بلديه فيڪٽري جا ٻه جوابدار زبير عرف چريا ۽ عبدالرحمان عرف ڀولا سپريم ڪورٽ مان باعزت بري! ايم ڪيو ايم کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
11 سيپٽمبر 2012 تي ڪراچي جي بلديه ٽائون واري علائقي ۾ هڪ گارمينٽ فيڪٽري کي باهه لڳائڻ جي واقعي سبب 266 پورهيت اندر زنده سڙي خاڪ ٿي ويا، جو سندن لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. سانحي جي ٻن اهم جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ٻن مکيه جوابدارن رحمان عرف ڀولا ۽ زبير عرف چريا کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٻڌائي وئي. ڊسمبر 2016ع ۾ جوابدار رحمان عرف ڀولا کي ٿائلينڊ مان گرفتار ڪيو ويو، هن اعتراف ڪيو ته فيڪٽري مالڪن کان 20 ڪروڙ رپيا ڀتو نه ملڻ تي هن ڪيميڪل هاري فيڪٽري کي باهه لڳائي. جڏهن ته ٻئي جوابدار زبير عرف چريا کي دبئي مان گرفتار ڪري آندو ويو. بين الاقوامي سطح تي رابطا ڪري ريڊ وارنٽ جاري ڪرائي جڏهن جوابدارن کي ملڪ آندو ويو ته عوام کي ائين لڳو ته هاڻي غريب پورهيتن جي خون سان انصاف ٿيندو، پر الميو اهو آهي ته جنهن ڪيس کي بين الاقوامي ڪوششن سان منطقي انجام تائين رسايو ويو، سپريم ڪورٽ انهن ٻن مک جوابدارن کي شڪ جو فائدو ڏئي 10 جون 2026 تي باعزت بري ڪري ڇڏيو. دهشتگرد ٽوڙ عدالت (ATC) جڏهن ڪيس جو باقائده ٽرائل هلايو ته ان ۾ ڪل 10 جوابدار نامزد هئا. فيڪٽري جي چئن چوڪيدارن کي سهولتڪاري جي ڏوهه ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
چار جوابدار جن ۾ ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ رئوف صديقي، فيڪٽري جي جنرل مئنيجر شاهه رخ، عمر حسن ۽ عبدالرحمان کي ثبوت نه هجڻ سبب عدالت بري ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي اهي ٻه جوابدار جن کي دهشتگرد ٽوڙ عدالت ڏوهه جي اعتراف کانپوءِ ڦاسي جي سزا ڏني هئي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ به فيصلي کي برقرار رکيو هو. سپريم ڪورٽ انهن ٻن جوابدارن کي شڪ جو فائدو ڏئي آزاد ڪري ڇڏيو. اهو فيصلو انهن 266 خاندانن جي وارثن لاءِ هڪ ٻيو سنگين حادثو آهي، پوري پاڪستان جو عوام ان فيصلي سان رنجيده آهي. ان ڪيس جي سرڪاري پيروي ۽ جاچ وقت ڪيترن ئي نامور قانوني ماهرن ۽ سرڪاري وڪيلن حصو ورتو. دهشتگرد ٽوڙ عدالت جي ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ بئريسٽر علي ڪامي ۽ امجد علي شاهه هڪٻئي پٺيان سرڪاري وڪيل طور ڪيس سان جڙيل رهيا، گواهن جا بيان قلمبند ڪرائڻ کان وٺي ثبوت پيش ڪرڻ جهڙن اهم مرحلن ۾ تمام سٺو ڪردار ادا ڪيو. جي آءِ ٽي رپورٽ کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ سنڌ رينجرز جي قانوني ٽيم پڻ ان سڄي عمل جي نگراني ڪئي. ان دور ۾ رينجرز آپريشن جي اڳواڻي ڪري رهي هئي ۽ جوابدارن کي ٻاهران گرفتار ڪرائي آڻڻ ۾ پڻ ان جو اهم ڪردار هو. اهڙن سنجيده قدمن سبب ٻن مکيه جوابدارن کي ڦاسي جي سزا ملي، پر سپريم ڪورٽ تائين هي ڪيس پهچندي دهشتگرد ٽوڙ عدالت واري اعترافي بيانن جي باوجود انهن کي شڪ جو فائدو ڏيندي بري ڪيو ويو آهي.
جڏهن سر عام ڏوهه ڪندڙ، ڀتو گهرندڙ ۽ هڪ ئي جاءِ تي سوين مزدورن کي ساڙيندڙ جوابدارن کي قانون ايئن شڪ جو فائدو ڏئي بري ڪري ڇڏي ته اهو تفتيشي نظام جي ناڪاميءَ جو اعتراف آهي. جنهن ۾ ڪراچيءَ جهڙي وڏي صنعتي شهر ۾ جتي ماضيءَ ۾ ڀتا خوري ۽ پرچي ڪلچر عروج تي هو، اتي اهڙا فيصلا هن وقت متحرڪ مافيائن ۽ ڏوهارين کي ٻيهر منظم ٿيڻ ۾ مددگار ٿيندا. جڏهن رياستي ادارا ايئن ڪمزور نظر اچن ته سماج ۾ “ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا” وارو تصور طاقتور ٿيندو آهي. اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي بيڏوهي هن وقت جيلن ۾ واڙيل آهن، جن جا ڪيس ئي نٿا هلن، اتي اهڙن ڏوهارين جو قانون هٿان ايئن باعزت بري ٿيڻ قانون جو جنازو نڪرڻ آهي. اهڙا فيصلا عوام جي ذهنن ۾ ڪيترائي شڪ پيدا ڪن ٿا ته ڇا وري ڪا ٻي سياسي شطرنج جي بساط وڇائي پئي وڃي؟ سنڌ کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون، ايم ڪيو ايم کي پنهنجي قد ۽ بت کان وڌيڪ اهميت ڏيڻ ۽ ان کي طاقتور ڌرين جي پٺڀرائي، پي ٽي آءِ جي رستا روڪ ۾ ايم ڪيو ايم جو استعمال پاڪستان ۾ ڪنٽرولڊ سياست ۽ نوان سياسي اتحاد ٺاهڻ. ايم ڪيو ايم تي هميشه اهو الزام ته اها طاقتور ڌرين جي هٿ ۾ انهن جي مرضيءَ سان کيڏي آهي. هي فيصلو به ايم ڪيو ايم لاءِ هڪ قانوني رليف آهي. جنهن ۾ هاڻي اها طاقتور ڌرين سان هر فيصلي ۾ وڌيڪ فرمانبرداري جو مظاهرو ڪندي. جڏهن ان کي ڪمزور ڪرڻو هو ته رينجرز جي JIT رپورٽن ۽ انٽرپول جي گرفتارين ذريعي بلديه فيڪٽري ڪيس کي هٿيار بڻايو ويو. اڄ حالتن جي تبديلي سبب ٻيهر ان کي رليف ملندي نظر اچي رهيو آهي. اهڙي وقت ۾ ايم ڪيو ايم کي به عقلمنديءَ کان ڪم وٺندي پنهنجي سياسي ساک کي بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم انهن ماڻهن سان گڏ بيٺي جن کي بري ڪيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم تان ڀلي قانوني طور هي داغ ڌوپجي وڃي، پر ان جي سياسي دامن تي لڳل اهو داغ اڃان وڌيڪ گهرو ٿيندو. ايم ڪيو ايم لاءِ هي انتهائي نازڪ چئلينج آهي. ايم ڪيو ايم قيادت کي گهرجي ته انهن ماڻهن سان پنهنجي لاتعلقي جو اظهار ڪري ۽ فيڪٽري متاثرين خاندانن سان گڏ بيهي انهن لاءِ وس آهر امداد جو ذريعو بڻجي. اهڙن ماڻهن مان پنهنجي جان ڇڏائي، جيڪي ماضيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڏوهاري ڪلچر جو حصو رهيا ۽ هاڻي هڪ وچئين طبقي جي پڙهيل لکيل ماڻهن جي سياسي پارٽي بنجڻ جي نئين شروعات ڪري. تڏهن ئي ايم ڪيو ايم هڪ سياسي پارٽيءَ طور وري اڀري سگهي ٿي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟