نئين راند: محسن نقوي جي تاجرن اڳيان صوبن لاءِ منٿ ۽ ايس ٽي پي رهنما جي تاجرن کي پرتشدد ڌمڪي!
هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ايس ٽي پي جي رهنما جو هڪ پريشان ڪندڙ بيان نظر مان گذريو، جنهن ۾ هو اها ڳالهه ڪري رهيو آهي ته سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه ڪرڻ تي هن ڪراچيءَ جي تاجرن ڏانهن پنهنجا وفد موڪليا آهن ۽ پوءِ انهن کي هڪ کليل ڌمڪي ڏيندي چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن اهي سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه ڪرڻ کان باز نه آيا ته کين ڪراچيءَ ۾ واپار ڪرڻ نه ڏنو ويندو ۽ کين ڪراچيءَ مان پنهنجو سرمايو ڪڍڻ تي مجبور ڪيو ويندو. هن وقت عوام اهڙن سياستدانن کي شڪ جي نظر سان ڏسي ٿو، جيڪي امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. 30 سيپٽمبر 1988ع وارو واقعو تاريخ جو حصو آهي، اهو اڃان تائين عوام جي ذهنن تان ميسارجي نه سگهيو آهي. ان واقعي کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ پهرين آڪٽوبر تي سنڌين جو قتل عام ٿيو ۽ سنڌ هڪ اهڙي باهه ۾ سڙڻ لڳي جنهن جي گرمي اڄ به اسان کي محسوس ٿئي ٿي. حيدرآباد سانحي کانپوءِ سياسي ميدان ۾ تشدد ۽ هڪٻئي کي نقصان ڏيڻ وارو رد عمل سياست جو حصو بڻجي ويو ۽ ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته هاڻي سياست ڪٺ پتليءَ جو کيل بڻجي چڪي آهي. جڏهن ته سياستدان يا قومپرست قيادت وٽ پنهنجي عملي جدوجهد جو ڪو واضح سياسي منشور هجڻ گهرجي.
ڪنهن سياسي ليڊر کي ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ بيهي اوچتو ئي اهڙا پرتشدد يا غير حقيقي بيان ڏيڻ ان ڳالهه جو ثبوت ٿي سگهن ٿا ته اهي هڪڙو پٿر اڇلائي بيٺل پاڻيءَ کي متحرڪ ڪرڻ جي راند کيڏڻ جو حصو بڻجي رهيا آهن. طاقتور ڌريون جڏهن به ملڪي، صوبائي يا ڪنهن به خطي ۾ حالتون تبديل ڪرڻ چاهينديون آهن ته انهن جو ڊزائين اهو ئي هوندو آهي ته اهي پهرين ماحول کي ننڍن ننڍن اوزارن سان بي يقيني جي صورتحال ۾ تبديل ڪنديون آهن. شهري طبقن ۽ تاجرن جي اندر خوف ۽ حراس وارو ماحول پيدا ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ اهڙا بيان ڏيڻ وارا ماڻهو پاڻ سان گڏ پنهنجا هم خيال ماڻهو گڏ ڪري هڪ ڌڙو ٺاهي وٺندا آهن جيڪي انهن حالتن مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن. جڏهن ته سنڌ صوبو روشن فڪر طبقن ۽ روشن خيال ماڻهن سان سياست ڪرڻ چاهي ٿو، هن صوبي ۾ سنڌي هجڻ جي هڪ نئين تشريح اڀري رهي آهي، اهڙي وقت ۾ اسان جي رهنمائن کي جذباتي اشتعال کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ ڪابه اهڙي ڳالهه ڪرڻ کان پهرين سوچڻ گهرجي، جيڪا سياسي ۽ لساني رد عمل پيدا ڪري سگهي. اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا قومپرست ليڊر 1990ع جي ڏهاڪي واري ايم ڪيو ايم جي سياست سان ڀيٽي سگهجن ٿا، جن جي سياست ڌمڪين، ڀتي واري ۽ پر تشدد سياست هئي. ماضيءَ ۾ به رياستي ادارن تي اهو الزام لڳندو رهيو آهي ته اهي سياست کي پنهنجي مرضيءَ سان هلائڻ لاءِ خاص اڳواڻن ۽ تنظيمن کي استعمال ڪندا هئا.
هن وقت سنڌ جون قومپرست پاريٽون جن کي سنڌ جي وسيلن، پبلڪ پاليسي ۽ وسيع تر مفاد ۾ پنهنجون پر امن تحريڪون هلائڻ گهرجن. اهڙي وقت ۾ ايم ڪيو ايم جي ڊزائين تي سياست ڪرڻ، ڌمڪيون ڏيڻ ڪنهن به صورت ۾ سنڌ لاءِ نتيجو ڏيندڙ ثابت نٿي ٿي سگهي. اهو بلڪل ايئن ئي آهي جيئن هڪڙي ئي اسٽيج تي محسن نقوي سياسي تاجرن کان پاڪستان ٽوڙائڻ جي ڳالهه ڪري رهيو هجي ته ٻئي پاسي ايس ٽي پي جو ليڊر تاجرن کي ڌمڪيون ڏئي رهيو هجي ته جيئن سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ڪراچيءَ بابت سوال اڀرن ۽ اهڙو ماحول پيدا ٿئي جنهن سان بدامني پيدا ٿئي ۽ سنڌ دشمني ڪندڙ ماڻهن کي مظلوم بنجڻ جو موقعو فراهم ٿي سگهي ۽ واپارين يا سيڙپڪارن پاران اهڙي هلچل پيدا ٿئي جنهن سان سنڌ جي وحدت تي سوال اڀرن ۽ اهو ايڪشن ۽ ري ايڪشن وارو ماحول هڪ عام شهري جو سڄو ڌيان اصلي مسئلن تان هٽائي وري شهرن اندر هڪ لساني ۽ خوف جي سياست ۾ تبديل ٿي وڃي. هن وقت اها ڌمڪي سنڌ جي حقيقي سياسي ڪيس کي خراب ڪرڻ برابر آهي. جنهن جو جواب سنڌ جي باشعور دانشورن ۽ اهڙن سياسي رهنمائن کي ڏيڻ گهرجي، جيڪي پرامن، فڪري پختگي ۽ آئيني جدوجهد سان سياست جي ميدان ۾ لٿل آهن، انهن کي ڪراچيءَ جي چيمبر آف ڪامرس سان گڏجي سنڌ بزنس ڪائونسل جهڙو ڪو مستقل، بااعمتاد ۽ فعال پليٽ فارم ٺاهي، سنڌ جي چيمبر آف ڪامرس جي مختلف صنعتي ايسوسئيشنن جو ميمبر ڪري سنڌ جي وحدت سان ڳنڍڻ گهرجي. اميد آهي ته اسان جا روشن خيال ۽ پر امن سياست ۾ يقين رکڻ وارا سياستدان هن طرف ضرور ڌيان ڏيندا. هن وقت سنڌ کي پرامن ۽ گڏجي رهڻ واري فڪر جي ضرورت آهي، نه ڪي ڌمڪين واري سياست جي. اهڙي سياست نه ماضيءَ ۾ سٺا نتيجا ڏنا ۽ نه ئي مستقبل ۾ ڪي نتيجا ڏئي سگهي ٿي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟