هن بحران واري صورتحال ۾ پيپلزپارٽيءَ کي پنهنجي اندر احتساب جي ضرورت
پيپلزپارٽي سترنهن سالن کان سنڌ اندر حڪمراني ڪرڻ باوجود ڪابه وڏي مثبت تبديلي آڻي نه سگهي آهي، جنهن سنڌ جي سماج کي طاقتور، جديد ۽ مضبوط ڪيو هجي. اهوئي سبب آهي جو هن وقت عوام اندر پ پ جي حڪمرانيءَ کان هڪ بيزاري ڪر کڻي جاڳي رهي آهي. جيڪڏهن پيپلزپارٽي شفاف حڪمرانيءَ لاءِ سڌارا نٿي آڻي ته سنڌ اندر مختلف سياسي تحريڪون، اتحاد ۽ متبادل منظرنامو جنم وٺي سگهي ٿو. جنهن ۾ سڀ کان اهم ڳالهه نئين نسل (جينزي) ۽ سول سوسائٽيءَ ۾ قانون جي بالادستي، پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ، مقامي وسيلن جي تحفظ لاءِ جيڪو شعور پيدا ٿيو آهي ۽ اهو روايتي قومپرستي کان بلڪل ڌار اڀري رهيو آهي. اهو شعور پيپلزپارٽيءَ لاءِ وڏو چئلينج بڻجي سگهي ٿو. هن وقت سنڌ جا نوجوان، صحافي، پڙهيل لکيل طبقو جنهن ۾ بنا ڪنهن صنفي تفريق جي مرد ۽ عورتون شامل آهن، اڳتي هلي هن پارٽيءَ مٿان هڪ اهڙي سياسي ۽ سماجي دٻاءُ ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا، جيڪي يقينن سنڌ اندر “بيڊ گورننس” جي حل جو مطالبو ڪندا. پير پاڳارو ۽ ٻيا ڪجهه قومپرست رهنما گڏجي وري به ڪو مضبوط اتحاد ٺاهي سگهن ٿا، جيڪو يقينن پيپلزپارٽيءَ لاءِ هڪ سياسي چئلينج بڻجي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن اهو اتحاد وفاقي پارٽين سان مفاهمت ڪري ٿو ته اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان سنڌ ۾ نئين صف بندي ٿي سگهي ٿي، جيڪا پ پ لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويندي. هن وقت ننڍن صوبن جي قيام جو چوٻول، شهري علائقن ۾ جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جي مضبوطي ۽ گڏوگڏ ايم ڪيو ايم کي به هٿ ٺوڪي طاقت ڏيڻ پيپلز پارٽيءَ لاءِ ڪنهن چئلينج کان گهٽ نه هوندو. مستقبل ۾ جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا رستا صاف ڪيا ويا ته پيپلزپارٽيءَ لاءِ راهه ۾ ڪنڊا وڌي ويندا. پيپلزپارٽي پنهنجي تجربي باوجود سنڌ جي عوام جي ترجيحي پارٽي هوندي به سنڌ اندر شفافيت سان حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. هر ادارو ڪرپشن جو شڪار آهي ۽ ميرٽ جو قتل ٿي رهيو آهي.
جنهن سنڌ جي عوام کي هن پارٽيءَ کان مايوس ۽ بدظن ڪيو آهي. هن وقت جڏهن سنڌ جو عوام سنڌ اندر ننڍن صوبن جي ڳالهه تي مشتعل نظر اچي پيو ته اهڙي وقت ۾ پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي ترجيحن ۾ سنڌ ڪٿي به نظر نٿي اچي. جڏهن سنڌ کي ٽوڙي ننڍن صوبن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ٿيندي هجي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين پاران ان جي مخالفت ۾ ڪوبه مضبوط بيان نه اچي ۽ هو آزاد ڪشمير جي سياست يا ڪشمير جي رٿابندي ۾ مصروف نظر اچي ته سنڌ جو عوام ان باري ۾ ڇا سوچي؟ جڏهن ته ڪشمير جو عوام به کيس ووٽ ڏئي ڪامياب نه ڪري. اها به حقيقت آهي ته هڪ وڏي ۽ قومي سياست ڪندڙ پارٽي پنهنجو پاڻ کي صرف هڪ صوبي تائين محدود نٿي رکي سگهي ۽ بلاول ڀٽو هن وقت ڪشمير جي چونڊن ۾ حصو وٺي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته کيس بين الاقوامي سياست ۽ مرڪزي پنجاب ۾ پنهنجي لاءِ قبوليت پيدا ڪرڻي آهي، پر اها سڄي ڪوشش ناڪام ٿيندي نظر اچي رهي آهي. جيئن ته پ پ هن وقت مرڪز ۾ اقتدار ۾ شريڪ آهي، ان ڪري مرڪز سان ٽڪراءُ جي سگهه به نه پئي ساري سگهي، پر اها سڄي صورتحال سنڌ اندر بيچيني پيدا ڪري رهي آهي. جنهن سان نه صرف عوام جو پارٽيءَ تان ڀروسو اٿندي نظر اچي رهيو آهي، پر پ پ جو به نقصان ٿي رهيو آهي. ڇو ته سنڌ جو نئون نسل پ پ جي طرز حڪمراني ۽ صوبن بابت ڪنهن به سنجيده بيان نه ڏيڻ سبب اهو سوچي رهيو آهي ته هن پارٽيءَ کي شايد سنڌ جي مسئلن جي ڪابه پرواهه ناهي، اهو رويو پارٽيءَ لاءِ ايندڙ چونڊن ۾ وڏو ڌڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. بلاول ڀٽو جيڪڏهن چاهي ٿو ته هو مستقبل ۾ ملڪي سياست ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ته کيس پنهنجي ناني ۽ والده وانگر عوامي ۽ مزاحمتي بيانيي کي طاقت ڏيڻي پوندي، جيڪا ڪنهن به سياسي ليڊر جي طاقت هوندي آهي. هن وقت حالتون پ پ جي ليڊرشپ کان اها گهر ڪري رهيون آهن ته ملڪي سياست ڪرڻ کان اڳ پيپلزپارٽي کي سنڌ اندر سٺي حڪمرانيءَ واري تصور کي مضبوط ڪرڻو پوندو. سنڌ اندر سماجي، سياسي ۽ ادارتي تبديليون پيدا ڪري، سڄي ملڪ کي اهو پيغام ڏيڻو پوندو ته هن پارٽيءَ جي ليڊرشپ سڄي ملڪ کي سنڀالڻ جي اهل آهي.
هن وقت ملڪ جو نوجوان صرف نعرن تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هو هر پارٽيءَ جو عملي ڪردار ڏسي رهيو آهي. جيڪڏهن پيپلزپارٽي سنڌ اندر جديد اسپتالون، معياري تعليمي ادارا، خاص طور تي پرائمري تعليم کي مڪمل طور تي جديد ڪري، انفرااسٽرڪچر کي مڪمل طور تي جديد بڻائي صوبي اندر امان امان ۽ شفافيت پيدا نٿي ڪري، جيڪو پيپلزپارٽيءَ کي پوري ملڪ جي حڪمراني به ڏياري سگهي ٿو ته پوءِ پ پ کي ملڪي سياست جو خواب ڏسڻ نه گهرجي. سنڌ جي ڪرپٽ بيوروڪريسي ۽ سنڌ جو مقامي وڏيرو ان خواب جي وچ ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. ضروري آهي ته پ پ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اندر شفافيت سان سرڪاري نوڪرين، سيڪريٽرين، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ايس ايس پيز جي چونڊ جو هڪ معيار قائم ڪري، نه صرف ايترو، بلڪه هر کاتي ۾ انهن آفيسرن جو احتساب ڪري، جيڪي آفيسر نتيجا نه ڏئي سگهن، انهن جون ترقيون روڪيون وڃن. ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن جي ميئرن ۽ ٽائون چيئرمينن کي آرٽيڪل A-140 تحت مڪمل مالياتي ۽ انتظامي اختيار ڏنا وڃن ۽ انهن جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ احتساب جو نظام قائم ڪيو وڃي. سنڌ جي پرائمري تعليم جيڪا تباهه ٿي چڪي آهي، ان کي ڀوتارڪي اسڪول سسٽم مان آزاد ڪرائي جديد اسڪولن ۾ تبديل ڪيو وڃي. گهوسٽ اسڪولن ۽ ماسترن کي هڪدم فعال ڪيو وڃي. جيستائين سنڌ اندر ڪرپشن خلاف “زيرو ٽالرنس” پيدا نه ٿيندي تيستائين ڪرپشن ختم نه ٿيندي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت پنهنجي گورننس اندر بنيادي سڌارا نه آندا ته پوءِ سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي سنڌ ۾ به پنهنجو وجود وڃائي ويهندي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟