11 آڪٽوبر ڇوڪرين جو عالمي ڏينهن ۽ پنوعاقل ۾ ٽن معصوم نياڻين جو سڱ چٽيءَ ۾ سودو
سنڌ جي هڪ معروف اخبار 9 آڪٽوبر 2026ع تي هڪ ٽي ڪالمي خبر شايع ڪئي ته رستم (ضلعي شڪارپور) ڀرسان جرڳو ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ بااثر شخصيت سرپئنچي ڪري شاهه نواز مرڻائي ۽ عثمان قادراڻي جتوئي جي ڌرين ۾ ڪارنهن تحت هلندڙ تڪرار جو فيصلو ڪري ٻنهي ڌرين ۾ راڄوڻي جو نالو ڏئي چٽيءَ ۾ ٽي سڱ ۽ ٻه لک رپيا ڏيڻ جي فتويٰ ٻڌائي. جنهن ۾ ٽي ٻارڙيون خبر موجب هڪ کير پياڪ ڌيءَ منير قادراڻي جنهن جو نڪاح 5 ورهين جي نينگر سان ڪيو ويو، ٻي 7 سالن جي ڌيءَ اڪبر قادراڻي جنهن جو نڪاح 15 سالن جي نينگر سان ڪيو ويو. جڏهن ته 5 ورهين جي ڌيءَ وزير علي قادراڻي جو نڪاح 18 ورهين جي نينگر سان پڙهايو ويو. اهو نڪاح پني عاقل جي ڪچي واسي شهزادي مرڻائي جتوئي پڙهايو ۽ نڪاح کانپوءِ ٻارڙين جي رسمي رخصتي به ڪرائي وئي. دنيا 11 آڪٽوبر تي ڇوڪرين جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي آهي ۽ سنڌ ۾ ڇوڪريون اڃان پنهنجن آئيني حقن کان محروم آهن ئي آهن، پر کين پنهنجن سماجي ڏوهن ۾ ڪنهن وکر وانگر وڪيو وڃي ٿو، جيڪو غلاميءَ جو دور ياد ڏياري ٿو. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهو سڀ ڪجهه هن جديد رياست ۾ ٿي رهيو آهي، جيڪا هڪ اسلامي جمهوري رياست سڏرائي ٿي. جتي هر فرد جو بنيادي حق رياست وٽ محفوظ آهي. هيءَ خبر ڇوڪرين جي عالمي ڏينهن ملهائڻ واري موقعي تي اسان سڀني کي اهو ياد ڏياري ٿي ته جڏهن ڪنهن به قبيلي، خاندان يا گهر جا مڙس يا مرد ماڻهو ڪو ڏوهه ڪن ٿا ته انهن جون نياڻيون خون بها ۽ سڱ چٽيءَ ۾ ڪنهن ڍور وانگر ٻي ڪنهن ڌر جي حوالي ڪري سندن زندگيون ڪيئن تباهه ۽ برباد ڪيون وڃن ٿيون.
جڏهن ته پاڪستان جي قانون ۾ سڌو سنئون سيڪشن 310-A PPC تحت ڪنهن به نياڻيءَ جو سڱ چٽي يا جرڳي ۾ ڏيڻ هڪ وڏو ڏوهه آهي، نڪاح پڙهائڻ واري کي ٽن کان ستن سالن جو قيد ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته اسلامي شريعه جي به خلاف آهي. اسلامي تعليم مطابق ڪنهن هڪ فرد جي ڏوهه جو بار ٻئي جي لاءِ سزا نٿو بڻجي سگهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پني عاقل ۾ تعلقه عدالتون، ايڊيشنل سيشن جج ڪورٽ، سينيئر سول جج ڪورٽس ۽ سکر ۾ اعليٰ سينيئر عدالتون موجود آهن. گڏوگڏ اتي اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊي ايس پي پنوعاقل ۽ ٻارن جي پروٽيڪشن جي لاءِ ادارا پڻ موجود آهن. انهن سڀني ادارن جي موجودگيءَ ۾ ٽي ننڍڙيون معصوم ٻارڙيون جن کي اڃان پنهنجي وجود جو ئي مڪمل احساس ناهي، انهن جا نڪاح پڙهائي انهن کي غير خاندانن جي حوالي ڪيو ويو آهي. هن ايڊيٽوريل جي ذريعي اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي محترم چيف جسٽس کي اپيل ٿا ڪريون ته انهن ٻارڙين کي هڪدم سرڪاري تحويل ۽ محفوظ پروٽيڪشن شيلٽر ۾ وٺڻ جو حڪم ڏنو وڃي. جن اهو جرڳو ڪري فيصلو ڪيو آهي اهي چاهي ڪيترا به طاقتور ڇو نه هجن انهن جي خلاف هڪدم آءِ جي سنڌ ۽ ڊي ايس پي پني عاقل کي فوري طور ايف آءِ آر درج ڪري گرفتار ڪيو وڃي. جن مقامي پوليس عملدارن جي اکين جي اڳيان اهو سڀ غير قانوني عمل ٿيو آهي ۽ انهن پنهنجون اکيون بند ڪيون يا ڏوهارين جا سهولتڪار رهيا، انهن کي پنهنجن عهدن تان معطل ڪيو وڃي. جيڪڏهن پني عاقل جي انهن کير پياڪ ۽ ننڍڙين معصوم ٻارڙين کي اڄ رياست جو قانون ۽ آئين تحفظ نه ڏئي سگهيو ته پوءِ هن قانون جي هجڻ جو ڪهڙو فائدو آهي؟ سنڌ ڌرتيءَ تي جيڪڏهن ٽي معصوم نياڻيون جن جي عمر راند کيڏڻ ۽ اسڪول وڃڻ جي هئي ۽ هڪ معصوم کير پياڪ ٻارڙي آهي ان معصوم نياڻيءَ جي معصوميت جو به لحاظ نه رکيو ويو ۽ انهن کي پنهنجن ئي خاندان جي مردن جي ڪيل ڏوهه ۾ سزا ڀوڳڻ لاءِ الزام مڙهيندڙن جي حوالي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته دنيا سجاڳ ٿي رهي آهي، يونيسيف ڇوڪرين لاءِ عالمي ڏينهن ملهائي رهيو آهي ۽ اسان جي رياست جي اندر ننڍڙيون معصوم ٻارڙيون اڃان تائين 1400 سال اڳ ٿيندڙ نياڻين مٿان ظلمن کان به وڌيڪ ظلم ڀوڳي رهيون آهن. هيءَ رياست جيڪا پاڻ کي اسلامي جمهوريه مملڪت ٿي سڏرائي ان اندر هي عمل هن رياست جي منافقت جو پول به کولي ٿو، جتي قانون جي حڪمراني بدران ظلم جو راڄ قائم آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟