ننڊ چوويهن ڪلاڪن ۾ صرف اکيون بند ڪري سمهڻ جو نالو ناهي
انسان چاهي ڌرتيءَ جي ڪنهن به حصي تي رهندو هجي ان کي معياري ۽ پرسڪون ننڊ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن هڪ انسان جي ننڊ پوري نٿي ٿئي ته اهو ذهني ۽ جسماني طور تي اڳتي هلي مختلف بيمارين جو شڪار ٿيڻ شروع ٿئي ٿو. جڏهن ته ٻئي پاسي سٺي ننڊ ڪرڻ وارو شخص پنهنجي جسماني صحت کي پنهنجي سٺي ننڊ سان اڃان وڌيڪ بهتر بنائڻ جي قابل بڻجي سگهي ٿو. وقت جي تبديليءَ سان گڏ اسان جا ڪم ڪرڻ جا وقت، مختلف سماجي ۽ سوشل ميڊيا جي استعمال اسان جي ننڊ کي شدت سان متاثر ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ هر طرف اسپتالن ۾ هر قسم جي مريض جو تعداد وڌي رهيو آهي. جڏهن ته ننڊ هڪ قدرتي دوا آهي، جنهن کي اسان تمام سستو سمجهي آرام سان ضايع ڪندا رهون ٿا. ننڊ جي مسلسل کوٽ سبب چاهي اها ڪنهن به سماجي سبب جي ڪري هجي فرد جي فيصلي ڪرڻ، سوچڻ ۽ ان جي رويي کي متاثر ڪري ان کي ڊپريشن جو شڪار بڻائي ٿي. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته انساني جسم جيڪو هڪ پيچيده مشين وانگر ڪم ڪري ٿو ڪيترين ئي بيمارين کي جسم جي اندر موجود مدافعتي نظام پنهنجي اينٽي باڊيز سان بنا ٻڌائڻ جي ختم ڪري ٿو، جنهن ۾ خاص طور تي زڪام ۽ ٻيا انفيڪشن شامل هوندا آهن، ننڊ جي ڪميءَ سبب اهو مدافعتي نظام ڪمزور ٿيڻ شروع ٿئي ٿو ۽ جسم اها صلاحيت وڃائي ويهي ٿو جو بيمارين سان وڙهي سگهي. ان کان علاوه دل جون بيماريون، هاءِ بلڊپريشر، شگر، ٿولهه ۽ هارمونل، بيقائدگيون ننڊ جي گهٽ ۽ غير معياري هجڻ سبب پيدا ٿين ٿيون.
ننڊ جيڪڏهن معياري ناهي ته اٿڻ کانپوءِ جسم ۾ چستي ۽ ڦڙتي محسوس نه ٿئي ته ان جو مطلب اهو آهي ته ننڊ پوري ناهي ٿي، جنهن جو اثر ان جي هر سماجي لاڳاپي ۽ هر سماجي ميدان تي نظر ايندو. اهوئي سبب آهي جو اسان وٽ عام طور تي فرد تمام غير معياري زندگيءَ جو شڪار ٿيندي نظر اچن ٿا. ننڊ گهٽ ڪرڻ سبب غلطين ۾ اضافو ٿيڻ سبب حادثن جو شڪار ٿيڻ قدرتي عمل آهي. پاڪستان ۾ روزانو جي بنياد تي وڏن هاءِ ويز تي ٽرڪن ۽ ڊمپرن جي ڊرائيورن جي غير معياري ننڊ سبب حادثا ٿين ٿا ۽ اسان وٽ ڪوبه اهڙو نظام ناهي جو ننڊ جي کوٽ کي جاچي سگهجي. هڪ فرد جي خراب ننڊ يا گهٽ ننڊ سماج جي ٻئي حصي ۽ ٻئي فرد جي زندگيءَ تي اثر انداز ٿئي ٿي. ننڊ نه صرف ٻاهر جي سماجي زندگي، بلڪه گهريلو زندگي ۽ ٻين سماجي رابطن تي پڻ اثر وجهي ٿي. هڪ صحتمند بالغ نوجوان کي جنهن جي عمر 14 کان 17 سال آهي ان کي روزانو 8 کان 10 ڪلاڪ سٺي ۽ معياري ننڊ جي ضرورت هوندي آهي. جڏهن ته 65 سالن کان مٿي ڪنهن به فرد کي 7 کان 8 ڪلاڪ روزانو معياري ننڊ ضرور ڪرڻ گهرجي. اڄڪلهه ننڊ جي وچ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ اسان جي هٿ ۾ جهليل سيل فون آهي. ڇو ته بنا ڪنهن پابنديءَ جي هر فرد هر وقت ان کي استعمال ڪري ٿو. ڪيترائي ماڻهو پنهنجو موبائل فون پنهنجي وهاڻي جي هيٺان رکي سمهن ٿا جيڪو هڪ خطرناڪ عمل آهي. موبائل فون جي نيري روشني اسان جي دماغ ۾ ننڊ واري هارمون ميلاٽونن کي متاثر ڪري ننڊ غائب ڪري ٿي. سمهڻ کان اڳ ريلز ۽ وڊيو ڏسڻ سان اسان جو دماغ ائين متحرڪ ٿئي ٿو ڄڻ اسان ڪا مٺي شيءِ کاڌي هجي يا ڪا خوشخبري ٻڌي هجي جنهن سان دماغ ۾ ڊوپامين پيدا ٿيندو آهي.
ان کان علاوه فون جي وائبريشن به ننڊ کي متاثر ڪري ٿي ۽ گهري ننڊ ۾ وڃڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو، جيڪو معياري ننڊ لاءِ ضروري آهي. موبائل فون جو محدود استعمال ۽ سمهڻ واري ڪمري مان ان جو قبضو ختم ڪرڻ معياري ننڊ لاءِ ضروري آهي. ننڊ انساني دماغ ۽ جسماجي مشين لاءِ صرف هڪ آرام جو وقت نه، بلڪه روحاني ۽ حياتياتي وجود پڻ عطا ڪري ٿي. ننڊ اسان کي لاشعور جي ڪائنات سان جوڙي خوابن جي پراسرار دنيا ۾ وٺيو وڃي. ننڊ اسان جي ذهن جي گندگيءَ کي صاف ڪري ٿي. جلدي سمهڻ هرگز وقت جو ذيان نه، بلڪه هڪ مقدس ۽ تخليقي عمل جو حصو آهي. جيڪي ماڻهو رات جي شفٽ ۾ ڪم ڪن ٿا سندن جسم جو اندروني گهڙيال بيچين رهي ٿو ۽ اهي ماڻهو دل، شگر ۽ ذهني دٻاءُ جهڙين بيمارين جو شڪار ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته ڏينهن جو ڪم ڪرڻ قدرت جي ٽائيم ٽيبل سان مڪمل مطابقت رکي ٿو. سٺي ۽ معياري ننڊ لاءِ ضروري آهي ته سمهڻ واري جاءِ صاف سٿري ۽ آرامده هجي. ننڊ ڪرڻ وقت اسان کي پنهنجو لباس آرامده ۽ صاف سٿرو پائڻ گهرجي ته جيئن اسان ذهني ۽ جسماني طور تي بهتر ۽ معياري ننڊ ڪرڻ لاءِ وڃي سگهون. ٻارن کي جلدي وقت تي سمهڻ جي عادت وجهڻ سندن بهتر مستقبل جو بنياد وجهڻ برابر آهي. ننڊ اهو ٽانڪ آهي جيڪو اسان کي قدرت جو نظام فراهم ڪري ٿو ان کي ضرور حاصل ڪرڻ گهرجي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟