ڪراچي يونيورسٽي ۾ جماعت اسلامي جي شاگردن جي غنڊه گردي ۽ سنڌ جو تعليمي نظام
سنڌ جي گاديءَ جي شهر ڪراچيءَ ۾ ڪجهه ڏينهن کان معمول کان وڌيڪ ڏوهن واريون ڪارروائيون نظر اچي رهيون آهن، جيڪي غير يقيني واري صورتحال کي جنم ڏئي رهيون آهن. 9 جولاءِ 2026 تي ڪراچي يونيورسٽي جي بين الاقوامي لاڳاپن واري شعبي ۾ ٻن شاگرد تنظيمن جي وچ ۾ معمولي تلخ ڪلامي تان جهيڙو شروع ٿيو، جيڪو ڪلاس رومن ۽ اسٽاف رومن تائين لٺين ۽ ڏنڊن جي استعمال تائين پهتو. ان دوران وچ ۾ پوندڙ ڪجهه استاد پڻ زخمي ٿيا. جهيڙي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 شاگرد زخمي ٿيا آهن جن جو تعلق سنڌ جي ننڍن ڳوٺن ۽ شهرن سان آهي. ڪجهه شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ جماعت اسلامي جي شاگردن ابوالحسن اصفهاني روڊ تي احتجاج پڻ ڪيو. انتظاميه جو موقف آهي ته واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي وڃي ته معلوم ٿي سگهي ته ان واقعي ۾ ٻاهريان عنصر يا غير لاڳاپيل ماڻهو ته شامل نه هئا.
ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبلي جي فلور تي بيهي هڪ سياسي جماعت جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر تقرير ڪندي اها ڌمڪي ڏني ته ڇا ماڻهن کان ڪراچيءَ جون ٻوري بند لاشون وسري ويون آهن ۽ پوءِ نوجوانن، ٻارن جن کي مدرسن ۾ جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي پوءِ قتل ڪيو وڃي ٿو يا گلين مان اغوا ڪيل ٻار انهن کي قتل ڪري ٻورين ۾ بند ڪري اڇلائي سڄي شهر کي هڪ ڀيرو وري دهشتزده ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. ائين ٿو لڳي ته اهو سڀ ڪنهن رٿيل سازش جو نتيجو هجي. هن وقت ملڪ هڪ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي بحران جو شڪار آهي. ملڪ ۾ اقتصادي ترقي جا هدف پورا نه ٿي سگهيا آهن. 1950ع کان وٺي 1980ع تائين جڏهن دنيا ٻن بلاڪن (آمريڪا ۽ سوويت يونين) ۾ ورهايل هئي، تڏهن آمريڪا جي سڀ کان وڏي ترجيح اها هئي ته ايشيا ۽ خاص ڪري پاڪستان ۾ سوشلسٽ يا ڪميونسٽ نظريا اڳتي نه وڌي سگهن. ان مقصد لاءِ آمريڪا هميشه پاڪستان جي مذهبي ۽ ساڄي ڌر جي قوتن کي هڪ نظرياتي ڍال طور ڏسندو ۽ پٺڀرائي ڪندو رهيو. ڇاڪاڻ ته مذهبي تنظيمون سوويت يونين جي ڪميونسٽ نظام جون سخت مخالف هيون. 70ع ۽ 80ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچي يونيورسٽي سميت سنڌ جا تعليمي ادارا کاٻي ڌر جي شاگرد تنظيمن جيئن نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (اين ايس ايف) ۽ قومپرست تحريڪن جا ڳڙهه هئا، جيڪي جاگيرداري، سرمائيداري ۽ آمريڪي سامراج خلاف پنهنجو آواز بلند ڪندا رهندا هئا.
اشرافيه کي اها ترقي پسند سياست پنهنجن مفادن خلاف لڳندي هئي. ان ڪري يونيورسٽين جي ڪئمپسن تي انهن ترقي پسند قوتن جو زور ٽوڙڻ لاءِ مذهبي تنظيمن جي حوصلا افزائي ڪئي وئي. جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ جڏهن آمريڪا (سي آءِ اي) ۽ پاڪستان سوويت يونين خلاف افغان جهاد شروع ڪيو تڏهن مذهبي تنظيمن ۽ مدرسن کي سڌي ريت مالي، سياسي ۽ دفاعي پٺڀرائي ملي. پئسو ۽ هٿيار يونيورسٽين تائين پهتا. جنهن سان مذهبي شاگرد تنظيمن کي جيڪا طاقت ملي ان جا نتيجا اڄ ڏينهن تائين سماج ڀوڳي رهيو آهي. 11/9 کانپوءِ آمريڪا مذهبي تنظيمن کي پنهنجي حمايت ڏيڻ بند ڪئي، بلڪه اهي سندن نظر ۾ بنياد پرست ۽ انتها پسندي جي دائري ۾ اچي ويا. هن وقت جيڪي يونيورسٽين ۾ جهيڙا ٿي رهيا آهن، اهي ڪنهن عالمي ايجنڊا جي تحت نظر نٿا اچن، بلڪه مقامي سطح تي پنهنجي ماضيءَ وارو سياسي اثر قائم ڪرڻ لاءِ هاسٽلن تي قبضن، ايڊميشن ڪوٽا يا پنهنجي طاقت جي مظاهري لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي. جمعيت علماءِ اسلام خاص طور تي جي يو آءِ ايف جي موجوده سياسي حالت کي ڏٺو وڃي ته ڪافي پيچيده، پر اهم نظر ايندي. هيءَ اها پارٽي آهي جنهن وٽ بظاهر اڪثريت نه هوندي به پنهنجي هڪ خاص حڪمت عملي ۽ مذهبي نيٽورڪ ۽ پارلياماني جوڙجڪ جي ڪري هميشه “پاور بروڪر” واري حيثيت ۾ رهي ٿي. مولانا فضل الرحمان سياسي شطرنج جو هڪ اهڙو مهرو آهي جنهن سان ڪابه حڪومت ناراض نٿي رهي سگهي. هن وقت خيبر پختونخواهه ۾ جمعيت جو سياسي ڳڙهه موجود آهي. پي ٽي آءِ کانپوءِ ٻئي نمبر تي جمعيت علماءِ اسلام (ف) گروپ جي سياسي پوزيشن مضبوط آهي. بلوچستان ۾ به هن جماعت پنهنجو پاڻ کي قبيلائي نظام ۽ مذهبي لاڙن جي ڪري مضبوط ڪيو آهي. جڏهن ته سنڌ جي سياست ۾ جمعيت جي حالت ٻن حصن ۾ نظر اچي ٿي. سنڌ جي ڪجهه شهرن سکر، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جي ڪجهه حصن ۾ جمعيت پيپلز پارٽي مخالف اتحادن سان گڏجي هڪ سياسي قوت طور خطرناڪ حد تائين اڳيان آئي آهي.
اتي سندن مدرسن جو هڪ وسيع نيٽورڪ موجود آهي، جيڪو اليڪشن ۾ ووٽ بينڪ جي صورت ۾ اڳيان اچي ٿو. ڪراچيءَ ۾ وٽن ڪا گهڻي پارلياماني اڪثريت ناهي، پر وڏي شهر جي تعليمي ادارن ۾ هن جماعت جا شاگرد ۽ ڪارڪن هڪ منظم گروپ ۾ موجود هجڻ ڪري پنهنجي سياست جي اسٽريٽ پاور کي استعمال ڪري سياسي دٻاءُ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ جيڪڏهن هن پارٽيءَ جي نيٽورڪ کي ڪمزور نه ڪيو ويو ته هڪ ڏينهن هيءَ پارٽي سنڌ جي نوجوانن کي صرف تعليمي ميدانن مان نه بلڪه اقتصادي شعبن مان ۽ زندگيءَ جي هر اهم شعبي مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، جنهن جو عملي مظاهرو 9 جولاءِ 2026 تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اسڪولن جي حالت کي بهتر ڪري، هر ٻار بنا ڪنهن صنفي فرق جي اسڪول ۾ رجسٽرڊ ٿيڻ گهرجي، غريب ٻارن کي ڪتاب، يونيفارم مفت ملڻ گهرجن، والدين جي ڪائونسلنگ ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ته غريب والدين کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ فنڊنگ ڪري انهن ٻارن کي هر حال ۾ اسڪولن تائين آندو وڃي، جتي انهن کي جديد تعليم سان آراسته ڪري ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ سرمائي طور تيار ڪيو وڃي. هن وقت سنڌ جي ڪمزور تعليمي نظام جمعيت جي مدرسن کي وڌڻ ۽ ويجهڻ جو موقعو ڏنو آهي، جنهن کين اها طاقت ڏني آهي ته اهي سنڌ جي شاگردن کي يونيورسٽين ۾ تشدد جو نشانو بڻائي ۽ پنهنجي دهشتگرديءَ سان پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري سگهن.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟