ملڪي سياسي بساط جي ڪوئين/وزير ڪير هوندو، منظر نامو تبديل ٿيڻ جا اشارا
پاڪستان جو اردو ميڊيا هڪ ڀيرو ٻيهر تمام زور ۽ شور سان نون صوبن جو ايجنڊا کڻي عوامي ذهن سازيءَ ۾ رڌل آهي. ارڙهين ترميم پاڪستان جي سياسي ۽ اشرافيائي نظام جي مٿان اهڙو ته ڪاري ڌڪ هنيو جو ان کانپوءِ اهو نظام ننگي تلوار کڻي وحشت زده بڻجي ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ لاءِ مسلسل وڙهي رهيو آهي. 18هين کانپوءِ 19هين ترميم ڪري سپريم ڪورٽ جي ججن جي مقرري واري جڊيشل ڪميشن ۽ پارلياماني ڪميٽيءَ جي اختيارن ۾ ابهامن کي ختم ڪيو ويو. 20هين ترميم ذريعي چونڊن کي شفاف بنائڻ ۽ نگران حڪومت جي قيام بابت ضابطا جوڙيا ويا ۽ ECP کي خود مختيار بڻايو ويو، جيڪا اڄ ڏينهن تائين خود مختيار نه ٿي سگهي آهي. 21هين ترميم ذريعي پشاور APS واري دل ڏاريندڙ واقعي کانپوءِ ملڪ ۾ دهشتگردي ٽوڙ لاءِ تيز رفتار انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ مليٽري ڪورٽن جو قيام عمل ۾ آيو، پر دهشتگردي ختم نه ٿي سگهي. 22هين ترميم ۾ اليڪشن ڪميشن جي چيف ۽ ميمبرن جي تقرري لاءِ قابليت ۽ معيار کي وسيع ڪندي بيوروڪريسي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ماهرن جي لاءِ جاءِ پيدا ڪئي وئي، پر اليڪشن سڌارا نه اچي سگهيا. 23هين ترميم ذريعي مليٽري ڪورٽن جي ختم ٿيل مدت کي ٻن سالن لاءِ وڌايو ويو. 24هين ترميم ذريعي 2017ع جي آدمشماريءَ جي ابتدائي نتيجن جي بنياد تي قومي اسيمبليءَ جي سيٽن جي صوبن واري ورڇ کي ٻيهر ترتيب ڏئي EC کي نئين سر تڪبنديون ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. 25هين ترميم ذريعي فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪيو ويو.26هين ترميم ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچن جو قيام عمل ۾ آندو ويو.
پراڻو چيف جسٽس جو مقرريءَ وارو طريقو بدلايو ويو. 27هين ترميم ذريعي آئيني، بنيادي حقن، صوبائي تڪرارن جي ٻڌڻيءَ جو اختيار سپريم ڪورٽ جي عام بينچن کان ڦري ڌار آئيني بينچن ۽ نئين آئيني نظام حوالي ٿيو. ان کان اڳ عدليه، انتظاميه ۽ پارليامينٽ جي آئين کان ٻاهر کنيل قدمن تي نظر رکندي هئي. ترميمن کانپوءِ عدليه جو مانيٽرنگ وارو حق ڪنٽرول هيٺ اچي ويو آهي. 27هين ترميم ذريعي سروسز چيفس جي مدت ٽن سالن مان پنج سال ڪرڻ، عسڪري قيادت جي آئيني اختيار ۾ واڌ جو فائدو حڪومتي ۽ طاقتور حلقن کي سياسي نوڪريءَ جي صورت ۾ مليو. جنهن سان فردِ واحد جا حق پارليامان جي اڪثريت کان اڳتي نڪري ويا. هاءِ ڪورٽن ۽ سپريم ڪورٽ کان آئيني معاملا آئيني بينچن ڏانهن وڃڻ سان في الحال شهرين ۽ عدالتن وچ ۾ سمجهه جو الجهاءُ آهي. هاڻي 28هين ترميم جي نالي تي سياسي نظام ۾ صدارتي ڍانچو آڻڻ يا مقامي سطح تي غير جماعتي چونڊن جو خيال ڏنو پيو وڃي. ملڪ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته هر نئين آرمي چيف جي اچڻ کانپوءِ پاڪستان جو سياسي نظام ڪمزور ٿيو آهي. جنهن ۾ ڏوهه صرف طاقتور ڌرين جو نه، پر انهن چونڊيل سياسي نمائندن جو پڻ آهي، جن جو سياسي اختلاف، ڪرپشن ۽ طاقت جي حصول جي لالچ جمهوريت کي ڪمزور ڪيو آهي. عوام اليڪشن واري نظام تي ڀروسو نٿو ڪري. مٿين آئيني تبديلين تي نظر وجهبي ته خبر پوندي ته پاڪستان جي آئيني بنيادي ڍانچي کي هوريان هوريان تبديل ڪري پارلياماني نظام مان صدارتي نظام ڏانهن موڙيو پيو وڃي. جيڪڏهن 28هين ترميم ذريعي آرٽيڪل 239 (4) کي ختم ڪري صوبائي اسيمبلين جي منظوري کانسواءِ صوبن جون حدون مٽائڻ جي راهه ڪڍي وئي ته پوءِ آئين کي چئلينج ڪرڻ وارن کي آزاد عدليه جو فيصلو به نصيب نه ٿي سگهندو. هن وقت ملڪي سياست ۾ هڪ اهڙي شطرنج جي بساط وڇائي وئي آهي، جتي قانون جا ٿنڀ، آئيني ضمانتون ۽ عوام جو مقدر شطرنج جي رانديگرن جي مرضيءَ موجب بدلايو پيو وڃي. 28هين ترميم هڪ نئين چالبازيءَ سان شروع ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ ملڪي آئين جو آرٽيڪل 239 (4) جو تحفظ ۽ صوبائي خود مختياري ضياءُ الحق جي چيل جملي مطابق ته آئين صرف هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو آهي ان کي هاڻي پنهنجي مرضيءَ سان موڙي سگهڻ جو عملي تجربو ڪرڻ جو وقت ويجهو نظر اچي رهيو آهي.
ڏسجي ته ان بساط تي ڪنهن کي ڪوئين/وزير بڻائي اڳيان آندو ويندو. جيڪو به سياستدان پنهنجن وزيرن ۽ پيادن (عوام ۽ ووٽرن) جي حفاظت ڇڏي بادشاهه جي اشاري تي هلندو ته پاڻ به گهيرجي سگهي ٿو. جيڪا به سياسي پارٽي ڪنهن ننڍڙي انعام (ڪرسي) جي صورت ۾ اها ترميم قبول ڪندي ته اهو اقتدار عارضي هوندو ۽ ان پارٽيءَ جون پاڙون عوام جي دلين مان هميشه لاءِ پٽجي وينديون. هن بساط تي عدليه کي اڳ ئي ڪمزور ڪيو ويو آهي جيڪي پارليامينٽ ۽ انتظاميه کي توازن ۽ انصاف ڏيندا آهن انهن کي اڳ ئي ڪمزور ڪيو ويو آهي. لڳي ٿو مستقبل ۾ اهي صرف تماشائي بڻجي قانون جي حڪمرانيءَ جو وجود ختم ٿيندي ڏسندا. هن شطرنج جي بازيءَ کي سمجهي سڀني کي گڏجي پنهنجن حقن جي حفاظت لاءِ آواز بلند ڪرڻ گهرجي. نه ته پوءِ راند هميشه لاءِ ختم ٿي ويندي. بساط تي ڪوئين/وزير جيتري به بااختيار هجي، پر انهن جي ٿوري بيپرواهي کين دفاعي مهرن کان مات ڏياري سگهي ٿي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟