مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آڪٽوبر بريسٽ ڪينسر ۽ سيپٽمبر پروسٽيٽ ڪينسر جي آگاهيءَ جو مهينو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

انسان مختلف سماجي معاشي مسئلن کي منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ ڪيترن ئي صحت جي مسئلن کي منهن ڏيندي اهڙي دور ۾ پهتو آهي، جتي ڪيترين ئي لاعلاج بيمارين جو علاج دريافت ٿي چڪو آهي. ڪينسر جهڙو لا علاج مرض هاڻي بروقت سڃاڻپ ۽ اسڪريننگ جي جلدي شروع ڪرڻ سان شروعاتي مرحلي تي خبر پوڻ سبب 100 سيڪڙو علاج جوڳو آهي. ڪنهن وقت ۾ عورتن لاءِ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت ڳالهائڻ گناهه سمجهيو ويندو هو، پر هاڻي آگاهي ۽ شعور عورت کي ان شرم ۽ حياءُ کان ٻاهر ڪڍيو آهي. بيماريءَ کي ڪنهن سماجي شرمندگيءَ سان ڳنڍڻ جو تصور ختم ٿي رهيو آهي، اهو مسئلو صرف عورت سان نه، پر مرد سان به لاڳاپيل آهي. مردن ۾ پروسٽيٽ ڪينسر جي باري ۾ ڳالهائڻ ۽ آگاهيءَ جي مهم اڃان تائين اسان جي معاشري ۾ شروع ئي نه ڪئي وئي آهي. ان ڪري ان بابت ڳالهائڻ لاءِ مردن ۾ ساڳيو شرم وارو رويو موجود آهي. اسان جي سماج جو ڍانچو مرد جي مردانگيءَ تي بيٺل آهي ۽ پروسٽيٽ ڪينسر جي باري ۾ ڳالهائڻ مردانگيءَ تي سوال اٿاري ٿو ۽ بيماريءَ يا تڪليف جو اعتراف ڪرڻ مرد جي ڪمزوري سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن ته بيماري جسم جي ڪنهن به حصي ۾ ٿي سگهي ٿي.
اسان کي پنهنجن سماجي روين کي تبديل ڪرڻو پوندو. آگاهي نه هجڻ سبب ڪيتريون ئي زندگيون هارائي وڃن ٿيون، جن کي پوشيده بيمارين جو نالو ڏئي انهن جي باري ۾ ڳالهائڻ کان روڪيو وڃي ٿو. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته اسان جي سماج ۾ سيپٽمبر ۾ مردن جي آگاهيءَ لاءِ ملڪ ۾ ڪابه مهم نٿي هلائي وڃي. وفاقي ۽ صوبائي صحت حڪومتن کي ان بابت پاليسي ٺاهڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ته ترقي يافته ملڪن ۾ انسان کي عورت ۽ مرد جي فرق کانسواءِ انساني جسم جي عضون کي بنا ڪنهن شرم ۽ حياءُ جي ڳالهائڻ لاءِ همٿايو ويو آهي ته جيئن هو پنهنجن مسئلن کي بنا ڪنهن دٻاءُ جي بيان ڪري سگهن. جڏهن ته اسان وٽ ڪيترائي بيمار ماڻهو سماجي خوف کان پنهنجين بيمارين بابت ڳالهائڻ کان مجبور آهن. 1999ع ۾ آمريڪا جي هڪ اين جي او نيشنل پروسٽيٽ ڪينسر ڪوليشن (NPCC) پاران هن مرض جي آگاهي شروع ڪئي وئي. جنهن کانپوءِ 2001ع ۾ آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش سيپٽمبر کي رسمي طور نيشنل پروسٽيٽ ڪينسر اويئرنيس منٿ قرار ڏنو. جڏهن ته ڊبليو ايڇ او اڃان هن مهم کي عالمي طور تي ملهائڻ جو ڪوبه اعلان ناهي ڪيو. عورتن جي ڇاتيءَ جي ڪينسر لاءِ گلابي ربن جو نشان، جڏهن ته مردن جي هن مرض لاءِ بليو ربن ۽ مڇن جو نشان استعمال ڪيو وڃي ٿو.
هن مرض جا ڪي به حتمي سبب ناهن، پر طبي تحقيق مطابق اهو چيو وڃي ٿو ته جڏهن پروسٽيٽ غدود جي گهرڙن جي ڊي اين اي ۾ تبديلي يا ميوٽيشن ٿئي ٿي ته اهي گهرڙا بي قابو ٿي ورهائجڻ لڳن ٿا. عمر هن بيماريءَ جو سڀ کان وڏو عنصر آهي. 50 سالن جي عمر کانپوءِ مردن ۾ هن بيماريءَ جو خطرو تيزيءَ سان وڌڻ شروع ٿئي ٿو. ڪنهن فرد جي پيءُ، ڏاڏي يا ڀاءُ کي اهو مرض آهي ته ان جو خطرو به ٻيڻو ٽيڻو ٿي وڃي ٿو. ان کان علاوه جينياتي تبديليون جيڪي بريسٽ ڪينسر جو سبب بڻجن ٿيون ته ساڳئي ريت هن مرض جي خطري کي به وڌائين ٿيون. تحقيق مطابق غذا ۾ ڳاڙهو گوشت (ڳائو گوشت) وڌيڪ استعمال ڪن ٿا، انهن ۾ خطرو وڌي وڃي ٿو. ان کان علاوه ٿولهه، سست زندگيءَ وارو طرز عمل. ان کان علاوه جسم ۾ مرداڻي هارمونن جي ميٽا بولزم ۾ توازن ختم ٿيڻ سان به هن بيماريءَ جو خطرو وڌي ٿو. هن بيماريءَ کان بچاءُ جو ڪوبه گارنٽيڊ نسخو ناهي، پر ننڍپڻ ۽ نوجواني کان ئي متوازن، صحتمند ۽ شعوري زندگي گذارڻ سان هن روڳ جي خطري کي گهٽائي سگهجي ٿو. ڪنهن به مرد جي شروعاتي ڏهاڪن کان ئي هيٺيان سڌارا ان کي هن مرض کان محفوظ رکي سگهن ٿا. کاڌي پيتي ۾ ڀاڄين جو وڌيڪ استعمال، جنهن ۾ پالڪ، گوبي، ٽماٽا شامل آهن.
اڄڪلهه هوٽل جو کاڌو يا گهرن ۾ بيڪ ٿيل پروسيسڊ فوڊ کائڻ جو رجحان وڌي ويو آهي. گڏوگڏ بيڪري جي شين ۽ مٺاڻ کائڻ جو استعمال عام آهي، جيڪو هارمونز جي توازن کي خراب ڪري ٿو. ضروري آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به مرد جو وزن ان جي قد کان وڌيڪ آهي ته ان کي پنهنجو BMI چيڪ ڪري وزن گهٽائڻ گهرجي. روزاني ورزش، رانديون کيڏڻ، جسم ۾ سٺي رت جي گردش صحتمند زندگيءَ جي ضمانت ٿي سگهي ٿي. تماڪ ڇڪڻ يا ڪنهن ٻئي نشي واري شيءِ جو استعمال جنهن ۾ نشي جون گوريون يا شراب جو استعمال به هن بيماريءَ جي سببن کي وڌائي سگهي ٿو. اسان ٻارن کي انهن جي مخصوص حصن بابت ڳالهائڻ جي اجازت نٿا ڏيون. ننڍي عمر ۾ جيڪڏهن ڪو ٻار پيشاب جي شڪايت ڪري ٿو يا ڪنهن ٻي تڪليف جو اظهار ڪري ٿو ته ان کي هرگز نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. هن بيماريءَ جي علامتن ۾ پيشاب ۾ دشواري يا پيشاب جو رڪجي اچڻ، بار بار اچڻ، ساڙو يا رت جا ڦڙا نظر اچڻ سان گڏوگڏ چيلهه جي هيٺين هڏين ۾ سور هن بيماريءَ جون علامتون ٿي سگهن ٿيون. هن بيماريءَ کان بچاءُ لاءِ پنهنجي فيملي ڊاڪٽر يا ڪنهن اسپيشلسٽ کان مشورو وٺي 40 سالن جي عمر کان اسڪريننگ ڪرائڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو مرد 70 سالن جي عمر تائين مڪمل طور تي صحتياب آهي ته ان کي به ڊاڪٽر جي مشوري سان اسڪريننگ ڪرائڻ گهرجي. جنهن لاءِ سادي پروٽيسٽ اسپيسيفڪ اينٽيجن (PSA) بلڊ ٽيسٽ ڪافي آهي. صحت بابت ڳالهائڻ جسم جي ڪنهن به عضوي ۾ تڪليف جي شڪايت کي ڊاڪٽر يا گهروارن سان شيئر ڪرڻ کان بلڪل به شرم جو شڪار نه ٿجي ۽ وقت سر مرض کي پڪڙي علاج ڪرائڻ سان زندگي بچي سگهي ٿي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو