مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڊيانا ايوارڊ: پاڪستاني نوجوانن جي سماجي خدمتن جو عالمي اعتراف

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪنهن به ملڪ جو مستقبل رڳو ان جي قدرتي وسيلن، معاشي ترقي يا حڪومتي منصوبابنديءَ سان نه، پر ان جي نوجوانن جي سوچ، صلاحيتن ۽ سماجي ذميواريءَ سان به جڙيل هوندو آهي. نوجوان جڏهن پنهنجي ذاتي ڪاميابيءَ کان اڳتي وڌي سماج جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن جي حل لاءِ عملي قدم کڻڻ شروع ڪن ٿا ته تبديليءَ جا نوان در کلي پون ٿا. تازو اٺن پاڪستاني نوجوانن کي سماجي خدمتن جي اعتراف ۾ عالمي سطح تي ڏنل ڊيانا ايوارڊ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جي ملڪ ۾ به اهڙي باصلاحيت ۽ ذميوار نوجوان نسل موجود آهي، جيڪا محدود وسيلن باوجود ماڻهن جي زندگين ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. شهزادي ڊيانا جي ياد ۾ 1999ع ۾ قائم ڪيل هي ايوارڊ سماجي خدمت ۽ انسانيت جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪري ٿو. هن سال 44 ملڪن مان 198 نوجوانن کي اهو اعزاز ڏنو ويو، جن ۾ اٺ پاڪستاني نوجوان به شامل آهن. انهن نوجوانن جا ڪم رڳو پنهنجي ذاتي ڪاميابيءَ تائين محدود ناهن، پر صحت، تعليم، قانوني مدد، ماحولياتي مسئلن، عورتن جي خودمختياري ۽ سماجي برابريءَ جهڙن شعبن ۾ عملي جدوجهد جي عڪاسي ڪن ٿا.
انهن مان ساره علي جو ڪم خاص اهميت رکي ٿو، جنهن پاڪستان پوليو پروجيڪٽ ذريعي پوليو جي خاتمي لاءِ ويڪسين بابت غلط معلومات جي تدارڪ، عوام جو اعتماد وڌائڻ ۽ طبي عملي جي مدد لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن ڪميونٽي سطح تي هڪ سئو کان وڌيڪ رضاڪارن کي متحرڪ ڪيو، جيڪي خاندانن ۾ آگاهي پکيڙي رهيا آهن. پاڪستان ۾ پوليو جهڙي روڪڻ لائق بيماريءَ جو اڃا تائين موجود هجڻ رڳو صحت کاتي جي ناڪامي نه، پر سماجي شعور، اعتماد ۽ انتظامي نظام سان لاڳاپيل هڪ وڏو مسئلو پڻ آهي. اهڙي صورتحال ۾ نوجوانن جو اڳتي اچي ماڻهن کي سمجهائڻ ۽ غلط فهميون ختم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. تعليم جي شعبي ۾ اريبا سليمان پاران قائم ڪيل تنظيم ”شي رائز پاڪستان“ ڇهه هزار کان وڌيڪ شاگردن کي فائدو پهچايو آهي. هي منصوبو خاص طور ڇوڪرين جي تعليم ۽ قيادت جي صلاحيتن کي هٿي ڏئي ٿو. اسان جي سماج ۾ اڄ به غربت، اسڪولن کان فاصلو، سماجي پابنديون ۽ سهولتن جي کوٽ سبب ڪيتريون ئي ڇوڪريون تعليم کان محروم رهن ٿيون. اهڙي ماحول ۾ ڇوڪرين کي تعليم سان گڏ اڳواڻيءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ هڪ اهڙو قدم آهي، جيڪو مستقبل ۾ وڌيڪ خوداعتماد ۽ بااختيار سماج جي تعمير ۾ مددگار ٿي سگهي ٿو. قانوني مدد جي ميدان ۾ مريم رحمان پاران شروع ڪيل ”دي پرو جسٽس پروجيڪٽ“ به هڪ اهم مثال آهي. هن منصوبي تحت 250 کان وڌيڪ رضاڪار وڪيلن جو نيٽ ورڪ قائم ڪري هڪ هزار کان وڌيڪ ڪيسن ۾ مدد فراهم ڪئي وئي، جن ۾ هراسان ٿيڻ، امتيازي سلوڪ ۽ قانوني رڪاوٽن کي منهن ڏيندڙ عورتن جا ڪيس پڻ شامل آهن. قانون موجود هجڻ ڪافي ناهي، اصل اهميت ان ڳالهه جي آهي ته عام ماڻهو، خاص طور ڪمزور طبقن جا ماڻهو، پنهنجا قانوني حق ڄاڻي ۽ انصاف تائين رسائي حاصل ڪري سگهن. اهڙيون ڪوششون انصاف جي نظام تائين پهچ کي آسان بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. محمد ابراهيم آفتن کانپوءِ بحاليءَ لاءِ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪري هڪ نئون مثال قائم ڪيو. هن ڊجيٽل نقشي سازي ۽ ميداني سروي ذريعي پنجاب ۾ لڳ ڀڳ ٽي لک ٻوڏ متاثر خاندانن جي نقصانن جو جائزو وٺڻ ۽ معاوضي جي منصوبابنديءَ ۾ مدد ڪئي. ان کانسواءِ مريءَ ۾ لڳ ڀڳ چار هزار خاندانن لاءِ ڇتين تي برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ جا مفت نظام فراهم ڪرڻ ۾ پڻ ڪردار ادا ڪيو. هي ڪم ٻڌائي ٿو ته جديد ٽيڪنالاجي رڳو وڏن ادارن يا ڪاروباري مقصدن لاءِ نه، پر عام ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿي. سنڌ جي حوالي سان علي اذان احمد منج جو ڪم خاص طور ڌيان ڇڪائي ٿو، جنهن ”هيومينٽي انيشي ايٽو“ ذريعي ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ صحت جي سهولتن تائين پهچ وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. ٽن يونيورسٽين ۾ قائم شاخن وسيلي هڪ هزار کان وڌيڪ شاگرد رضاڪارن کي متحرڪ ڪيو ويو ۽ ڏهه هزار کان وڌيڪ مريضن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون. اهڙي وقت ۾، جڏهن صحت جون بنيادي سهولتون اڃا تائين ڪيترن ئي علائقن ۾ عام ماڻهن جي پهچ کان پري آهن، نوجوانن جي اهڙي شموليت ساراهه جوڳي آهي. ساڳئي وقت اها ڳالهه به وسارڻ نه گهرجي ته صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي بنيادي ذميواري آهي؛ رضاڪاراڻيون ڪوششون ان جو متبادل نٿيون بڻجي سگهن. نور عبدالغني سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضيءَ جي شعبن ۾ ڇوڪرين جي شرڪت وڌائڻ لاءِ ”ونسائي پاڪستان“ قائم ڪيو، جڏهن ته ريا ياسر خواجه ماهواريءَ بابت سماجي غلط فهمين ۽ شرمندگيءَ واري رويي کي ختم ڪرڻ سان گڏ ماهواريءَ دوران صفائيءَ لاءِ ضروري شين جي فراهميءَ تي پڻ ڪم ڪيو. وشال پرڪاش پنهنجي اداري ”روبان“ ذريعي ڪراچي، لاهور ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٻن سون کان وڌيڪ عورت هنرمندن کي باقاعده مارڪيٽن سان ڳنڍيو، جنهن سان انهن جي هنر جي شين جي وڪري مان پنجاهه لک رپين کان وڌيڪ آمدني پيدا ٿي. سندس ٻيو منصوبو پناهگيرن ۽ لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن کي مالي ۽ قانوني معاملن بابت ڄاڻ ڏيڻ تي ڌيان ڏئي ٿو. اهي مثال واضح ڪن ٿا ته عورتن جي تعليم، صحت ۽ معاشي خودمختياري سماجي ترقيءَ جا بنيادي شرط آهن.
انهن اٺن نوجوانن جي ڪاميابين تي خوش ٿيڻ سان گڏ اسان کي پنهنجي سماجي ۽ حڪومتي ترجيحن تي به غور ڪرڻ گهرجي. آخر نوجوانن کي اهي مسئلا پاڻ حل ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش اچي ٿي، جن جي ذميواري رياستي ادارن تي آهي؟ پوليو جو خاتمو، معياري تعليم، صحت جون سهولتون، قانوني تحفظ، ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ عورتن کي معاشي موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي بنيادي ذميوارين ۾ شامل آهن. نوجوانن جون ڪوششون انهن شعبن ۾ اهم مددگار ٿي سگهن ٿيون، پر انهن کي مستقل پاليسين، مالي سهائتا ۽ ادارن جي تعاون سان ڳنڍڻ ضروري آهي. اسان وٽ اڪثر نوجوانن جي صلاحيتن جو ذڪر ته ڪيو ويندو آهي، پر عملي طور کين فيصلا سازي، تحقيق، سماجي منصوبن ۽ اڳواڻيءَ جا مناسب موقعا گهٽ ملندا آهن. تعليمي ادارن، حڪومت، خانگي شعبي ۽ سماجي تنظيمن کي گهرجي ته نوجوانن جي مثبت قدمن جي حوصلا افزائي ڪن، انهن جي منصوبن کي وسيلن ۽ رهنمائيءَ سان مضبوط بڻائين ۽ سماجي خدمتن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪن. ڊيانا ايوارڊ حاصل ڪندڙ پاڪستاني نوجوانن جي ڪاميابي رڳو اٺن فردن جو اعزاز ناهي، پر پوري نوجوان نسل لاءِ هڪ پيغام آهي ته تبديليءَ جي شروعات لاءِ وڏي عهدي، دولت يا اختيار جي ضرورت ناهي، ضرورت آهي احساس، علم، همت ۽ عملي قدم کڻڻ جي. ساڳئي وقت اهو رياست ۽ سماج لاءِ به هڪ سوال آهي ته ڇا اسان پنهنجي نوجوانن کي اهڙا موقعا ۽ سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون، جن سان سندن صلاحيتون ملڪ جي اجتماعي ترقيءَ ۾ ڪم اچي سگهن؟ ڇو ته جنهن ملڪ جا نوجوان ٻين جا مسئلا پنهنجا سمجهي حل ڪرڻ لاءِ اڳتي اچن ٿا، ان ملڪ جو مستقبل اميد سان روشن رهي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو