مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

امن جو نوبيل انعام هڪ ناريءَ جي نانءُ، ٽرمپ ڏسندو رهجي ويو!

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

الفريڊ نوبيل جيڪو هڪ سوئڊش مشهور سائنسدان ڪيمسٽ انجنيئر، صنعتڪار ۽ مختلف ايجادون ڪندڙ هو، جيڪو ڊائنامائٽ جي ايجاد ڪرڻ لاءِ مشهور ٿيو. 1888ع ۾ جڏهن سندس ڀاءُ وفات ڪري ويو ته فرانس جي هڪ اخبار غلطيءَ سان اها خبر الفريڊ نوبيل جي مرڻ جي خبر طور ڇاپي، جيڪا اخبار جي سرخي طور “موت جو سوداگر مري ويو” شايع ٿي. ڇو ته هن ڊائنامائٽ جيڪو تعميراتي مائننگ لاءِ ٺاهيو هو، پوءِ جنگين ۾تباهي لاءِ استعمال ٿيو. کيس اها خبر پڙهي ڏاڍو صدمو پهتو ۽ هن سوچيو ته دنيا کيس انسانيت جي تباهيءَ طور ياد نه رکي. ان خيال کيس ان وصيت لکڻ تي مجبور ڪيو ته هو نوبيل انعام جو بنياد وجهي وڃي. 1895ع ۾ پنهنجي مرڻ کان هڪ سال اڳ هن پنهنجي وصيت ۾ پنهنجي سموري دولت جو 94 سيڪڙو هڪ فنڊ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. جنهن مان پوءِ هر سال فزڪس، ڪيميسٽري، ميڊيسن، ادب ۽ امن جي شعبي ۾ انسانيت کي فائدو پهچائيندڙ ماڻهن کي نوبيل پرائيز ڏنو ويندو آهي. آمريڪا جو ٻيون ڀيرو ٿيندڙ صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل سال به نوبيل پرائيز جي اعلان کان اڳ اها ڳالهه دهرائيندو رهيو ته کيس نوبيل انعام ملڻ گهرجي. ڇو ته هن امن جي لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون آهن. الفريڊ نوبيل پنهنجي وصيت ۾ اها ڳالهه واضح طور لکي ويو هو ته امن جو انعام ان شخص يا تنظيم کي ملندو، جنهن قومن جي وچ ۾ ڀائيچاري، فوجن کي گهٽائڻ ۽ امن لاءِ سفارتڪاري جو سڀ کان وڏو ڪم ڪيو هجي. جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ هن وقت ايران جي مٿان حملا ڪري پوري دنيا کي هڪ اهڙي معاشي بحران جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو اثر هڪ عام ماڻهو جي زندگيءَ تي پئجي رهيو آهي. هٿيارن جي ڊوڙ تيز ٿي چڪي آهي ۽ رياستون پنهنجي جاگرافيائي حدن ۾ غير محفوظ ٿي چڪيون آهن.
ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پهرين صدارتي دور 2021-2017 تائين اهڙيون پاليسيون ۽ ترجيحون اختيار ڪيون جن سان فلسطين جي عوام ۽ سندن قانوني تحريڪ کي وڏو ڌڪ لڳو. هن 2017ع ۾ ڏهاڪن کان هلندڙ يو اين پاليسي جي خلاف ورزي ڪندي يروشلم کي اسرائيل جي گاديءَ جو هنڌ تسليم ڪيو. جنهن سان فلسطيني موقف کي ڌڪ لڳو. ان کان علاوه هن UNRWA جي اداري کي امدادي فنڊ روڪڻ جو اعلان ڪيو، جيڪو فلسطيني پناهگيرن کي غزه، ويسٽ بينڪ، اردن ۽ لبنان ۾ تعليم، صحت ۽ خوراڪ جون سهولتون فراهم ڪندو هو. ان کان علاوه هن “صديءَ جي معاهدي” جي نالي سان هڪطرفو امن منصوبو ٺاهي بين الاقوامي طور تي مڃيل ٻه رياستي حل جا بنيادي شرط ختم ڪيا، جيڪو فلسطينين مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه واشنگٽن ۾ پي ايل او جو آفيس بند ڪيو ويو. جنهن سان ٽرمپ آمريڪا ۽ فلسطين جي اڳواڻن وچ ۾ سفارتي رابطا بند ڪري ڇڏيا. ان کانپوءِ هن ابراهم معاهدو ڪري عرب اسرائيل لاڳاپن کي جوڙڻ جي لاءِ رستو کوليو، جنهن سان فلسطيني مسئلو نظر انداز ٿي ويو. ايران تي حملي ڪرڻ کان اڳ هن ايران جا مکيه فوجي ڪمانڊر ۽ سائنسدان مارائي ڇڏيا. انهن سڀني حقيقتن مان اها خبر پوي ٿي ته ٽرمپ کي دنيا ۾ امن جي نه، پر دهشتگرديءَ جي خواهش وڌيڪ رهي آهي. هاڻي هو جيڪڏهن فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ هلندڙ جهيڙو نبيري ٿو وٺي ته پوءِ ممڪن آهي ته کيس سندس زندگيءَ ۾ ئي نوبيل امن انعام ملي وڃي.
في الحال جيڪا صورتحال آهي ان ۾ جيڪڏهن کيس امن جو انعام ڏنو وڃي ها ته شايد هي پليٽ فارم پنهنجي ساک وڃائي ويهي ها. هن وقت اهو انعام ناوي پلي (Navi Pillay) کي بين الاقوامي قانون، انساني حقن جي بالادستي ۽ عالمي امن لاءِ سندس تاريخي خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو آهي. کيس هڪ اهڙي عظيم قانوندان ۽ جج طور سڃاتو وڃي ٿو، جنهن پنهنجي پوري زندگي جنگي ڏينهن دوران انسانيت خلاف ٿيندڙ سرگرمين ۽ نسل ڪشي ڪندڙ تنظيمن ۽ جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. کيس نيلسن منڊيلا جهڙن اڳواڻن جي لاءِ جيڪي مظلوم ۽ سياسي قيدي هئا انهن جا ڪيس ڏسڻ جو موقعو مليو. ان کان علاوه هن بين الاقوامي عدالتن ۾ تاريخي فيصلا ڏنا جيڪي انساني حقن جي حوالي سان هئا. نوبيل ڪميٽي جو چوڻ آهي ته هن ڏکئي وقت ۾ به طاقتور ملڪن جي سياست جي سامهون قانون ۽ انصاف کي ترجيح ڏني. جنهن دور ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ شديد نسل پرستي جو راڄ هو، هن اڳتي وڌي سماج ۾ پنهنجو مقام ٺاهڻ جي جدوجهد ڪئي ۽ نيلسن منڊيلا جهڙن سياسي قيدين لاءِ بنا ڪنهن خوف جيلن جا چڪر ڪاٽيا ۽ رياستي جبر جو مقابلو ڪيو، پر ٽرمپ کانئس سخت ڪاوڙيل آهي ۽ کيس آمريڪي دشمن قرار ڏيئي ڇڏيو آهي. ڇو ته هن يو. اين جي اعليٰ ڪمشنر طور ۽ پوءِ جج طور ڪيترن موقعن تي آمريڪي پرڏيهي پاليسين جنهن ۾ وچ اوڀر جي سياست ۾ ڏنل هڪطرفي حمايت ۽ انساني حقن جي پامالي وارين تحقيقن تي آزاداڻا ۽ سڌا فيصلا ڏنا، جيڪي هن خالصتن انصاف ۽ بين الاقوامي قانون جي حڪمراني مطابق ڏنا هئا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو