مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

گئس پيدا ڪندڙ سنڌ اڄ به گئس جي سهولت کان محروم ڇو؟

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي زمين مان نڪرندڙ قدرتي گئس ملڪ جي صنعتن، بجلي گهرن ۽ شهرن جي چُلهن کي ٻارڻ فراهم ڪري ٿي، پر ساڳئي سنڌ جا ڪيترائي ڳوٺ ۽ پٺتي پيل علائقا اڄ به قدرتي گئس جي بنيادي سهولت کان محروم آهن. صورتحال جي سنگينيءَ جو اندازو پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس (PBS) جي 2023ع جي ڊجيٽل مردم شماريءَ مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن موجب ٿرپارڪر ضلعي ۾ رڳو 1.5 سيڪڙو گهرن ۾ گئس، LPG يا LNG کي پچائڻ لاءِ مکيه ٻارڻ طور استعمال ڪيو پئي ويو، جڏهن ته عمرڪوٽ ۾ اهو تناسب صرف 1.8 سيڪڙو هو. ان جي ابتڙ ڪراچي سينٽرل ۽ ڪورنگي ضلعن ۾ اهو تناسب 98.7 سيڪڙو هو. هي انگ اکر سنڌ اندر توانائيءَ جي سهولتن جي ورڇ ۾ موجود انتهائي وڏي فرق کي واضح ڪن ٿا. هي انگ اکر رڳو گئس جي کوٽ جو داستان ناهن، پر ملڪ جي توانائي پاليسي ۽ وسيلن جي ورڇ بابت هڪ وڏو سوال به اٿارين ٿا. خاص طور تي ٿرپارڪر جهڙي ضلعي لاءِ، جتي ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪري قومي گرڊ کي فراهم ڪئي پئي وڃي، اتي عام ماڻهوءَ جو ڪاٺيون ساڙي چُلهو ٻارڻ هڪ تلخ تضاد آهي. ملڪ کي بجلي فراهم ڪندڙ علائقي جا رهواسي پنهنجي گهرن ۾ بنيادي توانائيءَ لاءِ به قدرتي گئس جي سهولت کان محروم هجن ته پوءِ ترقيءَ جي دعوائن کي ڪهڙي معيار سان پرکيو وڃي؟
سنڌ ملڪ جي قدرتي گئس جي اهم پيدا ڪندڙ صوبن مان هڪ آهي. 2023ع ۾ سنڌ حڪومت طرفان وفاق سان ٿيل ڳالهين دوران سنڌ مان ملڪ جي ڪل گئس پيداوار جو لڳ ڀڳ 62 کان 63 سيڪڙو حاصل ٿيڻ جو موقف سامهون آيو هو. گئس جي پيداوار ۾ سنڌ جو هي اهم حصو ان ڳالهه جو تقاضو ڪري ٿو ته صوبي جي عوام کي به توانائيءَ جي بنيادي سهولتن مان مناسب حصو ملي، پر زميني حقيقتون ان جي ابتڙ نظر اچن ٿيون. قدرتي گئس جي ورڇ جو مسئلو نئون ناهي. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 158 تحت، جنهن صوبي اندر قدرتي گئس جو ذريعو موجود هجي، ان صوبي کي ان ذريعي مان پيدا ٿيندڙ گئس جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ ترجيح حاصل آهي، البته، آئيني شق تحت اڳ ۾ ٿيل واعدن ۽ ذميوارين کي به نظر ۾ رکڻ لازمي آهي. هي آئيني اصول ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿو ته وسيلن سان مالا مال صوبي جي مقامي ضرورتن کي نظرانداز نه ڪيو وڃي، پر عملي صورتحال اها آهي ته سنڌ جا ڪجهه پيداواري علائقا اڃا تائين گئس جي بنيادي نيٽ ورڪ کان محروم آهن.
مسئلو رڳو بندش جو ناهي، پر شيڊول تي عملدرآمد جو به آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ صارفين جي شڪايت آهي ته گئس مقرر ڪيل وقت کان اڳ ئي بند ٿي وڃي ٿي. مثال طور، جيڪڏهن ڪنهن علائقي لاءِ گئس بند ٿيڻ جو وقت مقرر ٿيل هجي ۽ ان کان 15 يا 20 منٽ اڳ ئي فراهمي روڪي وڃي ته عام ماڻهوءَ لاءِ اهو معمولي فرق ناهي. گهرن ۾ ماني پچائڻ، ٻارن لاءِ ناشتو تيار ڪرڻ يا ڪم تي ويندڙ ماڻهن لاءِ کاڌو ٺاهڻ جهڙا روزمره جا ڪم ان اوچتي بندش سبب متاثر ٿين ٿا. صارف کي گهٽ ۾ گهٽ ايتري پڪ ضرور هجڻ گهرجي ته اعلان ڪيل شيڊول تي عمل ٿيندو. ٻئي طرف ملڪ ۾ گئس جي مجموعي بحران کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. مقامي گئس جي پيداوار ۾ ڊگهي عرصي کان گهٽتائي، درآمدي LNG تي وڌندڙ ڀاڙڻ ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۽ فراهميءَ جي غير يقيني صورتحال پاڪستان جي توانائي نظام تي دٻاءُ وڌايو آهي. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت لاءِ توانائيءَ جي کوٽ کي منظم ڪرڻ يقينن ڏکيو ڪم آهي، پر ان جو سڄو بار عام صارف تي وجهڻ به ڪنهن صورت ۾ مناسب ناهي.
گئس جي کوٽ جو ٻيو سڌو اثر LPG جي استعمال ۾ واڌ جي صورت ۾ سامهون اچي ٿو. جڏهن گهرن ۾ پائپ لائين ذريعي گئس نه اچي يا پريشر ايترو گهٽ هجي جو چُلهو به نه ٻري، تڏهن ماڻهو مجبوريءَ ۾ LPG سلينڊر خريد ڪن ٿا، پر LPG جي قيمت وڌڻ سان غريب ۽ وچولي طبقي جي گهريلو بجيٽ تي اضافي بار پوي ٿو. گئس جي فراهميءَ ۾ کوٽ دوران جيڪڏهن LPG سرڪاري مقرر ڪيل اگهن کان وڌيڪ قيمت تي وڪرو ٿئي ته اها صورتحال عوام لاءِ ٻٽي سزا بڻجي وڃي ٿي. هڪ طرف گئس موجود ناهي، ٻئي طرف متبادل ٻارڻ به مهانگو ملي ٿو.
حڪومت کي هاڻي رڳو گئس لوڊشيڊنگ جا شيڊول جاري ڪرڻ بدران توانائيءَ جي ورڇ بابت ڊگهي مدي واري ۽ منصفاڻي پاليسي جوڙڻي پوندي. ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ڪاڇي ۽ سنڌ جي ٻين پٺتي پيل علائقن ۾ گئس پائپ لائينن جي توسيع، منظور ٿيل گئسيفڪيشن اسڪيمن جي تڪميل ۽ گئس پيدا ڪندڙ ضلعن کي بنيادي سهولتن جي فراهميءَ ۾ ترجيح ڏيڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن علائقي مان قومي معيشت لاءِ توانائي جا وسيلا حاصل ٿين ٿا ته ان علائقي جي رهواسين کي بنيادي توانائيءَ کان محروم رکڻ ترقيءَ جي متوازن تصور سان مطابقت نٿو رکي. ساڳئي وقت سوئي سدرن گئس ڪمپني ۽ لاڳاپيل ادارن کي گئس جي لوڊشيڊنگ بابت شفاف ۽ قابلِ اعتماد نظام قائم ڪرڻ گهرجي. صارفين کي اڳواٽ واضح شيڊول ڏنو وڃي، ان تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪنهن فني سبب جي ڪري مقرر وقت کان اڳ يا وڌيڪ دير تائين گئس بند ڪرڻي پوي ته عوام کي بروقت آگاهه ڪيو وڃي. LPG جي مارڪيٽ ۾ به سرڪاري اگهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ريگيوليٽري ادارن کي اثرائتي نگراني ڪرڻي پوندي. سنڌ جي وسيلن مان ملڪ کي روشني، صنعت ۽ توانائي ملي ٿي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن وسيلن جي پيدا ڪندڙ سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي گهر ۾ به روشني ۽ چُلهو يقيني بڻايو وڃي. ٿر مان پيدا ٿيندڙ بجلي جيڪڏهن قومي گرڊ کي روشن ڪري ٿي ته ٿر جي ڪنهن ڳوٺاڻي گهر جو چُلهو دونهين سان ڇو ٻرڻ گهرجي؟ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ رڳو انتظامي معاملو ناهي، اها وفاقي انصاف، آئيني حق ۽ عوامي برابريءَ جو سوال آهي. سنڌ جي گئس بابت موجود صورتحال حڪومت کان رڳو واعدا نه، پر عملي قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ٿي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو