃي ٿو ۽ بيڏوهي غريب ڦاسي پوي ٿو. اهي سڀ شيون اهڙيون آهن جيڪي پيپلزپارٽيءَ کي تنقيد جي زد ۾ آڻي بيهارين ٿيون. جنهن لاءِ پيپلزپارٽي جو سڀ کان وڏو ڏوهه اهو آهي ته اها غير شفافيت سان ماڻهن کي چور دروازي کان داخل ڪري ٿي. مطلب ته انهن جي چونڊ ميرٽ تي نٿي ڪئي وڃي ۽ پوءِ اهي نظام کي اڏوهي وانگر کائي کوکلو ڪر ي ڇڏين ٿا ۽ آخر ۾ جڏهن نظام کوکلو ٿي ڪري ٿو ته ان جي زد ۾ پارٽي سڌي سنئين اچي ٿي. پيپلز پارٽي تي اهو به الزام لڳايو وڃي ٿو ته اها ثقافتي ۽ ادبي ميلن تي تمام گهڻو پئسو خرچ ڪري ٿي. جڏهن ته تعليم تي ڌيان نٿي ڏئي. اهو به هڪ ضروري عمل آهي ته معاشري ۾ سماجي ۽ ثقافتي سرگرميون به جاري رهن، پر گڏوگڏ تعليم تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ سنڌ حڪومت جي لاءِ پنهنجي مستقبل تي سيڙپڪاري ڪرڻ جي برابر آهي. سنڌ حڪومت جو هي “ڀٽو اسٽيم اسڪالرشپ” جنهن جو مطلب آهي ڀٽو سائنس ٽيڪنالاجي انجنيئرنگ ۽ ميٿاميٽڪس جي ميدانن ۾ قابل اميدوارن کي اسڪالرشپون ڏئي موڪلڻ. اهو هڪ انتهائي ساراهه جوڳو ڪم آهي. ڪنهن به نوجوان کي ايندڙ سال جيڪڏهن هن اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏيڻ جو خيال آهي ته ان کي پنهنجي چونڊيل ميدان لاءِ ميرٽ ۽ تحقيقي صلاحيت تي اها اسڪالرشپ ملي سگهي ٿي. جنهن جي ڪرائيٽيريا آڪسفورڊ جي ويب سائيٽ تي ڳولهي سگهجي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته جيڪي به هدايتون آڪسفورڊ جي ويب سائيٽ تي نظر اچن انهن تي سئو سيڪڙو عمل ڪري پنهنجو آفيشل ليٽر هيڊ تيار ڪري، آفيشل اي ميل آئي ڊي ٺاهي ان پورٽل تي اماڻي ۽ بهتر اهو آهي ته درخواست موڪلڻ کان پهرين ڪنهن تجربيڪار ماڻهو کان رهنمائي پڻ حاصل ڪري.
ڇو ته هي اسڪالرشپ سنڌ حڪومت طرفان فلي فنڊيڊ اسڪالرشپ ضرور آهي، پر ان لاءِ چونڊ سنڌ حڪومت نه، بلڪه آڪسفورڊ يونيورسٽي ڪندي. سنڌ حڪومت صرف ان جو خرچ برداشت ڪندي اميدوار جي لاءِ اتي يونيورسٽي ۾ في ڀرڻ، کائڻ پيئڻ ۽ ٻيا سمورا تعليمي خرچ برداشت ڪندي. اميد ته اسان جا نوجوان اميدوار جيڪي مختلف يونيورسٽين ۾ هن وقت پڙهي رهيا آهن ۽ اڳتي وڌي تحقيق ڪرڻ يا پوسٽ ڊاڪٽريٽ جا اميدوار آهن، اهي هن پروگرام مان لاڀ حاصل ڪندا. دلچسپي رکندڙ اميدوار OPP جي ويب سائيٽ تي وڃي ڀٽو اسٽيم اسڪالرشپ جا تفصيل حاصل ڪري فارم ڀريندا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو